ڪالم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آفتاب احمد سرهيو طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2013۔

  1. آفتاب احمد سرهيو

    آفتاب احمد سرهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2013
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    قاسم آباد مُنھنجو شھر آھي

    خوبصورت شامُن ۽ امڙ کان ٻُڌل ڪھاڻيونِ جھڙو ھي شھر حيدر آباد ھاڻي اھو حيدرآباد ڪونھي رھيو٬ نه ساڳيو گاڏي کاتو نه ساڳي ھيرآباد ۽ نه وري ساڳيو ڪيفي جارج، سڀ ڪُجھ ڏسندي ئي ڏسندي ھٿن مان گُم ٿي ويو. ھٿن سان سڀ ڪُجھ وڃائڻ کان پوء جڏھن پيرن سان ڳولھڻ شروع ڪيو سين، ته نتيجي ۾ جيڪو ڪجھه اسان کي مليو تنھن کي قاسم آباد چوندا آھن.
    ميرن، پيرن، وڏيرن، ڀوتارن، سياسي ۽ سماجي شخصيتُن سان ٽٻٽار ھي لاوارث شھر جنھن ۾ سنڌ جي ھر علائقي ۽ ھر نسل جو ماڻھون اوھان کي ملندو٬شايد اھو ئي سبب آھي جو ھي اسٽيشن نُما شھر ڪنھن به لحاظ کان اوھان کي ڪنھنجو به شھر نه لڳندو٬ ھتي رھندڙ ھر ماڻھون ھن شھر کي ثانوي حيثيت ڏي ٿو جڏھن ته ھو اھو ٻڌائيندي فخُر محسوس ڪري ٿو ته مان ا صُل فلاڻي الف ب ت شھر جو آھيان٬ ان جو عملي منظر اوھان عيدُن ۽ ٻين مذھبي تھوارن تي پسي سگھو ٿا، جڏھن ھتان جي نوي سيڪڙو آبادي قاسم آباد ڇڏي پنھنجن ا صُل اباڻن شھرن ڏانھن مُنتقل ٿي وڃي ٿي ۽ باقي ڏھ سيڪڙو آبادي ٽن کان چئن ڏينھن تائين ڪنھن ڪرفيو واري صورتحال ۾ زندگي گُذارڻ تي مجبور ٿي پئي ٿي ٬ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ شاگردن لاء ته قاسم آباد فقط ھاسٽل جو بدل ئي آھي٬
    ھيڏي وڏي آبادي جي ھوندي به ڪاروبار جي لحاظ کان قاسم آباد کي ڪا سُٺي حيثيت حاصل ڪونھي ، جڏھن ته پئسي ۽ ڪاروباري تجربي جي لحاظ کان سنڌ جا نالي وارا ڪٽنب سالن کان ھتي آباد آھن٬ قاسم آباد ۾ اوھان کي نه سٺي ريسٽورينٽ ملندي نه ڪو سٺو مارڪيٽ يا شاپنگ مال ۽ نه ئي ڪا سٺي تفريحي جاء جتي ماڻھون پنھنجي ڪٽنب سان گھرن کان ٻاھر نڪري ڪجھه گھڙيون سڪون سان گُذاري سگھي٬ ان جو سبب ڀل ته ماڻھون ڀتاخوري ۽ بدامني ٻڌائيندا ھجن پر اھا به حقيقت آ ته جديد سائنسي علم ، صنعتڪاري يا ٽئڪنالوجي جي گھٽ ڄاڻ ھجڻ ۽ مستقل رھائش اختيار نه ڪرڻ جي سبب ھتي جڳھُن ، فليٽن ۽ پلاٽن جي مسلسل خريد ۽ وڪري جي ڪاروبارکي ئي صنعتي حيثيت حاصل آھي ،ان ڪري قاسم آباد ۾ اوھان کي ھر ٻيون يا ٽيون دڪان ”ريئل اسٽيٽ ايجنسي“ جو ملندو، ۽ ھِن جي جڳھه ھُن کي ھُن جو پلاٽ ھِن کي ڏيندي سوين اسٽيٽ ايجنٽ اھا ڪاروباري راند ڪُڏندي اوھان کي نظر ايندا نتيجي ۾ جڳھن جون قيمتون ايتريون مھانگيون جھڙوڪ سعودي عرب جو اھڙو علائقوجتان تيل نڪرندو ھجي جڏھن ته ڇھن فٽن جي کاٽي کڻڻ تي سم جو پاڻي ڌپ ڦھلائي بيٺو ملندو٬ گھٽ سيڙپ ۽ وڌيڪ مُنافعي واري ھن ڪاروبار جي ڪري اڪثر ھتان جو ماڻھون ٻئي ڪنھن ڪاروبار جو سوچي به نه ٿو سگھي٬
    مولويپڻو، ڪامريڊي ۽ وڏيرڪي اھڙيون ڪيفيتون آھن جيڪي ڪنھن به وقت ڪنھن به شخص تي طاري ٿي سگھن ٿيون، ان ڪري توھان کي قاسم آباد جو ھر ماڻھون بدقسمتي سان انھن ڪيفيتن ۾ مبتلا ملندو٬بيٺي بيٺي گوڙ ھُلُ ھنگامو ٿيندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دُڪان بند ٿي ويندا پُڇڻ تي خبر پوندي ته فلاڻي ڀوتار جي فقط گاڏي پوليس روڪي جنھن تي قاسم آباد ۾ رھندڙ ان ڀوتار جي تر جا ماڻھون جاڳي پيا٬سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو مسئلو ھُجي يا پاڻيء جو، سنڌ جي ھڪ سياسي پارٽي ھڙتال جو ھڪ ڏينھن سڏُ ڏيندي اڃا ھڙتال جاري ئي ھوندي ته شام جو ٻئي ڪنھن پارٽي طرفان ھڙتال جا اعلاني ڪاڳر ماڻھون پڙھندي نظر ايندا٬ ڪاروباري ترقي ٿئي ته ٿئي ڪيئن؟ ڪجھه مھينا اڳ ھڪ قومپرست پارٽي جا بيروزگار نوجوان سنڌي ٻولي سان بي انتھا محبت جي اظھار ڪندي قاسم آباد جي دُڪاندارن کي اھا اپيل ڪري رھيا ھُئا ته ھو گھٽ ۾ گھٽ قاسم آباد ۾ پنھنجن دڪانن جا سائن بورڊ سنڌيء ۾ لکرائن سچ پُڇو ته جيتري دير انھن بيروزگار نوجوانن مان ھڪ نوجوان کي ڪنھن دڪاندار جي مدد ڪندي “ ايزي لوڊ دستياب آھي“ لکي ڏيڻ ۾ لڳي ايتري دير ۾ لطيف آباد مان گڏھه گاڏيء تي ٻارن جي لاء نمڪو واريون ٿيلھيون کڻي ايندڙ پوڙھو، دڪاندارن جا مليل آرڊر پورا ڪري ٻه ٽي سئو روپيا بيٺي بيٺي ڪمائي ھليو ويو٬گوشت کان وٺي گاھه تائين ڪاروبار تي قبضو لطيف آباد ۽ پريٽ آباد وارن جو آ باقي اسان ان ۾ خوش ته علائقو اسان جو آ ان ڪري بورڊ پنھنجي ٻولي ۾ لکرايو٬
    سياسي پارٽين جي ميڊيا سينٽرن ، سياسي ھائوسن ۽ وڏين وڏين اين جي اوز جي ھوندي به قاسم آباد جي روڊن کان وٺي
    روحن تائين سڀ ٽُٽل ۽ اُجڙيل نظر ٿا اچن، گند جا ڍير ۽ انھن ۾ واسو ڪندڙ مڇر ۽ مکيون قاسم آباد جو مقدر بڻجي ويا آھن ، اصل ۾ جڏھن ذھن گندا ٿي پوندا آھن تڏھن پاڙا ۽ شھربه گندگي جا ڍير ٿي پوندا آھن٬ سَوَنِ جي تعداد ۾ رولو ڪُتا ھر گس ۽ گھٽيء ۾توھان کي رولندي ملندا٬ ھن علائقي مان موجوده حڪومت جا چونڊيل نمائندا خبر نه آھي ته ڪٿي آھن ؟ باقي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ زرداري جي لفظن واريون پٽيون لڳل دِيوَ جيڏيون وڏيون گاڏيون ھتان جي ننڍن ۽ ڀڳل روڊن تي اوھان کي عام ۽ جام نظر اينديون٬ سنڌ جي نالي وارن ڀوتارن، ڪامريڊن، سياسي ۽ سماجي ليڊرن ۽ تنظيمُن جي موجودگي جي باوجود به ھتان جي ماڻھن جو شعور ان جاء تي ئي بيٺو آ جو ڪنھن عورت کي سرعام اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته سڀ وات پٽيو بيٺا تماشو ٿا ڏسن٬
    اھا سموري صورتحال ڪنھن روشن مستقبل جو دليل ته نه ٿو ٿي سگھي پر پوء به ھن شھر کي شھرِ دلدار سمجھندڙ چاچو ولي جنھن وٽ ھن شھر کي سجائڻ جا ڪئين خوبصورت خواب آھن، ھو جڏھن پنھنجي ٿڌڙي لھجي ۾ ويھي ھن شھر جي روشن مستقبل جون تصويرون چٽي ٿو ايئن لڳي ٿو ڄڻ سوين چنڊ اندر ۾ اُڀري پيا آھن، اصل ۾ ھو قاسم آباد کي ننڍي سنڌ سمجھي ٿو، ھو چاھي ٿو ته ھي شھر سنڌ جو نئون نيرون ڪوٽ ٿي اُڀري ٬ ھو اڪثر ڪري علامه دائود پوٽو لائبريري جي وڏي دروازي ڏانھن ان اميد سان نھاري ٿو ته ڪو نوجوان ھڪ ڏينھن ڪنھن ڪميشن جي امتحاني نتيجي بدران ھن قوم جي آجپي لاء انقلابي عَلَم ُ بُلند ڪري ٻاھر نڪرندو ۽ سارو قسم آباد ته ڇا ساري سنڌ ھن جي پويان لڳي پوندي٬ ھو ڪنھن به قيمت تي ھن شھر کي ٻيھرھٿن سان وڃائڻ نه ٿو چاھي ڇو ته ھو ڄاڻي ٿو جي ھاڻي ائين ٿيوته پوء ٻيھر پيرن سان ڳولڻ لاء ھن وٽ نه پير ھوندا ۽ نه ئي پيرن ھيٺان ڌرتي٬
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آفتاب سائين سچيون ۽ کريون ڳالهيون لکيون اٿو، اسان سنڌي مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪڏهن شعوري طور سجاڳ ٿينداسون۔ ڪراچي جا به اهي علائقا جتي سنڌي اڪثريت ۾ آهن اتي پاڻ ۾ نه ٺهن، جيڪڏهن ڪا سماجي تنظيم يا رهواسي ڪو چڱو ڪم ڪندا ته ڪيئي انهن جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ لڳي ويندا۔ مان اهو تجزيو ڪيو آهي ته سنڌ کي اسان جي اٻوجهه ۽ اڻپڙهيلن نه پر لکيل پڙهيل ۽ سياسي اڳواڻن ۽ تنظيمن وڌيڪ تباهه ڪيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. آفتاب احمد سرهيو

    آفتاب احمد سرهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2013
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ادا سليمان ڪالم پسند ڪرڻ جي مهرباني، باقي ادا سنڌ کي هڪ رهبر جي ضرورت آ، دعا ڪريو ملي وڃي۔
     
  4. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    ادا آفتاب آهن ته سڀ حقيقتون ۽ جيڪڏهن ڪو رهبر نڪري به اچي ٻاهر ان کي هي پير مير وڏيرا ۽ ڪامريڊ جيئڻ ڪو نه ڏيندا بس کوٽ آهي ته شعور جي جيڪو اسان جي قوم ۾ الاهي ڪڏهن اجاگر ٿيندو۔

    سدائين گڏ
     
  5. آفتاب احمد سرهيو

    آفتاب احمد سرهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2013
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ادا نويد توھان صحيح ٿا چئو۔
    سَــــرَ نِـــــســــرِيا پـــــاندَ، اُتَــــرَ لـــــڳا، آءُ پِــــــرِيـــــــن!
    مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! سلام ڇا توهان جون بهترين لکڻيون مان روزاني جيجل اخبار ۾ هلائي سگهان ٿي توهان جي ئي نالي سان؟جيجل اخبار سنڌ ٽي وي جي اخبار آهي ڪجه ڏينهن ٿيا آهن مارڪيٽ ۾ آئي آهي
     
    آفتاب احمد سرهيو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو