حال غريباڻا، شوق شاهاڻا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    حال غريباڻا، شوق شاهاڻا
    اعجاز مهر
    پاڪستان ۾ جاري چونڊ مهم دوران سياسي جماعتن پاران وڏي پئماني تي اخبارن توڙي ٽي وي چئنلن ۾ اشتهار ڏيڻ بعد اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي سندن چونڊ خرچن تي نظر رکڻ لاءِ مانيٽرنگ سيل جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي.
    اليڪشن ڪميشن جي هڪ سينئر عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بي بي سي کي ٻڌايو ته هنن سپريم ڪورٽ کي اليڪشن ايڊورٽائيزمينٽ مانيٽرنگ سيل قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. جنهن ۾ سڌ سماءَ واري وزارت ۽ ٻيا نمائندا شامل هجن، هاڻي کين رڳو عدالتي حڪم جو انتظار آهي. عملدار جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ کي هي تجويز به ڏني وئي آهي ته سموريون سياسي جماعتون اشتهارن جي ادائگي وارا چيڪ ۽ واسطيدار اخبارن توڙي چئنلن وصول ڪيل چيڪن جون ڪاپيون ڪميشن کي فراهم ڪن.
    پاڪستان جي اڪثر سياسي جماعتن اليڪشن ڪميشن وٽ جيڪي اثاثا ظاهر ڪيا آهن انهن جي ڀيٽ ۾ هينئر تائين هلايل اشتهارن تي خرچ ڪيل رقم تمام گهني آهي. چونڊ قانونن موجب ڪوڙ هڻڻ، اثاثا گهٽ ڏيکارڻ به عنواني جي زمري ۾ اچي ٿو. جنهن تي ٽي سال قيد ۽ 5 هزار رپين تائين ڏنڊ جي سزا هجي ٿي، پر اڃا تائين ڪنهن به جماعت کي سزا نه ملي سگهي آهي. ڪيترين ئي جماعتن اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪيل اثاثن جو پاڻ کي غريب ڏيکاريو آهي پر سندن اشتهاري مهم کي ڏٺو وڃي ته اها اميراڻي لڳي ٿي. اليڪشن ڪميشن وٽ 250 سياسي جماعتون رجسٽرڊ آهن. پر آمدني ۽ اثاثن جا تفصيل رڳو 77 جماعتن تي فراهم ڪيا آهن.
    30 جون 2012ع تائين جمع ڪرايل اثاثن موجب پيپلز پارٽي جا چار لک 35 هزار اثاثا هئا پر تازو هلايل اشتهارن جي ماليت ڪروڙين رپيا بڻجي ٿي.
    77 سياسي جماعتن ۾ 5 وڏيون امير جماعتون جن ۾ ترتيبوار نواز ليگ 8 ڪروڙ، ق ليگ 5 ڪروڙ 14 لک، تحريڪ انصاف 5 ڪروڙ، عوامي نيشنل پارٽي 2 ڪروڙ ۽ متحده قومي موومينٽ 94 لک رپيا ڄاڻايا آهن. جماعت اسلامي جا ساڍا 18 لک، عوامي مسلم ليگ 70 هزار، اعجاز الحق جي ضيا ليگ 30 هزار، غنويٰ ڀٽو جي پي پي 52 هزار، فنڪشنل ليگ 55 هزار، بي اين پي مينگل پوڻا 4 لک، سنڌ ترقي پسند لک 31 هزار، قومي عوامي تحريڪ 10 هزار ۽ جمهوري وطن پارٽي ڏيڍ لک رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.
    سڀني جماعتن اليڪشن ڪميشن کي حلفي بيان ۾ چيو آهي ته سندن ظاهر ڪيل معلومات حقيقت تي ٻڌل آهي، پر ڪجهه سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي گهڻو ڪري سياسي جماعتن جا ظاهر ڪيل اثاثا ۽ انهن جي خرچن کي جيڪڏهن ڀيٽائجي ته اها مذاق لڳي ٿي.(سنڌيڪار: زين ابڙو)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو