پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ، سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا. 21 اپريل 2011 سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن سنڌ جا ٽي نوجوان ئي نه پر سڄي سنڌ سڙي هئي۔ اهي جيڪي حق جي راهه تي هلندي سنڌ تان قربان ٿيا هئا، اهي جيڪي سنڌ جي سينڌ سنواري ويا۔ 21 اپريل 2011 تي سياسي اڳواڻن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڪيو ويو هو۔ سندن ڏوهه فقط اهو هو ته هو آزاد سنڌ جي گهر ڪري رهيا هئا ۔۔۔۔ اها سنڌ جيڪا 5000 سالن کان الڳ ملڪ رهيو آهي۔سانگهڙ ويجهو باکوڙي موري ۾ ٿيل هن واقعي جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۔ _____
باکوڙي موري جي شهيدن جي ورسي جو ڏينهن – سڙيا مٿي سچ روپلو آريسر اپريل جي 21 تاريخ جو اهو بد نصيب ڏينهن ڪيئن ٿو وسري سگهي جڏهن سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو،نرالو ۽ هانءَ ڏاريندڙ واقعو ٿيو.سانگهڙ جي سرزمين جتي سورهيه بادشاهه انگريز سامراج کي للڪاريو هو ۽ هزارين حرن پنهنجي رت جو ريج ڏئي غلامي جي ڪارن بادلن کي پنهنجي ڌرتي تان هٽائڻ لاء جنگ ڪئي هئي ان ئي سرزمين تي جڏهن انقلاب جو ٻوٽو سڪڻ لڳو ته سرائي قربان ساٿين سميت پنهنجي رت جي ريج سان ان ٻوٽي کي سائو ڪرڻ پهتو،سرائي قربان ته لطيف جي بيتن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪردار هيو ۽ هن عزت واري موت حاصل ڪرڻ وارو رستو پنهنجو پاڻ لاء ائين طئي ڪري ڇڏيو هو جيئن ڪي پنهنجي موت جي چونڊ پاڻ ڪندا آهن. هن جي عجيب طبيعت هئي ڪيڏي به پريشاني هجي ڪيڏو به وڏو مسئلو هجي ته پر هن جي خوبصورت چهري تان مرڪ ڪو به کسي نه سگهيو هو.شهادت کان.ٽي ڏينهن اڳ هن مون سان ڪچهري ڪئي هئي پنهنجي رستي جي چونڊ مان پر اميد هي شخص حوصلن ۾ هماليه جبل کي به مات ڏيو ويٺو هو ۽ هو رات ڏينهن هڪ ڪري سنڌ جا سمورا پنڌ پيچرا لتاڙي عظيم مقصد واري جدوجهد ۾ اڻ ٿڪ ڪردار بڻجي ويو ۽ جڏهن ڪنهن دوست چيس ته سائين سڄو ڏينهن سياسي ڪم ڪري ٿڪجو نٿا ته رني ڪوٽ جي هن رکوال چيو ته آرام وڃي ڌرتي ماءَ جي هنج ۾ وڃي ڪنداسين تڏهن لطيف جون هي سٽون ٺهه پهه ذهن تي تري آيون، جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي وڄي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين باکوڙي موري جيڪا مون اڳ ڪڏهن نه ٻڌي هئي نه ڏٺي هئي پر هاڻ جيسين ساهن جو سلسلو رهندو تيسين تائين ڪڏهن به نه وسرندي ان باکوڙي موري وٽ ڪار ۾ سوار سنڌين جي محبوب اڳواڻن کي سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ نه صرف گولين سان پروڻ ڪيو پر پوء انهن زندهه ماڻهن کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ننگي وحشيت ۽ بربريت جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو، شرعي قانونن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪئي وئي،چار ڳڀرو نوجوان سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ زندهه ساڙيا ويا. موت ته برحق هر ڪنهن کي اچڻو آحي ڪائنات ۾ جيڪا به شئي وجود ۾ آئي ان جو انت ان جي خاتمي سان ٿيڻو آهي پر ڪي عمل ۽ ڪي شخص نه وسرندڙ باب بڻجي ويندا آحن تاريخ جو بي رحم ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي پر اهي ماڻهو قومن جو اهڃاڻ بڻجي هر نسل جي رهنمائي ڪندا آهن.. انهن عملن ته موت جي ننڍ سمهندڙ کي نئين حياتي نئين زندگي ۽ نئون جنم ڏئي ڇڏيو جيڪو ختم ناهي ٿيڻو ها جيسين تائين هي ڌرتي ۽ هن قوم جو وجود آهي اهي ڪردار نه مٽجندڙ ۽ نه وسرجندڙ ڪردار بڻجي چڪا آهن… سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي ڪار ۾ گوليون هڻي زندهه ساڙڻ وارن اهو سوچيو هوندو ته هي شخص ختم ٿي ويا پر شايد ساڳئي هنن کي خبر نه هئي ته هنن جي زندگي ۽ حيات جو سلسلو ته شروع ئي هاڻ ٿيو آهي، مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيان نه مات، هوندا سي حيات جيئڻا اڳي سي جيئا، باکوڙي موري ۽ سڙيل ڪار ۽ ان ڪار اندر هڏين جو ڳٺڙيون نه صرف سالن تائين پر صدين تائين بهادر.جرئت،غيرت ۽ عشق جي اهڃاڻ طور سڃاتا ويندا.۽ ها واقعي هي واقعو بهادري جي لافاني مثال آهي سڙيل گاڏي ۾ اڌ مان مٿي سڙيل جسم سان جڏهن نورالله تنيو ٻاهر ٿو نڪري تڏهن به هو نعرا ٿو هڻي ۽ 70 سيڪڙو جسم سڙيل هي ڳڀرو نوجوانن ميڊيا کي بهادري ۽ بردباري سان انٽرويو ڏئي قاتلن ۽ چهرن تي نقاب چڙهلين جا نقاب لاهي کين دنيا آڏو پڌرو ڪري ٿو. مون مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت سندس هڏين جا ٽرڪاٽ ته نه ٻڌا هئا پر ها سڄو جسم سڙيل نورالله تنيو جي چهري تي جڏهن جسم سڙيل باوجود سندس مرڪ ڏٺم ۽ سندس حوصلو ڏٺم تڏهن ويساهه ٿي ويو ته واقعي عشق وڏي ڳالهه آهي ۽ مخدوم بلاول به ائين ئي مرڪي عشق جي امتحان مان پار پيو هوندو. لطيف سرڪار ئي انهن آزادي جي پتنگن لاء چيو آهي جيڪي سنڌوديش جي سچ جي ٻريل مچ مٿان سڙي قربان ٿيا، پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ، سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا. ها جڏهن جسم ۾ ڀريل ۽ خوبصورت نوجوانن جا لاش ڏسڻ لاء شهدادڪوٽ ۾ اسان ايمبولينس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ته اسان کي خبر نه هئي ته آخري ديدار به نصيب ن ٿيندا ۽ اسان سرائي جي چپن تي آخري مرڪ به نه ڏسي سگهنداسين ايمبولينس مان جئين لاش ڪڍيا ويا منهنجو هانءُ ڇڄي پيو، سرائي قربان جهڙي قدآور شخص جو لاش ڪپڙي جي ڳٺڙي ۾ ڏٺو ته بدين مان ساهه کي نڪري ويو اندر ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي مچ دُکي ويا.ڇا ڪنهن انسان کي جيئرو ساڙڻ وارن کي انسانيت جي دائري ۾ رکي سگهجي ٿو؟؟ ۽ ان وقت ئي پنهني ضمير سان وچن ڪيم ته پنهنجي محبوب دوستن جي قربانين جو تسلسل بڻجي شهيدن پاران رت ڏئي ٻاريل شمع کي پنهنجي رت سان روشن رکنداسين.. عوامي آواز جي ٿورن سان
تاريخ جو هڪ دردناڪ واقعو سڳنڌ سنڌي ” پسي لهچ نه لچيا سڙيا مٿي سچ “ 21 اپريل 2011 تي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيندي سياسي اڳواڻن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ، ماسات نورالله تنيي ۽ نادر بگٽي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڇو ڪيو ويو ؟ اها ڳالهه شهيد ماسات نورالله تنيي جي هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل آخري انٽرويو مان واضع ٿي چڪي آهي ، جنهن ۾ هن چٽي نموني ٻڌايو آهي ته اسان کي ڪنهن ، ڪيئن ۽ ڇو پهريون گوليون هنيون ۽ پوءِ گاڏيءِ تي ڪيميڪل هاري باهه ڏئي ڇڏي ۽ اسان نعرا هنياسين ، شهيد ماسات نور الله تنيي جون واردات واري جڳهه تي ڪجهه وڊيو ڪلپس پڻ ٺاهيل آهن جن ۾ هو 80 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ باوجود به وڏي بهادري جو مظاهرو ڪندي هن کي سڙيل ڏسي پريشان ٿيندڙ ڳوٺاڻن کي خير آ خير آ چئي ٿو ۽ پوءَ ڳوٺاڻن کان موبائيل وٺي دوستن کي ساٿين جي شهادت جو جو اطلاع ڏئي ٿو ، ڳوٺاڻا سندس بهادري جون ڳالهيون ڳالهيون ٻڌائي اڄ به ڳوڙها ڳاڙي وهن ٿا ، باکوڙي واقعي بعد شهيد ماسات نورالله تنيي کي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل پڻ ڪيو ويو هيو جتي به هو ساڻس گڏ رهيل دوستن کي حوصلو ڏيندو رهيو ،اسپتال ۾ انٽرويو دوران صحافي طرفان ساٿين جو ڪيس داخل ڪرائڻ بابت پڇيل سوال جي جواٻ ۾ شهيد ماسات ٽهڪ ڏئي کيس چيو ته اسان شهيدن جو ڪيس عالمي ادارن ۽ سنڌي عوام آڏو رکنداسين ، هن چيو ته شهادتون به ٿينديون، روپوشيون ۽ گمشدگيون به ٿينديون ۽ دوست بي گهر به ٿيندا رهندا جيستائين قوم ذميواري محسوس نه ڪندي ۽ پوءِ قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح پکيڙيو ، ڪٿي به ڪنهن قومي ڪارڪن سان مسئلو هجي ، يونيورسٽي جي شاگردن سان مسئلو هجي يا مها ٻوڏ ۾ ڌرتي ڌڻين جي واهر ڪرڻي هجي هي ارڏا اڳواڻ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا ، ايتري تائين جو مها ٻوڏ ۾ سرائي صاحب پنهنجي ڌيءَ کان واليون به لاهي ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن ورتو، جلسو جلوس هجي ، ڪارنر گڏجاڻي ، يا ٻئي ڪا تقريب شهيدن پنهنجي منفرد ۽ جذباتي انداز سان پنهنجو موقف به تمام چٽو رکيو ، اسان سر ڏئي به قوم جو ويساهه بحال ڪرائينداسين ، شهيد پنهنجي قول تي ڪيترو پورا لٿا اهو سندن المناڪ شهادت مان ظاهر آهي ، شهيدن جي ڪردار سان هڪ ننڌڙي ڪالم ۾ انصاف ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي شهيد ڀٽائي جي ان شعر جو ڪردار هئا ته ” ساهڙ مون جيان سرتيون جي ڏسو سڀئي ته سک ٿي سمهو ڪين ڪي ور پاسو ڏيئ موهان اڳييءِ گهڙو سڀ گهڙا کڻي “ شهيدن جي ڪردار سان ته تاريخ انصاف ضرور ڪندي پر ۽ انهن سڀني شاعرن اديبن ۽ دانشورن کي به تاريخ نه وساريندي جيڪي سندن ٻانهن ٻيلي بڻيا ۽ جيڪي ان تاريخ جي سڏ کان ڪن لاٽار ڪندا رهيا تن جو به احتساب ضرور ٿيندو. عوامي آواز جي ٿورن سان
ادا تڪليفون ۽ مشڪلاتون هميشه سچ تي هلندڙ انسانن لا هونديون آهن رب اسانجي قوم پرستن کي گڏجڻ جي توفيق عطا فرمائي سدائين گڏ
باکوڙي موريءَ جي شهيدن جي لازوال جدوجهد پنهل ساريو پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ، پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ، سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا سنڌ ابتدا کان پاڪستاني رياست طرفان امتيازي سلوڪ ۽ حقن غضب ڪرڻ توڙي وسيلن جي ڦر لٽ خلاف منظم جدوجهد ڪئي آهي، جيتوڻيڪ ان شاندار قومي مقصد لاءِ سنڌ جي بهادر پٽن ۽ غيرت مند نياڻين عظيم جدوجهد ڪئي آهي، ان جدوجهد ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ فلسفي تي هلندي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجيون جانيون قربان ڪيون، آهن تشدد سٺا آهن ۽ جيل ڪاٽيا آهن پر ان جي باوجود پاڪستان جي 66ساله تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙو مثال به ٿو ملي جهڙا مثال لڳاتار پياري پاڪستان جا ڳجھه ڳوھه ۾ ڪم ڪندڙ ڪجھه اهڙا ماڻهون ڪري رهيا آهن جيڪي عمل ۾ انساني مخلوق محسوس نه ٿا ٿين، ڇاڪاڻ ته سندن ڪاروايون ٻاٽ اونداهي ۾ ٿين ٿيون ۽ سندن عمل ايڏو ته وهشتناڪ آهي جو ان ساواڪ، موساد ۽ سي آء اي کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. قومپرست اڳواڻن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ انهن کي ماري چچريل لاش موڪلڻ جو عمل ته ڊگهي عرصي کان جاري هو پر هاڻي مارشلا هجي يا جمهوريت چونڊيل حڪومتون هجن يا آئين ۾ گنجائش ڪڊي پارليامينٽ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون هجن يا وري پ پ او تحت رياست کي تحفظ ڏيڻ جا قانون پاس ڪيا ويا هجن ان جي باوجود هن ملڪ ۾ قومپرست اڳواڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد باھه ڏئي ساڙڻ جو رواج قائم ڪيو ويو آهي .سڀ کان اول پهريون اهڙو وحشياڻو واقعو باکوڙي موري وٽ 21 اپريل 2011ع ۾ پيش آيو، جڏهن سائين جي ايم سيد جي سالگراھ تي تاريخي جلسو ڪرڻ لاءِ جسمم جي قيادت سرائي قربان کهاوڙ جي اڳواڻي ۾ جهر جنگ وڃي سنڌ اندر دعوتون پئي ڏنيون. جهڙيءَ ريت هن جمهوري دور ۾ قومپرست جماعت جيئي سنڌ متحده محاذ جي سينئر وائيس چيئرمين سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد ساڙيو ويو آهي. اها وحشت پڻي جي حد آهي هي واقعو انسانيت جي سنگين توهين آهي، ان کان به وڌيڪ انياءُ هي آهي ته باکوڙي واقعي جي شهيدن جي اڄ 4 ورسي ٿي رهي آهي انهن جا دوست ساٿي ۽ عقيدت مند توڙي سيد جي فڪر سان واڳيل هزاري لکين ماڻهون اڄ کين انتهائي عقيدت سان ڀيٽا ڏئي رهيا آهن پر حيرت جهڙي ڳالھه آهي ته سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو جن جي شهادت وارو ڪيس فائيلن ۾ بند آهي ۽ ان تي دز چڙهي چڪي آهي ۽ باکوڙي واقعي ۾ ملوث ڌرين کي هن ملڪ جو قانون اڃان تائين عدالت ۾ ظاهر ڪري ناهي سگهيو جڏهن ته هن ڪيس ۾ ايس ايڇ او سانگهڙ فريادي آهي ۽ ڪيس عدالت اي ڪلاس ۾ ڪڍي ڇڏيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته قانون جي هي بي حسي ناهي پر سنڌ ڏانهن رياست جو رويو آهي. جڏهن رياست جو رويو اهڙو هجي ته پڪ سمجهجي ته هي رياست مخصوص مفادن ڪاڻ هڪ خاص گروھه خاص اداري خاص علائقي ۽ خاص قوم جي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ عربين ڊالر ڪمائي ڏئي ٿي ۽ سنڌ غربت جي پاتال ۾ اڇلي وئي آهي هي ملڪ فوج لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ۽ دنيا ۾ اهڙو ڪو ٻيو مثال نه ٿو ملي ته ڪو فوج وٽ پنهنجو ملڪ هجي ها ملڪن وٽ فوج ضرور هوندي آهي پر پاڪستان برطانيه جي حڪمرانن فوج کي جوڙي ڏنو. ان کانسواءِ فوج جو تعلق وري پنجاب سان آهي، انهي ڪري سنڌ جو فوج توڙي ملڪ سان ڪو گهرو ڳانڊاپو ناهي. اهيو ئي سبب آهي ته شروع کان سنڌ مارشلائي قوتن توڙي ڳجهن ادارن جي عتاب هيـٺ رهي آهي، ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته باکوڙي واقع سميت جيڪي به شهادتون ٿيون آهن انهن بابت عالمي قوتن کي سختيءَ سان نوٽيس وٺي قدم کڻڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ عوامي راءِ کي اهڙيءَ ريت دٻايو وڃي ۽ انهن جا ڪيس ايئن دفن ڪيا وڃن ته پوءِ انهن جو حل عالمي قانون ذريعي ڪڍڻ گهرجي ۽ نه فقط ڪيسن لاءِ پر سنڌ جو ڪيس به هاڻي عالمي فورمن تي کڻي وڃڻ جي اشد ضرورت آهي. دنيا آڏو ڀل کڻي هي ملڪ جمهوري قوت ۽ جمهوري رياست هجي پر تنهن هوندي به جيڪڏهن عوامي راءِ کي ههڙيءَ انداز ۾ دٻايو وڃي ته ان جو حل ته ضرور هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ان جو حل ملڪي قانون ۾ نه آهي ته پوءِ اسان کي گڏيل قومن کي ضرور اها اپيل ڪرڻ گهرجي ته اهڙن معاملن جو نوٽيس وٺي ۽ پاڪستاني رياست تي زور ڀريووڃي ته انهن معاملن جي شفاف نموني سان جاچ ڪرائي واردات پويان ڳجها هٿ وائکا ڪيا وڃن ۽ انهن کي جوڳيون سزائون ڏنيون وڃن پاڪستان ۾ ڳجهين طاقتن جو ايتري قدر حراس ويٺل آهي جو آزاد ميڊيا سڏجندي به هتي اسان قاتلن کي اڻڄاتل هٿياربند لکي رهيا آهيون. اها سنڌ تان سر ڏيندڙن شهيدن جي رت سان به ويساھه گهاتي آهي پر اسان اهو کليل لفظن ۾ لکڻ جي سگهه نه ٿا رکون، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو قانون اسان کي اجازت نه ٿو ڏئي. پر جيڪڏهن اتي ملڪ جو قانون اسان کي پابند بڻائي رهيو آهي ته پوءِ ان وقت ملڪ جو قانون ڪٿي هوندو آهي، جنهن وقت انهن شهيدن جو ڪيس به صحيح طرح داخل نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي وري ان ڪيس جي ڪا اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ويندي آهي. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيڪڏهن انهن قومپرست اڳواڻن کي ايجنسين قتل نه ڪيو آهي ته ان واقعي جي ترت ۽ اعليٰ سطحي جاچ ڪري جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ته اهو ئي مطلب وٺي سگهجي ٿو ته انهن کي ايجنسين ئي قتل ڪيو ۽ انهن کي ڇو قتل ڪيو ويو اهو به فقط اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جن انهن قومپرست اڳواڻن کي قتل ڪيو آهي.اسين سمجهون ٿا ته چوٿين ورسي تي سنڌ جا ماڻهون اها گهر ڪن ته انهن جو ڪيس عالمي قانونن تحت هلايو وڃي.
باکوڙي موري جا شهيد راشد شر مونکي ٺيڪ چڱي طرح ياد ٿو اچي ته ست سال اڳ 21 اپريل تي خميس جي ڏينهن شام جي وقت مون ڏي ڪنهن دوست جو فون آيو ھيو ته، ڪامريڊ يار ڏاڍي ڏکوئيندڙ خبر توهان سان شيئر پيو ڪريان؛ هينئر هينئر خبر پئي آھي ته سرائي قربان کھاوڙ ۽ روپلو چولياڻي جي گاڏي کي سانگھڙ کپرو ويجهو باکوڙي موري وٽ باھ ڏئي ساڙيو ويو آھي، جنهن ڪري گاڏي جي اندر لاش سڙي رھيا آھن اھا خبر ٻڌندي ئي منهنجي ڪنن تي تاڙيون چڙھي ويون منهنجي اکين تي رات ڇانئجي وئي، منهنجو ذھن ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو لڱ سڄا ڪانڊارجي ويا ھئا زندگيءَ ۾ پهريون دفعو گھڻي کان گھڻو ڏک ان واقعي تي ٿيو ھيو مونکي ان افسوسناڪ ڳالهھ تي اعتبار اچي ئي نه پيو ۽ ھر ھر سياسي ڪارڪنن کان فون ڪري پڇي پڪَ پيو وٺان ته ڇا واقعي اھا ڳالھه سچي آھي !؟ آھستي آھستي تصديق جي ميسيجن سان گڏ نيٺ ٽي وي نيوز چئنلن تي اھا خبر تصديق سان بريڪ ٿي ته واقعي سانگھڙ ۾ سرائي قربان کھاوڙ روپلو چولياڻي نور اللھ تنيو ۽ سندن ھڪ ٻئي دوست کي ڪار سميت باھ ڏئي ساڙيو ويو آھي جنهنڪري سرائي قربان، روپلو چولياڻي سميت سندن ھڪ دوست ٿڏي تي شھيد ٿي ويا آھن ۽ نو ر اللھ تنيو زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ پهچايو ويو آھي بعد ۾ ان سموري واقعي جي پسمنظر جا تفصيل ان واقعي ۾ زخمي ڪارڪن نور الله تنيو ڏاڍي بردباري سان وائکا ڪري ٻڌايا جنهنجو جسم 95 سيڪڙو سڙيل ھيو ۽ اھو به ٽن ڏينهن کانپوءِ شھيد ٿي ويو ھيو، نور الله تنيو اھڙي ته بردباري ۽ بهادري سان پنهنجو بيان درج ڪرائيندي ميڊيا ذريعي دنيا کي ٻڌايو ته اسان کي ڇو ساڙيو ويو ۽ اسان جو ڪھڙو ڏوھ ھيو؟ سڄي سنڌ ۾ اھا خبر باھ جيان پکڙجي وئي ھئي، سنڌ جا ماڻھو سنڌ جون واھڻ وستيون ۽ روڊ رستا ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سوڳ ۾ وٺجي ويا ھئا وڻ ٽڻ پکي پکڻ اھڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي ماتم ڪري رھيا ھئا ھنن سرويچن جون ونيون پنهنجي قومي ھيرن کي ڀيٽا ڏيندي فخر مان لطيف جون ھي سٽون اچاري رھيون ھيون مَرُ مَرِين، آئوُن رُئَنءِ! موٽِي آءُ مَ، ڪانڌَ؛ ڪَچَنِ وَڏا پاندَ، جِئَڻَ ٿورا ڏِينھَنڙا. توڙي جو ھن واقعي کان اڳ ۾ ڪيترن ئي بيگناھ پر امن سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪري چچريل لاش ڏيڻ جو رواج پراڻو ھيو پر سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن جي جسمن تي پيٽرول ھاري سندن لاشن کي جيئرو ساڙڻ جو ھي واقعو ٻين واقعن کان مختلف ۽ پھريون دفعو ھيو ھن ڏکوئيندڙ واقعي جي خبر سنڌ ۾ جتي به جنهن به سڻي ورتي ھئي ان جا لڱ ڏک کان ڪانڊارجي ويا ھئا ۽ سنڌ جو ماڻھو پاڻ مٿان اھو سمورو ظلم آساني سان سمجهي ويو ھيو جيڪي ظلم سنڌي ماڻھو کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ شايد اڃا وڏو وقت لڳي ھا پر ھي ھنن شھيدن جي قرباني ھئي جن قوم جي ڏکن دردن جو باب کولي قوم کي قومي غلامي ۽ جبر جو احساس ڏياري ظلم خلاف وڙھڻ جي واٽ ڏسي پنهنجون حسين زندگيون غلام ڌرتي کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏيون. تقريبن اسانجي مڊل ڪلاس جي ماڻھو جي اھا انفرادي خواھش رھي آھي ته هو پنهنجي لاءِ مري ۽ جيئي کيس سٺو گھر بنگلو هجي ۽ ايئر ڪنڊيشن ۾ ننڊون ڪري عياشي واري زندگي گذاري کيس باقي قوم جي ڪا به پرواھ ناھي ھوندي شھيد سرائي قربان کھاوڙ، روپلو چولياڻي، نور الله تنيو ۽ نادر بگٽي جھڙن انقلابين جي سوچ پنهنجي قوم جي غلام ۽ پيڙھيل طبقي جي مٿان هٿرادو جبر خلاف جدوجهد ڪرڻ واري سوچ ھوندي آھي ھنن وٽ وطن قوم جو ڏک سيني ۾ سانڍيل ھوندو آھي ھو رات ڏينهن ھڪ ڪري پنهنجي قوم جي غلامي جا زنجير ٽوڙڻ جي جدوجهد ۾ زندگي گھاري پاڻ کي پنهنجي قوم جو اجتماعي ذھن بڻائي تاريخ ۾ پاڻ کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيندا آھن اڄ ھنن باکوڙي موري جي شهيدن کي ستن سالن جو ڊگھو عرصو گذري چڪو آھي پر پوءِ به ھي ڪردار تاريخ ۾ سرخرو ۽ زنده آھن، ھي شھيد تاريخ جي ان سرخرو ورقن جا چٽا باب آھن جن کي وقت جو ڪو به واءُ واچوڙو ڊاھي نٿو سگهي توڙي جو مان ڪڏھن ھنن شھيدن سان گھڻو ويجهو رهي ڪي ڪچهريون به ڪونَ ڪيون ھيون پر ھڪڙو دفعو سائين جي ايم سيد جي سالگره تي عبدالواحد آريسر صاحب جي جلسي واري پنڊال ۾ سرائي قربان کھاوڙ ،روپلو چولياڻي ۽ نور الله تنيو کي هٿ ڏئي ڀاڪر پائي سندن اکين ۾ اکيون ڏئي گھوري ضرور ڏٺو ھيو انھي وقت گڏ بيٺل دوست کي اھو چيو هيم ته اڄ مان سائين جي ايم سيد ۽ آريسر صاحب جي تيار ڪيل صالح ڪردارن کي ويجھڙائي سان ڏسي سنڌ جي تاريخ سان ملاقات ڪري آيو آھيان، بلڪل ھي شھيد سنڌي قوم جي ٿڃ جو ڀرم رکي پاڻ کي کير جھڙو اڇو ڪري تاريخ جي مهڻن کان بچي پنهنجو ڪنڌ اجاري تاريخ ۾ ھميشه زندھ ٿي سنڌي قوم کي غلامي جي پاتل طوقن کان با خبر ڪري ويا.