زلزلو ڪيئن ايندو آهي؟!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    فاروق بجاراڻي
    [​IMG]تازو 16 اپريل 2013ع تي پاڪستان، ايران ۽ عرب رياستن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي اولهندي حصي ۽ ان سان لڳندڙ ايراني بلوچستان جي اڀرندي سرحدي علائقن ۾ ڪجهه جاني نقصان به ٿيو آهي. اچو ته اهو ڏسون ته سائنس جو علم زلزلي جي سببن بابت ڇا ٿو چوي؟ سائنس مطابق ڌرتي جي لُڏڻ جا ٻه بنيادي
    سبب هوندا آهن، هڪ زميني مٿاڇري تي ڪنهن انساني يا هٿرادو ڀڃ ڊاهه سبب مٿاڇري جو لُڏڻ يعني جيڪڏهن ڪٿي ڪو بم ڦاٽي يا ڪٿان ڪا ريل گاڏي وغيره گذرندي آهي ته ان وقت آسپاس زمين لڏندي محسوس ٿيندي آهي، جيڪو به حقيقت ۾ هڪ قسم جو هلڪو زلزلو هوندو آهي، پر ان جي وسعت ۽ نقصان نه هجڻ برابر هوندو آهي، تنهن ڪري ان کي نظر انداز ڪري زلزلي جي ٻئي ۽ اصلي قدرتي سبب يعني زمين جي تهن جي هيٺان ڀڃ ڍاهه طرف اچون ٿا. انهيءَ مطابق دنيا ۾ زلزلي جا ٻه مکيه سبب آهن. يعني هڪ ڌرتيءَ جي تهن جي چرپر، جنهن کي انگريزي ۾ پليٽ ٽيڪٽونڪس (plate Tectonics) چيو ويندو آهي ۽ ٻيو ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ (Volcanic Eruption) .
    هاڻي پهرين اهو مختصر سمجهون ته پليٽ ٽيڪٽونڪس جو نظريو ڇا آهي؟ ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين توهان پنهنجي اڳيان سڄي ڌرتيءَ جو هڪ نقشو سامهون رکو. 1912ع ۾ جرمنيءَ جي هڪ جاگرافيدان الفريڊ ويگنر دنيا جو نقشو ڏسندي اها دعوى ڪئي ته شايد ڪنهن وقت ۾ آفريقا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا، هندستان، عرب ملڪ ۽ انٽارڪٽيڪا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي برازيل جو اڀرندي سامونڊي ساحلي علائقي کي اولهه آفريقا جي نائيجيريا، ڪيمرون ۽ گيبون جي ساحلي علائقي سان ملائيندا ته بلڪل هڪ ٻئي سان جُڙي ويندا ۽ وري ٻئي طرف اوڀر آفريقا ۾ تنزانيا ۽ ڪينيا جي ساحل کي آسٽريليا جي اولهندي ساحل سان ملائيندا ۽ وري آفريقا جي صوماليا ۽ ايٿوپيا جي ساحل کي يمن ۽ سعودي عرب جي اولهندي ساحل سان ملائيندا، آفريقا ۾ موزمبيق جي اڀرندي ساحل کي مڊغاسڪر جي اولهندي ساحل سان ملائڻ سان، اهي سڀ علائقا هڪ ٻئي سان جڙندي محسوس ٿيندا ۽ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن. آخر ڪار مسٽر ويگنر اهو نظريو پيش ڪيو ته ڪروڙين سال اڳ دنيا جا سڀ کنڊ پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا ۽ هڪ وڏو کنڊ (Super Continent) هو، جيڪو زميني سطح جي هيٺان ڦيرگهير سبب ٻن حصن اترئين کنڊ (يعني موجوده ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا) ۽ ڏاکڻئين کنڊ (يعني آفريقا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا، هندستان، عرب ملڪ، انٽارڪٽيڪا) ۾ تقسيم ٿي ويو ۽ انهن ٻنهي وڏن کنڊن بعد ۾ زميني سطح کان هيٺ ڀڃ ڊاهه سبب، وري مختلف ننڍن حصن ۾ ورهائجي، الڳ زميني پليٽن جي شڪل اختيار ڪري، مختلف طرفن ۾ پنهنجا سفر شروع ڪيا، جيڪي اڄ تائين جاري آهن ۽ انهن پليٽن جي حرڪت جي رفتار تمام سسُت يعني سال ۾ هڪ انچ کان چار انچ تائين آهي. انهيءَ نظرئي مطابق هن وقت زمين ڪيترين ئي وڏين ۽ ننڍين پليٽن ۾ ورهايل آهي، جيڪي لڳاتار هڪ سُسُت رفتار سفر ۾ آهن. مثلاً: يوريشين پليٽ (يورپ ۽ ايشيا کي گڏائي يوريشيا سڏيو ويندو آهي) آفريقن پليٽ، انڊو آسٽريلين پليٽ، پئسفڪ پليٽ، نارٿ آمريڪن پليٽ، سائوٿ آمريڪن پليٽ، عربي پليٽ، ڪيئربين پليٽ، انٽارڪٽڪ پليٽ وغيره. پاڪستان، هندستان کان وٺي آسٽريليا تائين، ساڳئي زميني پليٽ آهي، جنهن کي انڊو- آسٽريلين پليٽ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي اترئين حصي تي وري هڪ ننڍي پليٽ انڊين پليٽ آهي، جنهن ۾ سڄو انڊيا ۽ پاڪستان جا ڪجهه حصا آهن ۽ پليٽ ٽيڪنوٽڪس جي نظريي مطابق اها انڊين پليٽ اٽڪل ٽي کان پنج ڪروڙ سال اڳ آفريقا کان ڌار ٿي اتر اوڀر طرف پنهنجو سفر هر سال ٽي انچ جي حرڪت سان شروع ڪيو ۽ لکين سال اڳ نيٺ اچي، يوريشين پليٽ جي چين واري حصي سان ٽڪرائي، جنهن ۾ انڊين پليٽ لڳاتار چيني پليٽ جي هيٺان دٻجي رهي آهي ۽ ٻنهي پليٽن جي هڪ ٻئي سان دٻجڻ ۽ ٽڪر سبب اها زميني سطح مٿي ٿي وئي ۽ هماليه جبل وجود ۾ اچي ويو ۽ مستقبل ۾ لکين ڪروڙين سالن کان پوءِ شايد هندستان جو وجود ئي نه رهي، ڇاڪاڻ ته انڊين پليٽ مڪمل طور چيني پليٽ هيٺان دٻجي ويندي. پليٽ ٽيڪٽونڪس جي نظريي مطابق دنيا جون مختلف پليٽون لڳاتار حرڪت سبب هڪ ٻئي تي زور لڳائين ٿيون ۽ جڏهن اهو زور هڪ خاص حد تي پهچي ٿو ته اوچتو هڪ جهٽڪي سان انهيءَ زور جي توانائي خارج ٿئي ٿي، جنهن سبب ان جڳهه تي زميني سطح لڏندي آهي ۽ زلزلو ايندو آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي زلزلا به انهن پليٽن جي ڇيڙن يا حدبندي وارن هنڌن تي ايندا آهن، جن کي فالٽ لائنز سڏيو ويندو آهي ۽ ڪجهه زلزلا پليٽن جي ڇيڙن يعني فالٽ لائنز کان گهڻو اندر پليٽ جي وچ وارن هنڌن تي ايندا آهن، جيئن 1819ع ۽ 2001ع ۾ سنڌ جي ڏکڻ ۾ ڪڇ ۾ خوفناڪ زلزلا آيا، حالانڪه اتان کان فالٽ لائين 400 ڪلوميٽر اولهه طرف لسٻيلي جي ويجهو آهي. اهڙن زلزلن جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته شايد انهن هنڌن تي به زمين هيٺان نوان ڏار ۽ فالٽ لائنز پيدا ٿي رهيون آهن. زلزلي اچڻ جو ٻيو سبب ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ به هوندو آهي ۽ ٻرندڙ جبل به گهڻي ڀاڱي انهن زميني پليٽن جي ڇيڙن واري هنڌ يعني فالٽ لائنز جي ويجهو هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻن پليٽن جي جوڙ واري هنڌ سبب اتان زميني سطح ڪجهه ڪمزور هوندي آهي، جتان زمين جي مرڪز ۾ موجود ٻرندڙ شعلن يعني لاوي کي ٻاهر نڪري زميني سطح تي پهچڻ لاءِ آسان رستو ملي ويندو آهي. خاص طور تي پئسفڪ پليٽ جي ڇيڙن تي چوڌاري ٻرندڙ جبل ملندا آهن، جيڪي جاپان، فلپائن ۽ سڄي پئسفڪ سمنڊ مان ڦري آمريڪا جي ساحل تائين گول دائري وانگر پکڙيل آهن ۽ ان دائري سان گهڻي ڀاڱي ٻرندڙ جبل هجڻ سبب ان کي باهه جو دائرو (Fire Ring) به سڏيو ويندو آهي، ڪجهه ٻرندڙ جبل پليٽن جي ڇيڙن بدران انهن جي وچ ۾ به ملندا آهن. جڏهن ڪنهن ٻرندڙ جبل مان لاوو نڪرندو آهي ۽ جڏهن لاوو بند ٿي ويندو آهي ته جبل جي زميني منهن کان ڪافي هيٺ تائين به اهو لاوو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي، جنهن سبب ٻئي دفعي لاوي کي نڪرڻ جو رستو نه ملندو آهي ۽ نتيجي ۾ زميني سطح کان ڪافي هيٺ اهو لاوو لڳاتار پريشر لڳائيندو آهي ۽ آخرڪار پنهنجي بند ٿيل رستي کي هڪ وڏي جهٽڪي سان ٽوڙيندو آهي، جنهن سبب انهيءَ ٻرندڙ جبل جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا ايندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا اهو اڳواٽ اطلاع به ڏيندا آهن ته ٻرندڙ جبل جلد ئي ڦاٽڻ وارو آهي.
    تازو پاڪستان ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ آيل زلزلو به پليٽ ٽيڪٽونڪس سبب زميني تهن جي ڀڃ ڊاهه جو ئي نتيجو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا سنڌ ۽ پنجاب صوبا مڪمل طور انڊين پليٽ ۾ آهن، جنهن جي يوريشين پليٽ سان حدبندي ڪراچي کان اولهه طرف لسٻيلي جي ساحل کان اتر ۾ خضدار ۽ ڪوئيٽا جي آسپاس آهي ۽ ڪوئيٽا کان ڊيرا اسماعيل خان، بالاڪوٽ، هزارا، آزاد ڪشمير ۽ اتان اها حدبندي هندستان ۽ نيپال جي سرحدي علائقن ۾ هماليه جبل کان ٿيندي، برما، انڊونيشيا ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ تائين وڃي ٿي. وري مڪران جي ساحل کان يوريشين پليٽ ۽ عربي پليٽ جي حدبندي شروع ٿئي ٿي، جيڪا ايران کان گذري ترڪي تائين وڃي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ايران جي انهن علائقن ۾ ماضيءَ ۾ به ڪافي خطرناڪ زلزلا آيا آهن. ان کانسواءِ انڊو- آسٽريلين پليٽ يعني انڊين پليٽ ۽ يوريشين پليٽ جي حدبنديءَ جي ويجهو واقع هجڻ سبب 1935ع ۾ ڪوئيٽا ۽ 2005ع ۾ بالاڪوٽ ۽ آزاد ڪشمير ۾ به خوفناڪ زلزلا آيا.بشڪريه ڪاوش
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الله پاڪ پنهنجي ٻاجهه ڪندو ۔۔۔ هن زلزلي سب آيل جهٽڪن سبب مٿي کي چڪر آيا هئا، جنهن سبب اڃان تائين مٿو ڦري رهيو آهي۔ اوهان سٺي ۽ ڄاڻ واري شيئرنگ ڪئي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو