شـــــــيــشــــــه (ڪالم)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آفتاب احمد سرهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. آفتاب احمد سرهيو

    آفتاب احمد سرهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2013
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    شـــــــيــشــــــه
    اسد بيگ، اڪبر بادشاھه جي درٻار جو اھو خاص نوڪر ھيو جنھن پھريون ڀيرو اھو سوچي ته اڪبر بادشاھه کي نت نيون شيون پسند ھونديون آھن، حقو ۽ تماڪ کڻي درٻار ۾پھتو٬ سون سان تيار ڪيل چلم، قيمتي پٿرن سان سينگاريل حقو ۽ چاندي جي ٿاليءَ ۾ سجايل تماڪ اڪبر بادشاھه لاءِ واقعي ئي نئين شيءِ ھئي، بادشاھه سلامت جي حڪم تي حقو تيار ڪري پيش ڪيو ويو، اڪبر بادشاھه زوردار سوٽو ھڻي جيئن ئي دونھون ٻاھر ڪڍيو ته دونھون درٻار کي مھڪائيندي سڄي ھندستان ۾ ڦھلجي ويو ۽ ايئن اڪبر جي اھا نشاني ھن جي جلال جيان گُڙ گُڙ ڪندي شاعرِمشرق علامه اقبال کان ٿيندي پاڪستان جي چوٽيءَ جي سياستدان مرحوم نوابزاده نصراللھ وٽ پھتي٬

    جيئنءَ غريب جي ھٿ تي رکيل ماني جو اھو ڳڀو ٽڪر جنھن مٿان رکيل ڪجھه ٻوڙ ڀاڄي، ڪنھن ڪاروباري نظر پوڻ سان ”پيزا“ بڻجي پيو، تيئنءَ ئي سائين بچل شاھه جي ڳوٺ ۾ وڻ ھيٺان ويٺل پوڙھي جي ھٿن ۾ پڪڙيل حقو ڊفينس سوسائٽي ۽ ڪلفٽن جھڙي ماحول ۾پھچندي ماکيءَ ۽ تماڪ مليل مھڪندڙ ”معسل“ نالي معجون سان، سر ٿيندي ئي ”شيشو“ بڻجي پوي ٿو٬

    ڊفينس سوسائٽي ۽ ڪلفٽن ۾ رھندڙن بي تاج بادشاھن جا شھزاده، ماڊرن طرز جي زندگي ۽ فيشن جي فريب ۾ ڦاٿل نسل جڏھن پنھنجن محل نما گھرن کان وڌيڪ وقت انھن ريسٽورينٽس ۾ گذارڻ شروع ڪيو جتي جلايل معسل جي مھڪ ۽ دونھين ۾ ھنن جون جوانيون ئي دونھون ٿيندي نظر اچن ٿيون تڏھن ايم پي اي سائين پير بچل شاھه ان درد کي محسوس ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ٺھراءُ پيش ڪندي اھو مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار خاص طور تي ڪراچي جي ريسٽورينٽس ۽ عوامي ھنڌن تي شيشي تي پابندي وجھي ڇاڪاڻ ته ان سان نوجوان نسل تباھه ٿي رھيو آھي٬

    اھو شايد سبحان رائي بٽالوي آھي جنھن پنھنجي ڪتاب ”خلاصته التواريخ“ ۾ھڪ طرف تماڪ کي ڪاري بلا ڪوٺيندي ۽ ٻئي پاسي حقي جي تعريف ڪندي لکي ٿو،”ھي ته اھو معشوق آھي جنھن جو دونھون انسان جي دل کي محبوب جي ذلفن جي اسيري کان به وڌيڪ قيد ڪري وجھي ٿو٬حقو ته نه آ ڪو عاشق آ جو پريءَ جھڙي پرينءَ جي چپن کي چُمي ٿو ۽ حَسينن جي لبن جو رس چوسي ٿو٬“

    پر آغا خان ھاسپيٽل جي ايف٬آر٬سي٬پي پرفيسرڊاڪٽر جاويد خان، بٽالوي جي مٿين شاعراڻي خيال کان ھٽي ڪري جديد علم جي روشنيءَ ۾ ڪيل تحقيق مطابق حقي يا شيشي جي تباھين ۽ بربادين کان آگاھه ڪندي ٻڌائي ٿو ته مطالعي کان پوءِ اھا ڳالھه سامھون آئي آھي ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ نڪوٽين، ٽار ۽ ڳرن ڌاتن جا تباھه ڪندڙ اثر عام سگريٽ ڇڪيندڙن تي ته پون ئي ٿا پر انھن بلائن جو وڌيڪ شڪار شيشه ڇڪيندڙ ٿين ٿا، شيشي جي استعمال سان ڦڦڙن جو ڪينسر، آنڊي جو ڪينسر، دم ۽ ساڳي ئي پائيپ کي مختلف ماڻھون جي مسلسل استعمال سبب وات جي ڪينسر جا امڪان وڌي وڃن ٿا٬ تحقيق ڪندي اھا ڳالھه به سامھون آئي آھي ته شيشو نوجوانن ۾ توليدي قوت کي به گھٽائي ٿو٬
    ڊاڪٽر صاحب جي رپورٽ مطابق ھڪ عام شيشي جي ھڪ دؤر دوران پيدا ٿيندڙ دونھين ۾ نڪوٽين ۽ ٽار جو تعداد 20 سگريٽن جي برابر آھي، تحقيق اھو به ثابت ڪيو آھي ته 45 منٽن کان پوءِ شيشي منجھان ھوا جي گذر وارو عمل مدي خارج ٿي وڃي ٿو جنھن سبب ڪاربان مونو آڪسائيڊ، پلازما نڪوٽين ۽ دل جي رفتار ۾ واڌ اچي وڃي ٿي٬ عام ماڻھون جي مقابلي ۾ شيشو واپرائيندڙ جا ڦڦڙ 25 سيڪڙو گھٽ ڪم ڪن ٿا٬
    انھن سڀني ڳالھين جي باوجود به شيشي جو استعمال ڏينھون ڏينھن وڌنڌو ئي وڃي ٿو، ھڪ سروي رپورٽ مطابق دنيا ۾ روزانو 10 ڪروڙ ماڻھون شيشي جو استعمال ڪن ٿا جنھن ۾ وچ اوڀر، ترڪي، ھندستان، پاڪستان، بنگلاديش ۽ چين جا ڪجھه حصا به اچي وڃن ٿا٬ وچ اوڀر جي ته ڪجھه حصن ۾ شيشي کي سگريٽ کان وڌيڪ بھتر سمجھيو وڃي ٿو٬ ڪيترن ئي عرب ملڪن ۾عورتون سگريٽ پيئڻ جي بدنامي کان بچڻ واسطي شيشو کي شانائتي شيءِ سمجھي واپرائن ٿيون ۽ ڪيتريون ئي عورتون فيشن جي چڪر ۾ ڦاسيو پون٬

    اسد بيگ جي نوڪري ھجي يا اڪبر بادشاھه جو شھنشاھي شوق، دونھين ۾ دُڦ ٿيندڙ نسل ھجي يا پير بچل شاھه جي نوجوانن سان ھمدردي، کڻي بٽالوي جو شاعراڻو خيال ھجي يا وري ڊاڪٽر جاويد جي جديد تحقيق، تماڪ جو ڪاروبار وڌنڌو ئي وڃي ٿو، ڀل ته سگريٽن جي دٻيءَ تي ڪينسر ورتل ڦٽيل چپن واريون تصويرون ئي ڇاپيون وڃن، سگريٽ جي دٻي بدلائبي سگريٽ ڇڪڻ تان ھٿ نه کڻبو، شيشي يا سگريٽ، جي عادت کي ڪنھن قانونسازي تحت يا پابندي مڙھي ختم ڪرڻ ممڪن ئي ڪونھي ۽ نه ئي تحقيقي رپورٽون يا نصيحتون ان جي ترڪ ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگھن ٿيون٬ شيشي يا سگريٽ جو تعلق سڌي يا اڻسڌي طرح دل سان ئي آھي ۽ ھن کان جان ڇڏائڻ جو واحد رستو به دل ئي آھي، اھا ارادي جي پختگي ئي آھي جنھن سان ھن محبوب جي ذلفن جي اسيري مان رھائي ممڪن آھي نه ته ان قيد کي قائم رکڻ لاءِ منھن جي ڦڪائي سان اھو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته :
    جيسي دل ڪي جھان سي اٺتا ھي،
    يه دونھـان سـا ڪـھان سي اٺتا ھي٬
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام بهترين لکڻي، خوبصورت انداز سان لکيل ليک جنهن کي پڙهڻ سان اڳتي پڙهڻ جو تجسس وڌيو۔ واقعي ئي تماڪ نوشي وڌندي اچي وڏن ماڻهن جي انداز تائين پهتي آهي ۽ ايئن سڄي سوسائٽي ان جي ور چڙهندي وڃي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو