مست
سينيئر رڪن
هر سال وانگر هن نئين هجري سال 1431 جي شروعات ۾ به الله جي پاڪ گهر ڪعبته الله کي پاڪ پاڻي سان غسل ڏنو ويو۔۔۔ ياد رهي ته هر اسلامي سال جي ٻن مهينن محرم الحرام ۽ شعبان المعظم ۾ ڪعبته الله کي غسل ڏنو ويندو آهي۔۔۽ هي سال جو پهريون غسل هو۔۔غسل جي تقريب ۾ مڪه مڪرمه جي گورنر، خادمين حرمين الشريفين، خانه ڪعبه جي سينيئر چاٻي بردار، معروف علماءِ ڪرام سميت مختلف اسلامي ملڪن جي سفيرن شرڪت جي سعادت حاصل ڪئي۔۔
غسل جي لاءِ پاڻي خاص طريقي سان تيار ڪيو وڃي ٿو۔۔۔ آب زم زم جي پاڻيءَ ۾ عرقِ گلاب ۽ عود جو عطر ملائي هڪ مرڪب تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان پاڻيءَ ۾ ڪپڙي کي ڀڄائي ڪعبته الله جي اندرئين ديوارن ۽ فرش کي صاف ڪيو وڃي ٿو۔