دادو ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تيز رفتار ويگن جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ويگن ڪلٽي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حاڪم علي ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2013۔

  1. حاڪم علي ڪنڀر

    حاڪم علي ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    0
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دادو(رپورٽ:- مقبول چانڊيو) ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تيز رفتار ويگن جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ويگن ڪلٽي ٿي پئي.


    [​IMG]
    جنهن جي نتيجي ۾ 8 سالا ٻارسکر واسي ڪامران پٽ رزاق سومرو، رفيق سومرو۽ نبيلا سومرو موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٻن عورتن سڪينه چانڊيو ۽ زينب سمون سميت 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ميهڙ واسي علام نبي چانڊيو سندس زال سڪنيه چانديو، نصرالله شيخ، فيض الله شيخ، ظفر کوکر،خادم جانوري، خيرپور ميرس واسي غلام جانوري،اعجاز دشتي،لاڙڪاڻي واسي علي گل ڀنگر، وحيد سمون، ويٺل ٽڳا،رسول بخش جويوسميت 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي رستي سان ايندڙ گاڏين ذريعي تعلقه اسپتال ميهڙ پهچايو ويو. جتي 3 ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو_

    بي بي سي سنڌ جي ٿورن سان
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    رب پاڪ جا لک احسان۔۔۔ جو هن دردناڪ حادثي ۾ منهنجي ڀاء ۽ سنڌ سلامت جي رڪن وحيد سمون ۽ سندس گهر واري کي وڌيڪ زخم نه رسيا۔۔ ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ باقي سمورن مسافرن کي سخت زخم رسيا آهن۔ دعا آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيلن کي رب پاڪ مغفرت بخشي ۽ زخمين کي جلد صحت عطا فرمائي (آمين)
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪالهه اسان جي فورم جو منتظم اعلى ذيشان رشيد ۽ دوست عرس پريو منهنجي اوطاق تي آيا هئا۔ عبدالحفيظ لغاري ۽ اسان جي ڪچهري سان گڏ سنڌ سلامت جي اپڊيشن به هلي رهي هئي ته ڀاء رشيد کي ڪا فون آئي ۽ پاڻ ٻاهر اٿي ويا۔ ٿوري دير ۾ هو عرس کي به ٻاهر وٺي ويا ۽ فون تي ڳالهائيندا رهيا۔ ڪمري ۾ واپس آيا ته پرشاني سندس چهري مان نمايان هئي۔ مون ان پريشاني جو سبب پڇيو ته خير ته آهي؟

    پاڻ ٻڌايائون ته خير ناهي۔۔۔۔ !!!! هاڻ مان به پريشان ٿي ويس، ڇو ته ڀائرن جهڙي دوست جي پريشاني پنهنجي پريشاني هوندي آهي۔ پاڻ ٻڌايائون ته لاڙڪاڻي کان ڳوٺ ايندي وحيد جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي۔ ڪجهه ماڻهو فوت به ٿيا آهن۔ ان ئي وقت حفيظ اسان جي ميهڙ ۾ موجود سنڌ سلامت جي ساٿي ڪولاچي عبدل کي فون ملايو ۽ فوري طور ميهڙ اسپتال وڃڻ جو چيو۔ هيڏانهن رشيد به ڳوٺ روانو ٿيڻ لاء اسان کان موڪلائي نڪتو۔ چند ئي منٽن ۾ دوست ڪولاچي جو فون آيو ته وحيد ۽ سندس گهرواري خيريت سان آهن، ڪجهه معمولي ڌڪ رسيا اٿن ۽ خطري واري ڳالهه ناهي۔ رشيد سان ٻيهر رابطو ٿيو ۽ پوء وڃي ڪجهه مطمعن ٿياسين۔ رب جا ٿورا جنهن ڪرم ڪيو۔دعا آهي ته رب پاڪ سڀني کي محفوظ رکي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    رب جا ٿورا جنهن ڪرم ڪيو۔دعا آهي ته رب پاڪ سڀني کي محفوظ رکي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    رب پاڪ سڀني کي پنهنجي امان ۾رکي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    الله ايتري ۾ خيئر ڪيو

    رب پاڪ ادا وحيد کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ان حادثي جو مون کي به دلي طرح افسوس ٿيو۔۽ دعا آهي ته رب تمام زخمين جي شفاء عطاء فرمائي آمــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    اوچتو خبر ٻڌي فلحال ته ڇرڪ نڪري ويو ڏاڍوافسوس ٿيو حادثي جو ٻڌي الله پاڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن کي جنتالفردوس ۾ جڳه عطا فرمائي ،انهن جي پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي،
    ادا وحيد کي الله پاڪ پنهجي پناه ۾ رکيو،الله پاڪ پنهجو ڪرم ڪيو،آء دعاگو آهيان،
    الله پاڪ سڀني کي پنهجي پناه ۾ رکي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    انهي وقت اچانڪ اها خبر اچڻ اوسان خطا ڪندڙ هئي۔ پر اسان جي سنڌ سلامت جي ساٿين جو سڄي سنڌ ۾ هُجڻ جو سدائين اهو فائدو ٿيو آهي ته آئي ويل ڪنهن جو ڪو مسئلو حل ڪرڻ ۾ هو ڪڏهن به ڪنڌ ناهن ڪڍائيندا۔
    ايئن ئي انهي ڏينهن ٿيو جو ميهڙ پُهتل زخمين جي اطلاع ملڻ ۽ پريشاني جي عالم ۾ هڪ ئي حل سُجهيو ته رشيد پنهنجي ڳوٺان ماڻهو موڪليا ته وڃي وحيد سمون جي خبر وٺن۔
    اهڙي ۾ ڪولاچي عبدل جو خيال ايندي ئي کيس چيو سون۔ هو ٻن منٽن ۾ هاسپيٽل پُهتو۔ وحيد جي خبر ورتي۔ ۽ اسان کي به سندس خيريت سان هُجڻ جو ٻُڌايائين ته تسلي ٿي۔
    الله انهي ڪم جو ڪولاچي کي اجر ڏي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,725
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    الله پاڪ سڀني ٻچڙيوال پورهيتن، سنگتين ساٿين، مٽن عزيزن ۽ سنڌ واسين جي جان پنهنجي امان ۾ رکي۔۔واقعي مون جڏهن سائين سليمان وساڻ صاحب جو ليک پڙهڻ لڳس ته الله خير، الله خير جي صدا اندر ۾ چوڻ لڳس۔۔الله پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آهن جو سڄڻن جا عزيز بخير و عافيت سان آهن۔۔پر اهي حادثا وڏا هنيا ڏاريندڙ ٿيندا آهن۔۔ڇو ته تازو مان به اهڙي ئي هڪ حادثي واري واقعي مان گذري چڪو آهيان۔۔الله پاڪ کان هر هر دعا آهي ته شل سمورن دوستن جي جان مال، عزت ۽ آبرو سلامت هجي۔ الله پاڪ سڀني جي مٽن ، عزيزن کي هر ڏُک ۽ پريشاني کان پري رکي انهن جون جانيون ۽ مال مهفوظ هجن۔ ۔۔آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو