پوليو مهم سي آءِ اي جي ڪردار جي مذمت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پوليو مهم سي آءِ اي جي ڪردار جي مذمت
    2512 اٽيچمينٽ ڏسو 2513 اٽيچمينٽ ڏسو
    صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته هو پاڪستان جي صحت واري شعبي کي ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ واري عمل جي سختيءَ سان مذمت ڪن ٿا. اساما بن لادن جي ڳولا لاءِ امريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پاران ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي استعمال ڪرڻ بابت پڇيل هڪ سوال جيجواب ۾ اداري جي ترجمان چيو ته هو انهيءَ عمل جي شديد مذمت ڪن ٿا ڇو ته اهو غير انساني آهي.
    اها ڳالهه اداري جي ترجمان ڊاڪٽر نيما سعيد عابد اڄ اسلام آباد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر سعيد چيو ”ڪير به هجي پوءِ ان جو تعلق ڪنهن به تنظيم سان هجي، اهڙي ڪارروائي ڪري ٿو، جنهن سان صحت جي سنڀال جي سلسلي ۾ ڪوشش جو غلط استعمال ٿيندو هجي. سو انتهائي قابل مذمت آهي. ان کان اڳ مصر جي گادي قاهره ۾ وچ مارچ ۾ پوليو جي خاتمي جي عنوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جا تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته هن ڪانفرنس ۾ جيڪي شريڪ ٿيا انهن متفق ٿي ڪري چيو ته پوليو ويڪسين محفوظ آهي ۽ ان ۾ ممنوعه يا حرام جزا ناهن. دنيا جا باقي 3 مسلم ملڪ اهڙا آهن جن مان پوليو جو مڪمل خاتمو نه ٿيو آهي. انهن مان پوليو جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته اها مهم هلائي وڃي ۽ مسلمانن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارين. ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن صحت جي عالمي اداري ۽ يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيندي هن ڳالهه جي تائيد ڪئي ته شڪيل آفريدي ڪڏهن به هنن ادارن سان لاڳاپيل نه هو ۽ نه ئي انهن ادارن جي اهلڪارن کي ايبٽ آباد ۾ ٿيندڙ ڪاررواين جي خبر هئي. صحت جي عالمي اداري جي ڪو آرڊينيٽر ڊاڪٽر زبير مفتيءَ چيو ته هو اداري جي ڪارڪنن جي جاسوسي ڪم لاءِ استعمال ڪرڻ جي سخت مذمت ڪن ٿا. ان طرح خاص طرح ٻارن جي صحت جي سنڀال کي هاڃو رسي ٿو.
    2013ع ۾ هن وقت تائين 5 پوليو ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. پوليو مهم جي ڪارڪنن تي قاتلاڻن حملن کان پوءِ ملڪ ۾ انهيءَ مهم کي ڌڪ لڳو آهي ۽ ان صورتحال سان نبرڻ چئلنج آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو