غزل

آفتاب احمد سرهيو

سينيئر رڪن
بــلـــب ھــڪڙو ئــي مون لڳايو آ
بــــل بــجـــلي ءَ جـو ڪيڏو آيو آ
ھڻ ڪنڍي ٻيو ته حل ئي ڪونھي
دوســـتن حـــوصــلو وڌايــــــــو آ
لـــــوڊ شيڊنگ گھـٽ نه ٿيئڻي آ
بـــحـــث ان تـــــي ڪـرڻ اجايو آ
ھـــڪڙو ماڻھون ئي آھي اچڻو پر
اي ـ ســي ان لاءِ مــــون ھــڻايو آ
ھـــن چــيو آفتاب اچين ئي نه ٿو
مون چــيو ســور ڪـجھه سوايو آ
 
ھـــڪڙو ماڻھون ئي آھي اچڻو پر
اي ـ ســي ان لاءِ مــــون ھــڻايو آ

واهه سائين واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار اسان اچون ته ٻيلي اي سي هلائجو
 
ھـــڪڙو ماڻھون ئي آھي اچڻو پر
اي ـ ســي ان لاءِ مــــون ھــڻايو آ

بهترين خيال آهن ڀائو آفتاب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔جاري رکو
ادا سليمان وساڻ جو ڪمينٽ ڏاڍو وڻيو
 
Back
Top