اڄوڪو ڏينهن 19 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

'اپريل' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 19 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    19 اپريل 1418ع سيد حسين شاهه مراد شيرازي (ٺٽو)جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1903ع ليکڪ ڀوڄ راڄ نانگراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1913ع ليکڪ جڳت آڏواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1928ع لطيف جي پارکو ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو.
    19 اپريل 1934ع صحافي گهنشام منگلاڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1937ع گلوڪار گرمک بجاج (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1955ع اداڪار دليپ بچاڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1955ع ليکڪا عذرا جبين (ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1960ع مزاحيه اداڪار عمر شريف جو ڪراچي ۾ جنم ٿيو.
    19 اپريل 1967ع ليکڪ، پبلشر ۽ شاعر علي گوهر الطاف ملڪاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    19 اپريل 1975ع ليکڪ ۽ شاعر بخشل باغي (نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    19 اپريل 1912ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير شيخ صادق علي لاڏاڻو ڪري ويو.
    19 اپريل 1974ع سابق صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جو انتقال ٿيو.
    19 اپريل 1970ع اردو جي مصنف ۽ ڊراما نگار امتياز علي تاج کي قتل ڪيو ويو.
    19 اپريل 2015ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر الهورايو انور موج دل جي دوري سبب گلشن حديد ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 اپريل 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو