السلام عليڪم دوستو۔۔۔ توهان به پريشان هوندو ته ڄامشورائي جڏهن کان مست ٿيو آهه ته رڳو عجيب غريب حرڪتون پيو ڪندو وتي، هڪ مبارڪباد نه کٽي وري ٻي الاءِ جي ڇا جي مبارڪباد کڻي آيو آهي۔۔۔ سائين ڳالهه ئي اهڙي آهي، مبارڪ باد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهياسين۔۔ ادي رشيد جي حوصلي کي سلام آهي جنهن هي ڏکيو سفر ڪجهه دوستن جي مدد سان شروع ڪيو۔۔ پر هاڻ ڪجهه دوستن کان ڳالهه چڙهي وئي آهي يعني ماشاءَ الله سنڌ سلامت فيملي وڌندي پئي وڃي۔۔۔ هاڻي اسان جي هن سنڌي اڱڻ جا ميمبر ته ماشاءَ الله وڌن پيا پر اسان جا ايڪٽوِ يعني فعال ميمبر به هاڻي وڌي چڪا آهن۔۔ ڪنهن به ويب سائيٽ جي ڪاميابيءَ جي ضمانت اها هوندي آهي ته ان ۾ مواد سان يوزرس کي ڪيتري دلچسپي آهي ۽ ان کي ڪيترا ماڻهو روز ڏسن ٿا۔۔۔؟ ماشاءَ الله اسان جي هن سنڌ سلامت فورم تي معياري ڪم جي ڪري هينئر اسان جي ميمبرن جو تعداد 360 کان مٿي ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي روزانه ويب سائيٽ تي ايندڙ رجسٽرڊ رڪنن جو تعداد به گذرندڙ ڏينهن جي مقابلي ۾ روز بهتر پيو ٿئي۔۔ اڄ منهنجي نظر انهيءَ ڳالهه تي پئي ته ويب سائيٽ تي ايندڙ رجسٽرڊ رڪنن جو تعداد 40 ٿيو آهي ته مونکان رهڻ نه ٿيو ۽ اوهان سان اها ڳالهه ونڊڻ ضرور سمجهيم۔۔۔۔HaqMojood
جواب: هڪ عدد ٻي مبارڪباد يار مست.! مبارڪباد ته اکين تي پر اڄ صبح سان تو واري انهيءَ مست جي نالي سان گڏ جيڪا اوتاري تصوير آهي، تنهن ته اصل فيل مست ياد ڪرائي ڇڏيا ... يار مست! مستيون ڇڏ ڦوٽو بدلاءِ ڀلا اسانکي ڪيتريون سزائون ڏيندي ... جڏهن به مست کي کولينداسين ته فيل مست سامهون ... رحم ڪر اسانتي ... هڪ موالي ويو ٻي مواليءَ وٽ ته ڪو سوٽو وغيره هڻي اچي ته .... مواليءَ چيس يار مون نشا پتا ڇڏي ڏنا آهن ... ايندڙ مواليءَ چيو ” ته ڳالهه آ سڌي ... نشا پتا بند ته پاڻ واري ياري به بند ... asul matt
جواب: هڪ عدد ٻي مبارڪباد سائين هي اسان جي ملڪ جو ناميارو سياست دان آهي جيڪو قسمتي نماز به پڙهندو آهي۔۔۔ هن کي جيو وارا فضلو ميان چوندا آهن۔۔۔
جواب: هڪ عدد ٻي مبارڪباد هميشه جيان ان جو ڪريڊٽ مان توهان سڀني مهربان رڪنن کي ئي ڏيندس جيڪي هر پل هر وقت سنڌ سلامت جو ميڙاڪو مچايو ويٺا آهن۔۔۔ توهان سڀني دوستن جا لک لائق۔۔
جواب: هڪ عدد ٻي مبارڪباد سائين ادا عبدالرشيد جن واقعي مبارڪ جا مستحق آهن جن هيترن سنڌين کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي اسان جي دل خوش ٿي ٿئي جڏهن دوستن جو اهڙو ميڙاڪو ڏسون ٿا ۽ سندن دلچسپ لکڻيون پڙهڻ لاء ملن ٿيون ۔ هن وقت به پاڻ فورم جي سالگره جي ڪم ۾ رڌل آهن اسان جي هر وقت دعا آهي ته شل سکيا هجن ڏکيو ڏينهن نه ڏسن۔