• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرھ جا پيغام غريب گل

غريب گل

سينيئر رڪن
نثري ٽڪرا
0 يقين جي حدن ۾ اڃان ايمان ڪمزور نه ٿيو آهي ، ته پوءِ ڪيئن ٿو چوين ته مان اميد لاهي چڏيان ۔
0 سونهن جي پئمائش نه ڪر ، ڇوته ڪوبه ميزان حسن کي پئماني جي پڙن ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ جيڪڏهن دليل گهرين ٿو ته لطيف سائين جي هڪ سٽ آهي ته ،
عشق يئن ڪري جيئن ڄارو ڄام ڪلهي تي ۔
0 تارازي ۽ وٽ رکڻ وارن کان عشق جون خبرون نه پڇ ، ڇوته انهن هميشه فائدي نظر ۾ رکيو آهي ۔
0 انهن جا حوالا نه ڏي جيڪي پنهنجي سوچ ۾ ئي گنهگار ۽ بدڪار آهن ، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ سونهن
لاءِ بڇڙا خيال آهن ۔
0 ڪهڙن ماڻهن ۽ ڪهڙي دنيا جي ڳالھ ٿو ڪرين ! جيڪي اڃان تائين عشق تي ايمان کي اوليت ڏين ٿا
0 توکان سواءِ پاڻ کي اڻپورو سمجھندو آهيان ۔
0 زماني جو ڪهڙو ڏک ڪجي ، ڏک ته اهو آهي ته تون به نه سمجھي سگهئينء ۔
0 ڪائنات ۽ قبر ۾ اهو ئي فرق آهي ته ،
تون آهين !
۽ ، تون ناهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ۔
0 ڪنهن پڇيو ته ڪهڙا حال آهن ! کيس ايترو چيم ته
هن باغ جي بهار جون ڪهڙيون ڪچيون ڪيون !؟
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

دوست غريب گل، انتهائي سهڻا نثري ٽڪرا ونڊ ڪيا اٿوَ، انهن ٽڪرن مان اوهانجي اندر جي باهه محسوس ٿئي ٿي ... عشق جا اُلا جي اوهانجي اندر ۾ آهن انهن کي اوهان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ...

دوست ياد رک! ته عشق مجازي ڏاڪڻ آهي عشق حقيقيءَ جي طرف، ۽ جيئن ته عشق ڪا راند ناهي جو هر ڪنهنکي انجي خبر پوي ... اها ته اونهي ڳالهه آهي اسرار جي ۽ شاه چواڻي ته

نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

يا وري شاه ڪريم فرمايو آهي ته؛

مُٺِ ڀيڙيائي ڀلــــي، جـــــي اپٽــــي ته واءُ،
جي پڌر وڌي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي ساءُ.

اوهان پنهنجي عشق جي باهه کي سانڍيندا ته اها اوهانجي اندر کي پچائي هڪ اهڙو عاشق بڻائي ڇڏيندي جنهن سان دنيا کي هڪ اهڙو قيمتي انسان ملندو جنهن تي دنيا جا انسان فخر ڪري چوندا ته ڪو ”گل“ به غريب هيو ... پر جي انهيءَ باهه کي بچائي نه سگهندا ته اهو عشق راک ۾ تبديل ٿي پنهنجي موت پاڻ مري ويندو ۽ عشق فشق ٿي پوندو ...

اهو منهنجو خيال آهي ممڪن اوهان ان سان متفق نه هجو ...

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجي جـــــــيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب ڏيج شفا، ميــــــــــان! مريضن کي.
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

ادا گل اوهان جي نثري سٽن ۾ واقعي عشق جي آگ ڀريل آهي عشق نانگ اپر خبر کاڌن کان پڇو ۔۔۔۔
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

ادا سائين تمام بهترين، پر عشق سان ڀريل، نثري سٽن کي پڙهي ڪري خبر پئي ته توهان جي اندر ۾ به ڪا باهه ٻري رهي آهي، پر چوندا آهن ته باهه کان پاسو ڪجي، ۽ ان کي وسائڻ جي لاءِ صرف پاڻي ئي حل آهي.
ويل ڊن ادا تمام بهترين
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

ادا هي باهه ته ڪجهه گهٽ آهي۔۔ ادي غريب گل پنهنجي پهرين موڪليل ٿريڊ ۾ جيڪا باهه ڏيکاري اها ته سڀني کي تپائي وئي، نيٺ هڪ مردِ مجاهد هڻي ان کي وسائي ڇڏيو۔۔۔۔هن ڀيري ڪجهه باهه گهٽ آهي يا وري باهه جو سيڪ گهٽ آهي۔۔
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

غريب گل، تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا جاري رکو
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

دوستن جون مهربانيون ، باقي رهي ڳالھ عشق جي باھ جي ته دوستو عشق کان سواءِ عبادتون به ڪنهن ڪم جو ناهن هونديون ، ڇو ته انسان جي تڪميل ته آهي ئي عشق سان


سلامت هجو
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

دوستن جون مهربانيون ، باقي رهي ڳالھ عشق جي باھ جي ته دوستو عشق کان سواءِ عبادتون به ڪنهن ڪم جو ناهن هونديون ، ڇو ته انسان جي تڪميل ته آهي ئي عشق سان


سلامت هجو

سائين غريب گل صاحب اوهان صحيح فرمايو آهي۔۔۔ ته عشق کان سواءِ عبادتون به ڪنهن ڪم جو ناهن هونديون، سائين جنهن دماغ ۾ عشق گهڙيو وڃي ته پوءِ انهي دماغ ۾ عقل ناهي رهندو۔۔۔۔۔۔

پوءِ هينئن کڻي چئجي ته جڏهان ڪر سجود تڏهان سڄڻ سامهون۔۔۔

ادا تمام بهترين ونڊ آهي ۔۔۔۔۔ shal judy hujeen
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

0 راڻا ! توکان وڌيڪ ته مان (مومل ) ، عورت ٿي ڪري توتي ڀروسو ڪيو ، ته تون ڪنهن ٻئي جو نه ٿو
ٿي سگهين ، پوءِ تو ڪيئنء سوچيو ته هي مومل ڪنهن ٻئي جي ٿيندي ، تنهنجي ٿيڻ کان پوءِ به۔
0 مينڌرا ! منهنجي پوتي اڄ به ايتري ئي پاڪ آهي ، جيتري توکان اڳي بي داغ هئي ۔
0 جي ايئن نه هجي ها ته ، تنهنجو دوست همير مون وٽان بي عزتو ٿي نه موٽي ها ۔
0 اي راڻا ! تنهنجي مومل جي نٿ ايتري به نيچ ناهي ، جو ڪنهن غير جا هٿ ان کي ڇهي سگهڻ جي
سگھ ساري سگهن ۔
0 اي بي اعتبار ! ڪاڪ لڄائيندي لڄ به نه آيئي ، اڄ ته ناتر اڳيان به منهنجو ڪنڌ هيٺ آهي تنهنجي ڪري ۔
0 راڻا ! ننگن جي نگهباني ۾ ته توکان سومرن جو ننڍڙو ننگر به بازي کڻي ويو ۽ پوءِ به تون مرد ٿو سڏائين
حيف اٿئي ۔
0 راڻا ! اهي سڀ لکئي جا ليک هئا ، نه ته ڪيترا ئي راڻا ڪاڪ ڪنڌيء تي رلندي رهجي ويا ۔
0 راڻا ! مومل کان منهن موڙي پڇتاء ته توکي به آهي ، پر رڳو هٺ ۽ وڏائي نه ٿو ڇڏين ، باقي جيء جي جهوري تووٽ ته مومل کان به موچاري آهي ۔
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

پرھ جا پيغام
اي جانِ تمنا

توکي ڪيڏو چيو هيم ته دلين جا فيصلا دماغ سان نه پر دل سان طئه ٿيندا آهن ، پرنه ڄاڻ توکي ڪهڙو گهمنڊ هو يا ناز هو ، جنهن ۾ گرفتار ٿي، منهنجين شبنم جهڙين اڇين اجرين عقيدت سان ڀرپور محبتن کان منهن موڙي ويٺيئن حالانڪ مون ته محبتن جا قافلا وٺي توکي عشق جا گل آڇيا هئا ،مون ته ستارن جي چادر کي سڳنڌ سان سرهو ڪري
تنهنجي ويهڻ لاءِ وڇائي رکي هئي ، معصوم ٻار جي مرڪ جهڙي محبت آڇيندي ،پنهنجي زندگي جي چيچ تنهنجي
تنهنجي هٿ ۾ ڏني هئي ،پر پوءِ به تو نه ڄاڻ ڇو اوپرائپ جي احساس کي وچ ۾ ديوار بنائي رکيو ، ڀلا تون ئي ٻڌاءِ
ته آئون ڇا ڪريان ها ، ڇوته منهنجو جيون ته تنهنجي اقرار ۽ انڪار جي وچ ۾ انتظار جو صليب کڻي تنهنجي اظهار لاءِ واجهائيندو رهيو ،حالانڪ آئون تنهنجي مرڪ ۾ سمايل هزارين سنيها پڙهي وٺندو آهيان . تنهنجي مسڪراهٽن ۾ سمايل محبتن جي اظهار کي ڪو ٻيو ڀلي نه ئي سمجهي سگهي ، پر منهنجي دل جي تيز ڌڙڪن انهن محبتن جي گهرائپ کي ايئن پرکي وٺندي آهي ، جيئن ٿر جا ماڻهو بادلن جي رفتار کي ڏسي مينهن جي آمد جو اعلان ڪندا اهن.
تنهنجي سامهون ويهندي مون تنهنجي اکين ۾ زندگي جا سمورا خوشنما رنگ ڏٺا آهن ، تنهنجي ٽهڪن ۾ زنده دلي جا ترانا ٻڌا آهن ، تنهنجي چپن جي چائٺ تي مون لفظن کي خيرات وٺندي ڏٺو آهي ،تنهنجي زلفن جي لهرن تي مون ڪڪرن جا ڪٽڪ ايندي ڏٺا آهن ، تنهنجي رخسارن جي رنگت تي مون گلابن کي شڪريه ادائي ڪندي ڏٺو آهي ،۽ يقين ڪر تنهنجي اندازِ رقص تي مون رابيلن کي جهومندي ڏٺو آهي ،اهي سمورا انداز کڻي تون جنهن به
گهٽيء مان گذر ڪندين آهين ته يقين ڪر انهي گهٽيء جي مٽي به مانائتي بنجي پوندي آهي ،جيون جي رس ڀرين
گهڙين ۾ جڏهن تون سرنهن ڦولار جهڙو ويس پائي هلندي آهين ته يقين آهي ته تنهنجي دل سٽون کائيندي هوندي،
توکي انهن اکين جو انتظار ۽ اوسيئڙو هوندو جن اکين جي ماڻڪين ۾ تون پاڻ کي ڏسي سگهين ،
ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ته آئون انهن سمورين ڪيفيتن کي ڪهڙو ناڻءٌ ڏيان ، تون ڄاڻندي به ڪڏهن اظهار ۽ اقرار نه ڪيو،
مان ڄاڻان ٿو ته چانڊوڪي رات جو پڌر ۾ ستي ويل تون چنڊ سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪندي هوندينء ،
لطيف جي لفظن ۾ مومل جي زباني ڪوئي شعر چوندي مسڪرائي شرمايو به هوندئي ، تنهنجي انهن سوچن ۽ سرٻاٽن جي گواهي صبح جي پهرين پهر ٽڙيل اهي گلاب جا گل اهن ، جيڪي رات تائين مکڙيون هيا ، پر پوءِ به يقين
ڪر آئون ڄاڻان ٿو ته تنهنجي اکين ۾ سمايل صبح جهڙا اجرا خواب منهنجي لاءِ ئي آهن ،تنهنجي اکين جا اوجاڳا شاهدي ڏئي رهيا آهن ته تو رات ننڊ نه ڪئي آهي .
هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته آئون ڇا ڪريان ، اها تنهنجي انا سمجهان يا ناز ، جنهن هميشه توکي اقرار ڪرڻ نه ڏنو ، ۽ اسان جي وچ ۾ اوپرائپ جي احساس جي ديوار کي برقرار رکيو.






فقط تنهنجو پنهنجو
 
جواب: پرھ جا پيغام غريب گل

واه سائين واه ادا گل، تو وارا اهي پرهه جا پيغام اسانجهڙن جهونن کي پنهنجي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائڻ لئه آماده ڪري رهيا آهن ... ۽ اهي ڏينهن ياد اچي رهيا آهن جو جنهن گهٽيءَ مان محبوب جو گذر ٿيندو هو ته ... پنهنجي من جي حالت لطيف جي هنَ لطافت جيئان ٿي ويندي هئي ...

ناز منجهاران نڪري جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءُ پڻ چئي بسم الله، راه چمي ٿي رند ...
 
سائين غريب گُل
اوهان جو مضمون پرڀات جو مسافر مون صادق فقير تي سهيڙيل ڪتاب چڱو ڀٽائي آ هلان ٿو، ۾ شامل ڪيو آهي ۽ اوهان جيڪڏهن آريسر صاحب تي لکيو هجي ته برا مهرباني جلدي ميل ڪريو ته ڪتاب ۾ شامل ڪجي.
اوهان جو پنهنجو
علي نواز آريسر
 
Back
Top