” پسي لهچ نه لچيا سڙيا مٿي سچ “

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌ جي تاريخ جو هڪ دردناڪ واقعو
    ” پسي لهچ نه لچيا سڙيا مٿي سچ “
    2521 اٽيچمينٽ ڏسو
    21 اپريل 2011 تي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيندي سياسي اڳواڻن شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلي چولياڻي ، ماسات نورالله تنيي ۽ نادر بگٽي کي گوليون هڻڻ بعد جيئرو ساڙي شهيد ڇو ڪيو ويو ؟ اها ڳالهه شهيد ماسات نورالله تنيي جي هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل آخري انٽرويو مان واضع ٿي چڪي آهي ، جنهن ۾ هن چٽي نموني ٻڌايو آهي ته اسان کي ڪنهن ، ڪيئن ۽ ڇو پهريون گوليون هنيون ۽ پوءِ گاڏيءِ تي ڪيميڪل هاري باهه ڏئي ڇڏي ۽ اسان نعرا هنياسين ، شهيد
    ماسات نور الله تنيي جون واردات واري جڳهه تي ڪجهه وڊيو ڪلپس پڻ ٺاهيل آهن جن ۾ هو 80 سيڪڙو جسم سڙي وڃڻ باوجود به وڏي بهادري جو مظاهرو ڪندي هن کي سڙيل ڏسي پريشان ٿيندڙ ڳوٺاڻن کي خير آ خير آ چئي ٿو ۽ پوءَ ڳوٺاڻن کان موبائيل وٺي دوستن کي ساٿين جي شهادت جو جو اطلاع ڏئي ٿو ، ڳوٺاڻا سندس بهادري جون ڳالهيون ڳالهيون ٻڌائي اڄ به ڳوڙها ڳاڙي وهن ٿا ، باکوڙي واقعي بعد شهيد ماسات نورالله تنيي کي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل پڻ ڪيو ويو هيو جتي به هو ساڻس گڏ رهيل دوستن کي حوصلو ڏيندو رهيو ،اسپتال ۾ انٽرويو دوران صحافي طرفان ساٿين جو ڪيس داخل ڪرائڻ بابت پڇيل سوال جي جواٻ ۾ شهيد ماسات ٽهڪ ڏئي کيس چيو ته اسان شهيدن جو ڪيس عالمي ادارن ۽ سنڌي عوام آڏو رکنداسين ، هن چيو ته شهادتون به ٿينديون، روپوشيون ۽ گمشدگيون به ٿينديون ۽ دوست بي گهر به ٿيندا رهندا جيستائين قوم ذميواري محسوس نه ڪندي ۽ پوءِ قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح پکيڙيو ، ڪٿي به ڪنهن قومي ڪارڪن سان مسئلو هجي ، يونيورسٽي جي شاگردن سان مسئلو هجي يا مها ٻوڏ ۾ ڌرتي ڌڻين جي واهر ڪرڻي هجي هي ارڏا اڳواڻ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا ، ايتري تائين جو مها ٻوڏ ۾ سرائي صاحب پنهنجي ڌيءَ کان واليون به لاهي ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن ورتو، جلسو جلوس هجي ، ڪارنر گڏجاڻي ، يا ٻئي ڪا تقريب شهيدن پنهنجي منفرد ۽ جذباتي انداز سان پنهنجو موقف به تمام چٽو رکيو ، اسان سر ڏئي به قوم جو ويساهه بحال ڪرائينداسين ، شهيد پنهنجي قول تي ڪيترو پورا لٿا اهو سندن المناڪ شهادت مان ظاهر آهي ، شهيدن جي ڪردار سان هڪ ننڌڙي ڪالم ۾ انصاف ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي شهيد ڀٽائي جي ان شعر جو ڪردار هئا ته ” ساهڙ مون جيان سرتيون جي ڏسو سڀئي ته سک ٿي سمهو ڪين ڪي ور پاسو ڏيئ موهان اڳييءِ گهڙو سڀ گهڙا کڻي “ شهيدن جي ڪردار سان ته تاريخ انصاف ضرور ڪندي پر ۽ انهن سڀني شاعرن اديبن ۽ دانشورن کي به تاريخ نه وساريندي جيڪي سندن ٻانهن ٻيلي بڻيا ۽ جيڪي ان تاريخ جي سڏ کان ڪن لاٽار ڪندا رهيا تن جو به احتساب ضرور ٿيندو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سڙيا مٿي سچ
    2522 اٽيچمينٽ ڏسو
    اپريل جي 21 تاريخ جو اهو بد نصيب ڏينهن ڪيئن ٿو وسري سگهي جڏهن سنڌ جي تاريخ ۾ انوکو،نرالو ۽ هانءَ ڏاريندڙ واقعو ٿيو.سانگهڙ جي سرزمين جتي سورهيه بادشاهه انگريز سامراج کي للڪاريو هو ۽ هزارين حرن پنهنجي رت جو ريج ڏئي غلامي جي ڪارن بادلن کي پنهنجي ڌرتي تان هٽائڻ لاء جنگ ڪئي هئي ان ئي سرزمين تي جڏهن انقلاب جو ٻوٽو سڪڻ لڳو ته سرائي قربان ساٿين سميت پنهنجي رت جي ريج سان ان ٻوٽي کي سائو ڪرڻ پهتو،سرائي قربان ته لطيف جي بيتن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪردار هيو ۽ هن عزت واري موت حاصل ڪرڻ وارو رستو پنهنجو پاڻ لاء ائين طئي ڪري ڇڏيو هو جيئن ڪي پنهنجي موت جي چونڊ پاڻ ڪندا آهن.
    هن جي عجيب طبيعت هئي ڪيڏي به پريشاني هجي ڪيڏو به وڏو مسئلو هجي ته پر هن جي خوبصورت چهري تان مرڪ ڪو به کسي نه سگهيو هو.شهادت کان.ٽي ڏينهن اڳ هن مون سان ڪچهري ڪئي هئي پنهنجي رستي جي چونڊ مان پر اميد هي شخص حوصلن ۾ هماليه جبل کي به مات ڏيو ويٺو هو ۽ هو رات ڏينهن هڪ ڪري سنڌ جا سمورا پنڌ پيچرا لتاڙي عظيم مقصد واري جدوجهد ۾ اڻ ٿڪ ڪردار بڻجي ويو ۽ جڏهن ڪنهن دوست چيس ته سائين سڄو ڏينهن سياسي ڪم ڪري ٿڪجو نٿا ته رني ڪوٽ جي هن رکوال چيو ته آرام وڃي ڌرتي ماءَ جي هنج ۾ وڃي ڪنداسين تڏهن لطيف جون هي سٽون ٺهه پهه ذهن تي تري آيون،
    جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
    وڄي ڀون پيٺي ساريندي کي سڄڻين
    باکوڙي موري جيڪا مون اڳ ڪڏهن نه ٻڌي هئي نه ڏٺي هئي پر هاڻ جيسين ساهن جو سلسلو رهندو تيسين تائين ڪڏهن به نه وسرندي ان باکوڙي موري وٽ ڪار ۾ سوار سنڌين جي محبوب اڳواڻن کي سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ نه صرف گولين سان پروڻ ڪيو پر پوء انهن زندهه ماڻهن کي ڪيميڪل ذريعي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.ننگي وحشيت ۽ بربريت جو انوکو مثال قائم ڪيو ويو،
    شرعي قانونن ۽ عالمي قانون جي لتاڙ ڪئي وئي،چار ڳڀرو نوجوان سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ زندهه ساڙيا ويا.
    موت ته برحق هر ڪنهن کي اچڻو آحي ڪائنات ۾ جيڪا به شئي وجود ۾ آئي ان جو انت ان جي خاتمي سان ٿيڻو آهي پر ڪي عمل ۽ ڪي شخص نه وسرندڙ باب بڻجي ويندا آحن تاريخ جو بي رحم ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي پر اهي ماڻهو قومن جو اهڃاڻ بڻجي هر نسل جي رهنمائي ڪندا آهن..
    انهن عملن ته موت جي ننڍ سمهندڙ کي نئين حياتي نئين زندگي ۽ نئون جنم ڏئي ڇڏيو جيڪو ختم ناهي ٿيڻو ها جيسين تائين هي ڌرتي ۽ هن قوم جو وجود آهي اهي ڪردار نه مٽجندڙ ۽ نه وسرجندڙ ڪردار بڻجي چڪا آهن...
    سرائي قربان کهاوڙ،روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيو کي ڪار ۾ گوليون هڻي زندهه ساڙڻ وارن اهو سوچيو هوندو ته هي شخص ختم ٿي ويا پر شايد ساڳئي هنن کي خبر نه هئي ته هنن جي زندگي ۽ حيات جو سلسلو ته شروع ئي هاڻ ٿيو آهي،
    مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيان نه مات،
    هوندا سي حيات جيئڻا اڳي سي جيئا،
    باکوڙي موري ۽ سڙيل ڪار ۽ ان ڪار اندر هڏين جو ڳٺڙيون نه صرف سالن تائين پر صدين تائين بهادر.جرئت،غيرت ۽ عشق جي اهڃاڻ طور سڃاتا ويندا.۽ ها واقعي هي واقعو بهادري جي لافاني مثال آهي سڙيل گاڏي ۾ اڌ مان مٿي سڙيل جسم سان جڏهن نورالله تنيو ٻاهر ٿو نڪري تڏهن به هو نعرا ٿو هڻي ۽ 70 سيڪڙو جسم سڙيل هي ڳڀرو نوجوانن ميڊيا کي بهادري ۽ بردباري سان انٽرويو ڏئي قاتلن ۽ چهرن تي نقاب چڙهلين جا نقاب لاهي کين دنيا آڏو پڌرو ڪري ٿو.
    مون مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت سندس هڏين جا ٽرڪاٽ ته نه ٻڌا هئا پر ها سڄو جسم سڙيل نورالله تنيو جي چهري تي جڏهن جسم سڙيل باوجود سندس مرڪ ڏٺم ۽ سندس حوصلو ڏٺم تڏهن ويساهه ٿي ويو ته واقعي عشق وڏي ڳالهه آهي ۽ مخدوم بلاول به ائين ئي مرڪي عشق جي امتحان مان پار پيو هوندو.
    لطيف سرڪار ئي انهن آزادي جي پتنگن لاء چيو آهي جيڪي سنڌوديش جي سچ جي ٻريل مچ مٿان سڙي قربان ٿيا،
    پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لڇيا سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ ويچارن وڃايا.
    ها جڏهن جسم ۾ ڀريل ۽ خوبصورت نوجوانن جا لاش ڏسڻ لاء شهدادڪوٽ ۾ اسان ايمبولينس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ته اسان کي خبر نه هئي ته آخري ديدار به نصيب ن ٿيندا ۽ اسان سرائي جي چپن تي آخري مرڪ به نه ڏسي سگهنداسين ايمبولينس مان جئين لاش ڪڍيا ويا منهنجو هانءُ ڇڄي پيو، سرائي قربان جهڙي قدآور شخص جو لاش ڪپڙي جي ڳٺڙي ۾ ڏٺو ته بدين مان ساهه کي نڪري ويو اندر ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي مچ دُکي ويا.ڇا ڪنهن انسان کي جيئرو ساڙڻ وارن کي انسانيت جي دائري ۾ رکي سگهجي ٿو؟؟ ۽ ان وقت ئي پنهني ضمير سان وچن ڪيم ته پنهنجي محبوب دوستن جي قربانين جو تسلسل بڻجي شهيدن پاران رت ڏئي ٻاريل شمع کي پنهنجي رت سان روشن رکنداسين..
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    زندگي جا نه وسرندڙ ڪردار ،
    جن قرضي ڪري ڇڏيو،
    اگر جي انهن جو پلئه نه ٿيو ته،
    ڇا اسان بخشيا وينداسين،
    اسان انهن جي قرباني جو ڪهڙو جواب ڏينداسين،
    اسان نوڪرين ۽ وڏيرن جي آڇن تي پنهجي خوشحالي تي اهيو سڀ قربان ته نه ٿا ڪريون،
    اگر ڪيون ٿا ،ته ضرور قربان پڇندو،
    اگر پنهجي گهر جي زينت لاء جاکوڙي رهيا آهيون ۽ وقت جي تنگي آڏو گوڏا کوڙي سامراج جي ها ۾ ها ملائي رهيا آهيون ته،
    ضرور نور الله پڇندو،ادا منهجو حوصلو ڪو نه ڏٺو هو ڇا؟؟؟؟!!!!!!!!!!!
    يار يقين سان پتوڙيون ته پلئه ڪري وينداسين،
    ٻيو نه ته جن قتل ڪيو تن کي ته سزا ڏئي مرنداسين،
    ايئن هر قتل جو بدلو وٺڻ واجب آ اسان تي،
    جيڪو به ڪارڻ آهي بيگناه پنهجي ڌرتي جي نانء تي واريل جندڙيون ضرور خوش ڪنداسين
    بدلو وٺنداسين،هر خون جي قطري قطري جو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ````````````````````````
    ڪربناڪ سٽون آهن
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو