ماسٽر منظور جي ياد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2543 اٽيچمينٽ ڏسو

    ماسٽر منظور جي ياد

    محمد سليمان وساڻ

    مونکي ياد آهي ته گلستان جوهر جي حرمين ٽاور ۾ هيٺ دوست جو انتظار ڪري رهيو هوس ته سامهون ڪڙاهي ٿيل ڪڙتي ۾ هڪ شخص معصوم مرڪ سان نظر آيو، تيستائين منهنجو دوست به هيٺ اچي چڪو هو. مان ٿورو ذهن تي زور ڏنو ته ياد آيو ته هي ته ماسٽر منظور آهي ۽ پوء مان سندس ئي ڳايل ڪلام هر جاء پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ڳائيندو ساڻس مليس ۽ هو اسان کان اڻ واقف هوندي به ڀاڪر پائي مليو. هر جاء پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي، تنهنجون يادون سنڀالي رکيم دل ۾ پر تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي سميت منهنجو ويڙهو ويران ڪري ويندڙ گيت سميت سوين گيت ڳائيندڙ ماسٽر منظور جو ڏکائيندڙ موت اهڙي ريت ٿيندو ان تي هينئر تائين يقين ئي ڪونه پيو اچي. منهنجو ويڙهو ويران ڪري ڳايل گيت کانپوء کيس ملڪي سطح جي پذيرائي ملي ۽ سوين گيت ۽ آڊيو ڪيسٽون ڪامياب ٿينديون رهيو.

    سنڌ جو ناليوارو فنڪار ماسٽر منظور 22 اپريل 2012 واري رات قاسم آباد ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ لوندڙي ۾ لڳل گولي سبب گذاري ويو. سندس وفات تي ڪيترائي سوال اٿيا ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي يا هن خودڪشي ڪئي آهي. سندس ويجهن حلقن سندس قتل ۽ پوليس خودڪشي وارو موقف اختيار ڪندي سندس وفات تي ڪيترا مونجهارا آڻي ڇڏيا. سڀني سان پيار ڪندڙ ماستر منظور خودڪشي ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، هو ته مک جي موت کان به ڊڄندو هو سو ڪيئن ٿو گولي هلائي پاڻ کي قتل ڪري سگهي. سندس اهڙي پر اسرار موت تي ان وقت جي داخلا جي وزير منظور وساڻ تحقيقات جو حڪم به ڏنو پر سندس وزارت ڇڏڻ کانپوء اها تحقيقات ٿي يا نه؟ اها ڳالهه راز ئي رهجي وئي.

    قدر حسين جيڪو اڳتي هلي ماسٽر منظو جي نالي سان مشهور ٿيو، 8 جولاءِ 1974ع تي قمبر ۾ مکڻي فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ نئون ٺارو وڌو تعلقي ميرو خان مان حاصل ڪئي ڇو ته سندس ولادت بعد سندس وڏڙا نئين ٺارو وڌو ڳوٺ لڏي ويا هئا. ماسٽر منظور کي سنگيت ورثي ۾ ملي ڇو ته هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد کي ڳائيندي وڄائيندي ڏسي پاڻ به ڳائڻ جي شوق ڏانهن وڌيو. هن راڳ جي سکيا شروعات ۾ پنهنجي پيءُ مکڻي فقير کان ورتي ۽ 8 سالن جي ڄمار ۾ هن ڳائڻ جي باقائدي شروعات ڪئي ۽ 1992ع ڌاري سندس پهرين آڊيو ڪيسٽ رڪارڊ ٿي، جنهن ۾ آڊيو ڪمپني وارن کيس ماسٽر جو لقب عطا ڪيو، جيڪو اڄ تائين ساڻس لقب نالي ۾ شامل آهي.

    ماسٽر منظور پي ٽي وي تي ڪچهري پروگرام ۾ 1995ع ڌاري پهريون دفعو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ايئن هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو نالو ڪمايو. اڳتي هلي هو عوام جو مقبول فنڪار بڻجي ويو ۽ آڊيو البمس جو وڏو نالو بڻجي ويو ۽ سندس 500 کان وڌيڪ ڪلام آڊيو ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي چڪو آهي. سال 2003ع ڌاري ماسٽر منظور دنيا جي پهرين سنڌي سيٽلائيٽ چينل ڪي.ٽي.اين تي هر جاءِ پرين هر محفل ۾ ڳايو ته کيس تمام گهڻي عوامي پذيرائي ملي. ماسٽر منظور جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ آڊيو ڪيسيٽون رڪارڊ ٿيون ۽ هن ڪيترائي وڊيو گيت ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي لاءِ رڪارڊ ڪرايا آهن. پنهنجي وڌندڙ صروفيتن سبب ماسٽر منظور سال 2000 کان پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، هن شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي آهي. جنهن مان سندس اولاد به آهي.

    سنڌ جي هن نوجوان ۽ مقبول فنڪار جي ڪمهلي موت کانپوء جڏهن سندس مڙهه وادي حسين قبرستان آندو ويو ته هر اک آلي هئي. اسان حميد ڀٽو ۽ عرفان سمون سان گڏ ڪراچي کان سندس تدفين ۾ شرڪت ڪئي ته اتي موجود فنڪار گهڻو ڏکايل نظر اچي رهيا هئا. اڄ سندس ورسي تي سنڌ کيس سندس ڳايل گيتن سان وري وري ياد ڪري رهي آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي هلال پاڪستان ۾ ڇپيو​
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وادي حسين قبرستان سپر هاء وي ڪراچي ۾ فنڪار ماسٽر منظور جي پهرين ورسي تي سندس تربت تي قل خواني ۽ دعا. غلام قادر گهايل، حميد ڀٽو ۽ عرفان سمون سان گڏ.

    22 اپريل 2013

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماسٽر منظور جي ورسيءَ جي مناسبت سان سندس ياد

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو