صبح کان شام تائين هڪ عورت عزت سان ڪمائڻ لاءِ پنهنجي گهران نڪري ٿي، گهران نڪرڻ وقت اِهو چئي موڪلائي ٿي ته ”زندهه سلامت عزت سميت واپس آيس ته توهان جي نه ته رب جي“ اُن جملي ۾ ڪيتري نه مايوسي، نااميدي ۽ عدم تحفظ جي جهلڪ آهي. گهران نڪرندڙ عورت کي ڄڻ ته اها پڪ هجي ڄڻ هو ڪونه موٽندي ۽ جيڪڏهن موٽي به ايندي ته ڪٿي ڪنهن ويري جي حوس جو شڪار ٿيڻ بعد رت ۾ ليڙون ليڙون نه هجي ، ڪٿي عزت داغدار نه هجيس، بي يقيني ۽ بي وسي جو ڪفن سر تي ٻڌي آخرڪار هوءَ گهران نڪري ٿي. سڀ کان پهرين گهران بس اسٽاپ تائين تکيون ۽ تيز ترار اکيون ننهن کان چوٽيءَ تائين سندس عزت کي ڳڀا ڳڀا ڪن ٿيون، تنهن کان پوءِ بس جي سفر کان ويندي آفيس تائين سندس نظرون فقط روڊ ڏانهن رهن ٿيون ته ڪڏهن سفر ختم ٿيندو ڇو ته بس ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جون اکيون ۽ بس ۾ هلندڙ فحش ڪلام منزل تائين پهچڻ تائين سندس ذهن سـُن ڪري ڇڏين ٿا، تنهن کان پوءِ آفيس ۾ پهچندي ئي اُتي ويٺل سندس آفيس مالڪ کان ويندي اسٽاف ۽ پيٽوالين جون اکيون کيس بدڪردار سمجهندي ان جو نظرن سان .... بلادڪار ٿئي ٿو، کيس گهڻن ئي طرحين سان آڇ ٿئي ٿي، سندس ڪمزورين ۽ مجبورين کي بيناد بڻائي کيس مڪمل طور تي هيڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جڏهن پنهنجي ڪوششن ۾ ناڪام ٿين ٿا ته وري ڪنهن ٻئي نموني کين هارائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سندس ڪردار تي آڱريون اُٿن ٿيون، جن ماڻهن کي به هُن عورت انڪار ڪيو هوندو دوستي کان ،اُنهن طرفان رچيل ڊراما، جملا ۽ سازشون کيس خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اُن عورت بابت سماج کان پنهنجي گهر جي رشتيدارن تائين بد ڪردار هجڻ جا ثبوت ڏيڻ لاءِ پڻ تيار ٿي وڃن ٿا. عورت صرف اُها ناهي جڪا نوڪري ڪري ٿي ڪاليج کان يونيورسٽيءَ جي تعليم پرائڻ واريون ڇوڪريون پڻ عورتون آهن.اڻ سڌريل ملڪ پاڪستان کي ڇڏي سڌريل ملڪن جي اِها حالت آهي جو هِڪ لنڊن جي خانگي اداري اِڪانامڪ ڪارپوريشن ۽ ڊولپمنٽ موجب دنيا جي 17 ملڪن ۾ هڪ سروي ڪئي ويئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ استاد ڇوڪرين جي ذهنيت کي اهميت ڏيڻ بدران انهن ڇوڪرين جي چهرن کي ڏسي مارڪون ڏيندا آهن، اهڙي قسم جي سروي دنيا جي 17 ملڪن جي تعليمي ادارن سان لاڳاپيل استادن، شاگردن ۽ ٻئي عملي کان ڪئي آهي. هي سروي دنيا جي انهن ملڪن ۾ ڪئي ويئي آهي، جتي ڪنهن حد تائين صنعتي توازن جو تصور موجود ناهي، جڏهن ته سروي ڪرائيندڙ اداري جو اهو چوڻ آهي ته اهڙي عمل جي ڪري ڇوڪرن ۾ اعتماد گهٽجي وڃي ٿو، جنهن سان اهي ڇوڪرا پاڻ کي گهٽ محسوس ڪرڻ لڳندا آهن، نتيجي طور اهي شاگرد ڪمتريءَ جي احساس جو شڪار ٿي وڃن ٿا، اهڙي طرح اهي شاگرد پنهنجي ذهانيت وڃائي ويهندا آهن. حقيقت اها آهي ته جن ملڪن ۾ صنعتي متڀيد جو تصور ڪنهن حد تائين موجود ناهي، اهڙن ملڪن ۾ به مٿي ڄاڻايل معاملا سامهون اچن ٿا. حقيقت اها آهي جو پاڪستان ۾ به اهڙي قسم جي سروي ڪرائي ويندي، تڏهن به نتيجو انهن ملڪن کان به ڪو گهڻو مختلف ناهي، جن ملڪن ۾ سروي ڪئي ويئي آهي، انهن ملڪن ۾ 85 سيڪڙو استاد ڇوڪرين جي ذهانت بدران سندن شخصيت کي ڏسي مارڪون ڏيندا آهن پر هتي اسان وٽ نتيجو ڪجهه مختلف ضرور هوندو جو اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هتي اهڙي قسم جي سروي ڪرائي ويندي ته 99 سيڪڙو استاد ساڳئي ئي ذهانت جو شڪار هوندا، هتان جي يونيورسٽين ۾ به اسان اهو سڀ ڪجهه ڏٺو آهي، جتي استاد شاگردن بدران شاگردياڻين کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن. چوڻ جو مقصد اهو ناهي ته ڇوڪريون پڙهڻ بدران انهيءَ ذهنيت جو شڪار ٿين ٿيون. ڇوڪريون ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنت ڪنديون آهن پر حقيقت جي نگاهه کان ڏٺو وڃي ته جيڪي شاگردياڻيون محنت ناهن ڪنديون، انهن جون مارڪون پڙهندڙ شاگردن کان وڌيڪ هونديون آهن، ان جو مقصد اهو ئي آهي ته استاد شاگردن کي اهميت ڏيڻ بدران شاگردياڻين کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن، انهن جي ذهانت کي ڏسڻ بدران سندن شخصيت کي ئي مارڪون ڏيندا آهن. بهرحال اسان جي سماج ۾ توڻي جو تعليمي ادارن ۾ اهو ساڳيو مسئلو آهي، جيڪو دنيا جي 17 ملڪن ۾ ڪيل سروي کان پوءِ سامهون آيو آهي، انهيءَ سموري پس منظر کي سامهون رکي اهو چئي سگهي ٿو ته مسئلي جو حل ان ۾ آهي ته شاگردن يا شاگردياڻين کي اهڙي قسم جي ذهانت جو شڪار ڪنهن به بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي، اهي شاگرد ئي آهن، جيڪي انهيءَ مسئلي کي حل ڪري سگهن ٿا. ٻهراڙيءَ جي عورت جنهن جي تعليم تي پابنديءَ سان گڏ خواهش جي شادي تي پڻ پابندي لاڳو آهي. عورت سنڌي سماج ۾ ذاتي ملڪيت وانگر تسليم ڪيو وڃي ٿو. پيار جي پرڻن کي وڏو گناهه ڄاتو وڃي ٿو. ڪارو ڪاريءَ جو وڌيڪ تعداد پڻ ٻهراڙيءَ ۾ ٿئي ٿو. آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم پرائيندڙ عورت ڪارو ڪاريءَ جو نشانو گهٽ بڻجي ٿي، ان بجاءِ اها عورت مرد جي نظرن جي تير جو نشانو بڻجندي رهي آهي، بڻجي پئي، جيڪڏهن کوکلا قانون صرف ڪاغذن تائين محدود رهيا ته سماج اندر ٻهراڙيءَ جي عورت ذاتي ملڪيت ۽ شهر جي عورت نظرن جي ملڪيت ئي رهندي. اها صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌندي ئي وڃي ٿي. سنڌ جون سياسي پارٽيون جن جي ايجنڊا ۾ عورت کي سياست ۾ شموليت ڪرڻ جو رواج اڃا تائين پوري ريت نه ڪيو آهي، جيڪڏهن ايندڙ چونڊن جو ئي مثال وٺجي ته ان ۾ عورتن لاءِ مخصوص سيٽون رکيون ويون آهن. اهو قدم ڪنهن حد تائين صحيح به آهي ته جيئن عورتون سياسي مک ڌارا ۾ اچي سگهن پر ان کان به وڌيڪ ضرورت ان شيءِ جي آهي ته عام سيٽن تي پڻ وڌ کان وڌ عورتن جي ئي نمائندگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. اهو هڪ اهڙو قدم آهي، جنهن وسيلي نه رڳو عورتن کي سياسي طرح سگهارو ڪري سگهجي ٿو پر انهيءَ سان گڏوگڏ عورتن جي نمائندگي وسيلي صنفي توازن کي پڻ هٿي وٺرائي سگهجي ٿي، جڏهن عورتون چونڊجي اسيمبلين ۾ اينديون ته انهن وسيلي عورتن جي مسئلن تي قانونسازي ڪرڻ ۽ اڳ ئي موجود قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ وڏي حد تائين مدد ملي سگهندي. عورت کي اڄ به اسان وٽ ڪمزور صنف سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري زندگي جي مختلف شعبن سان گڏ سياست ۾ پڻ اهي پوئتي پيل آهن. هتي هيءُ به مثال پيش ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ پئي وئي ته ان وقت ملڪ جي انتهاپسند ۽ تنگ نظر ڌرين اهڙيون فتوائون جاري ڪيون هيون ته هڪ اسلامي مملڪت جي سربراهه ڪا به عورت نٿي ٿي سگهي. اهي ڳالهيون اڄ به ملڪ جي پارلياماني تاريخ جو حصو آهن. ان جو مطلب هيءُ آهي ته ذهني طرح اڄ تائين اسان جو سماج عورت کي برابري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اڄ ڏينهن تائين عورتن جي صلاحيتن تي شڪ ڪيو وڃي ٿو. اهو هڪ پوئتي پيل فرسوده مرداڻي نظام جو واضح اهڃاڻ آهي. هن سلسلي ۾ اڄ ڏينهن تائين عورتن ۾ تعليم ۽ جاڳرتا جو ڪم ڪيو پئي ويو آهي. مختلف سماجي ۽ عورتن جي ڀلائيءَ سان تعلق رکندڙ تنظيمون ۽ ادارا ان سلسلي ۾ ڪم ڪندا رهيا آهن. هڪ پهلو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اڃايل رهيو آهي، اهو هيءُ آهي ته عورتن جي سماجي آزاديءَ لاءِ مردن تي گهٽ ڪم ڪيو ويو آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته اسان جي مرداڻي سماج ۾ جيستائين مردن جي ذهن ۾ تبديلي نه ايندي، ان وقت تائين عورتن جي سماجي آزادي ۽ حقن وارو معاملو رڳو بحث جي حد تائين محدود رهندو. هن مرداڻي سماج ۾ عورتن لاءِ ڪنهن به گنجائش ڪڍڻ لاءِ مردن جي ذهني ساخت ۾ تبديلي بنيادي شرط آهي. عورتن کي مک سياسي ڌارا ۾ آڻڻ وارو معاملو ته مٿانهين سطح جو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته جيڪي به عورتون، عورتن جي مخصوص سيٽن تي يا عام سيٽن تان کٽي اسيمبلين ۾ پهچنديون آهن ته اتي پڻ انهن سان برابر رويو نه رکيو ويندو آهي. اهي ڳالهيون رڪارڊ جون آهن ته اسيمبلي ميمبر عورتن کي پڻ چٺيون لکڻ، انهن کي موبائيل وسيلي ٽيڪسٽ ميسيج موڪلڻ کان وٺي انهن سان ٽوڪ ۽ طنز واري انداز ۾ ڳالهائڻ تائين، وارا معاملا سامهون ايندا رهيا آهن. هتان هي سوال اڀري ٿو ته جڏهن اسيمبلين ۾ نمائندي طور چونڊجي ويل عورتن اهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ عام عورتن جي حالت ڪهڙي هوندي؟
ٿي سگهي ٿو هڪ پل لاءِ اهو خيال ايندو به هُجي ته لکجي ”صفا ايئن به ناهي جيئن اوهان لکيو آهي پر وري جو معاشري تي نظر ڦريائي ته گهر ۾ نياڻين هوندي وارا به پيا نظرن جي نوس نوس ڪندا۔ مون کي اڄ به ياد آهي جڏهن منهنجي يونويرسٽي جي هڪ ڪلاس فيلو ٻُڌايو ته هو اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته کيس سنسن استاد ڏاڍو تنگ ڪنود هو ته ساڻس دوستي رکانس۔ اتفاق سان ساڻس ئي گڏ هڪ انهي استاد جي ڇوڪري به پڙهي ٿي۔ نيٺ تنگ ٿي هڪ ڏينهن هن پنهنجي استاد کي اهو چئي ڏنو ته آئون تو سان دوستي رکڻ لاءِ تيار آهيان پر تون پنهنجي ڌي کي چئو اها مون سان دوست رکي۔ استاد کيس ڏاڍي مار ڏني۔ )الاءِ ڪهڙي جواز تحت(۔ پر هو خوش هو ته هاڻ سندس ۽ ٻين شاگردن جي جان ڇُٽي۔ پر استاد وري ٻين جي ڪڍ هو۔ ڪافي ماڻهو اهڙا ملن ٿا جيڪي پنهنجي ماءُ ڀيڻ ۽ ڌي لاءِ ڪو گٿو لفظ به ٻُڌڻ لاءِ تيار نه هوندا۔ ويتر پيا چوندا ته منهنجي گهر وارا ته پاڪ دامني جو اعلٰيٰ مثال آهن۔ پر وتندا ٻين جي مائرن، ڀيڻن ۽ نياڻين جي تاڙ ڪندا۔ انهي ئي مشاهدي جي بنياد تي هڪ ڪهاڻي سماجي ڄار لکي هئم۔ جيڪا ڪُجهه ئي شريفن پسند ڪئي هئي۔ ٻين ته عجيب عجيب لقب ڏنا۔ هئا۔ پر پنهنجي زال کي ٽن لفافن ۾ بند ڪري رکي جيڪي ٻين جي ننگ ۾ نگاهه ٿا رکن تن سان مقافاتي عمل فطرتي قانون آهي پوءِ ڪو نه مڃي ته نه مڃي۔ اسان جي ڳالهين کي ته هونئن ئي ماڻهو چريو، نا سمجهه ۽ ٻار چئي ڪري اڻ ٻُڌي ڪن ٿا۔ سڀ خوش هُجن خدا ڪري۔
هن معاشري ۾ تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان تنگ نظري کان هٽي پنهنجي سوچ جي مهور کي وسيع بڻائيندا سين ۽ عورتن جي تعليم عام ڪندا سين البته اسان جي هن معاشري ۾ تنگ نظري جي وبا وڌندي پئي وڃي خدا خير ڪري سهڻي منهنجي سنڌ جو۔ سدائين گڏ
توهان تمام سٺو مضمون لکيو آهي پر سڄو توهان جو مواد نااميدي جي جھلڪ ڏئي رهيو آهي ۽ صرف خوف ۽ خطرو آهي پر مان هڪ ننڍڙي ڳاله عرض ڪندس ته اڄ ڪاله اسان جي معاشري ۾ توڙي جو مرد ويچارو ٻاهر نڪري پيو ته ان کي به خطرو اهو هوندو آهي ته شل خير سان شام جو گهر پهچي ڇو ته هتي قانون نالي جي ڪا به شيء ڪو نه آهي بهرحال اسان کي منهن ڏيڻو آهي مايوس ڪونهي ٿيڻو
عام طرح سان ڏسجي ته اسان جي اديء جيڪو ڪجهه لکيو آهي سو سورنهن آنا سچ آهي ائين ئي هن معاشري ۾ عورت سان ورتاء ڪيو ٿو وڃي، ڪٿي عورت ڪمزور آهي ته ان تي ظلم ڪيو ٿو وڃي، ڪٿي عورت پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جو پاڻ سبب بڻجي ٿي، عورت کي عظمت فقط دين اسلام ڏني،ان کان اڳ عورت کي طرح طرح جو سامان ئي سمجهيو ويو هو، مگر اڄ جي عورت الائي ڇو پاڻ کي پنهجي پيدا ڪندڙ اڪيلي الله جي ڪيل پابندين کي پاڻ تي مسلط ڪرڻ لاء آماده نه ٿي ٿئي، جن شين جي ڪري هزار بيماريون کيس وڪوڙين ٿيون انهن کان پرهيز ته نه ٿو ڪيو وڃي،اُلٽو نت نوان طريقا آزمايا وڃن ٿا، جنهن زيب ۽ زينت جي نمائش کي ظاهر ڪندي عورت پاڻ کي بهتر ٿي ڀائين اها ئي زيب زينت ان جي دشمن بنجي ٿي وڃي، ڪي پنهجي شوق کي پورو ڪرڻ لاء سڀ حدون اورانگهي وڃن ٿيون ته ڪي انهن جي ڪيل عملن جو شڪار ٿين ٿيون، خواهشن ،حسرتن،۽ خوابن جي تعبير ڪندي ڪندي اهڙن رستن تي نڪري پون ٿيون جتي انهن لاء ته عذاب بنجي ئي بنجي ٿو ليڪن هر صنف جي عورت ان جي اثر ۾پنهجو رستو وڃائي ويهي ٿي، اهم ڪردار عورت جو آهي جنهن کي پنهجو پاڻ تمام سنڀالي هلڻو پوي ٿو ۽ انهيء تگودد ۾ ڀلجڻ ۽ ڀٽڪڻ کان بچڻ لاء الله پاڪ مڪمل تعليم عطا فرمائي آهي،۽ خاص احڪامن زريعي ان کي تحفظ فراهم ڪيو آهي،پر جي عورت ان تعليمات کي فرسوده ڪرار ڏئي پنهجي مرضي ۽ خواهشن جي پٺيان لڳندي ته ان جو نتيجو اهڙو ئي ملندو، ڀلا ها تعليم ڪهڙي ڪم جي جنهن ۾ پنهجي عصمت به نه بچائي سگهجي،،،،،،،،،!!!!!!!!!! ڀلا اها تعليم چئجي جيڪا عورت کان ان جي مالڪ جي عطا ڪيل تعليم کسي ڇڏي،؟؟؟؟؟!!!!!!!!!! مرد جي خصوصيات ۾ جيڪي شيون شامل آهن اهي عورت کي تحفظ نه ٿيون ڏين،ان جي ڪري ئي الله پاڪ عورت کي مڪمل ڄاڻ فراهم ڪري مردن کي به پابند رهڻ جو حڪم ڏنو آهي ،ليڪن اگر عورت پنهجي تحفظ لاء انهن حڪمن جي پابندي ڪري ته ان تي ڪو به وار نه ٿو ڪري سگهي، اڄ جي دور ۾ مردن جي ڪوشش آ ته عورت کي ننگو ڪيون سرعام،مڃُون ٿا ۽ عورت پاڻ کي ننگو ڪري ڏيکارڻ ۾ مشغول آهي پنهجي مرضي سان ،،، اها ائين ڇو ٿي ڪري ، اگر هڪ ننگي ٿي سڀن جي سامهون ٿي اچي ته هر مرد اهڙين جي ڳولا ۾ هر عورت کي نشانو ٿو بنائي، فيشن جي دنيا ٺاهي نت نوان طريقا ايٍجاد ڪري انهن جا فيشن اپنا يا ٿا وڃن ۽انهن کي پاڻ تي لاڳو ڪري ٻين جي اڳيان جيڪي خود پاڻ کي پيش ٿيون ڪن ،انهن کي نظر به ته اها ئي ملندي، فلمي دنيا گهڻي اثرانداز آهي اڄڪلهه پائڻ تي کائڻ تي هلڻ تي ڳالهائڻ تي ،پوء جن جي اثر هيٺ اسان پاڻ ۾ تبديلي ته آندي، ليڪن اهيو ڪو نه سوچوسين ته انهن جو ڪردار اسان جو ڪردار ناهي ،انهن جي لباس اپنائڻ سان اسان جي زندگي تي ڪهڙو اثر پوندو،؟؟؟!!! پوء لازمي انهن جو ڪردار اهي فيشن هڪ عام رواجي زندگي تي ته اثرانداز ٿينديون، پر جيئن ته انهن جي زندگي عام زندگي کان مختلف آهي ان جي ڪري عام عورت انهن جي انهيء اثر کي برداشت نه ٿي ڪري،جنهن ڪري اهي حادثا رونما ٿين ٿا،۽ معاشري ۾ گندگي جو رجحآن وڌي ٿو مگر، انهن جي ڦيلايل فيشن کان پاڻ کي جهلي نه سگهندڙ عورت شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ ڪيئي حادثا رونما ٿين ٿا ڪيئي ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون، اگر عورت تحفظ چاهي ٿي ته قدرت جي قانون کي پاڻ تي لاڳو ڪري پنهجي تحفظ کي يقيني بنائي سگهي ٿي،
هن سموري ڪائنات جو وجود واڌو ڪاٽو، مثبت منفي ،ميل فيميل،مذر معنث ۽ مرد عورت دارو مدار رکي ٿو ۔اسن ان زندگي واري لاڳاپي کي ڪهڙي نظ دسان ٿا ڏسون اهو اسان جي ذهني ۽ معاشرتي ڪيفيت تي مدار رکي ٿو ۔جيڪڏهين ڪنهن جهي سوچ سٺي آهي ته ان سوچ رکندڙ وٽ عورت جو مقام بلند هوندو آهي ۔۽ منفي سوچ وارن وٽ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟۔
تمام سٺي لکڻي آهي ادي جي مون محسوس ڪيو آهي اسان جي ميڊيا يا ٽي وي جو به وڏو هٿ آهي جنهن تي اڪثر ڪري فحاشي ڀريا منظر ڏيکاريا وڄن ٿا جنهن جي نوجوانن جي ذهنن ۾ اهڙا خيال ڀريا پيا آهن۔ آئون جڏهن يونيورسٽي ۾ هئس ته ڪلاس ۾ ڪجھ نياڻيون به گڏ پڙهنديون هيون ۽ مارڪن ۾ اسان کان ملھ ماري وينديون هيون۔ هڪ دفعا اسان چوڪرن گڏجي استادن کان پچا ڪئي ته توهان نياڻين کي گهڻيون مارڪون ٿا ڏيو ۽ اسان کي گهٽ ان جو سبب ڪهڙو آهي۔ اتي اسان کي هڪ استاد اهڙو جواب ڏنو بس اهو جواب آئون هتي بيان نٿو ڪري سگهان۔ ان سان اسان کي ان استاد جي سوچ جي خبر پئجي وئي۔ اسان وٽ صرف نياڻن سان مسعلو نه آهي ننڊي عمر جي چوڪرن سان به وڏو ظلم آهي ڪجھ چوڪرا اهڙا آهن جيڪي گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان به لهرائن ٿا ۽ خوف محسوس ڪن ٿا۔ الله پاڪ کان دعا آهي ته هر انسان جي عزت جي حفاظت ڪري۔