ڪجهه احوال موسم جو

'مختلف موضوع' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛​
    ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛​
    آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛​
    گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي؛​
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته وڻندڙ موسم اچي ويندو آهي جو يادن جو وڻندڙ سلسلو مٺڙي هير بڻجي لون  لون کي مهڪائي وجهندو آهي، ڪڏهن ان موسم سان سلهاڙيل دوستن سان گهاريل اهي ڪي پل ياد پئجي ويندا آهن ته ڪٿي محبوب جون چنچل ادائون بادلن پٺيان سج جيان ليئا پائي من اندر ڪتڪايون ڀريو ٿيو ڇڏن۔۔ اهي موسمون ئي ته آهن جيڪي اسان جي يادن جي سلسلن کي اسان سان جوڙينديون ٿيون اچن۔۔اڄ به ڪجهه اهڙو ئي موسم ٿي ويو آهي منهنجي اوسي پاسي ۾، بادلن مٿان گجگوڙ ته صبح جي پهر کان ئي شروع ٿي وئي هُئي پر ڪجهه پل گذرڻ کان پو برسات جي ڦُڙين پنهنجون شرارتون شروع ڪري ڏنيون ته ڀنل مٽي جي خوشبو جئين ئي من اندر اوتجندي ٿي وئي ته يادن جو نه کٽندڙ سلسلو جيڪو ان چيڪي مٽي جي خوشبو سان واڳيل آهي جاري ۽ ساري ٿي ويو۔۔بس پو هميشه جيان استاد جون هي سٽون هڪ سرير ڏيندڙ آواز ۾ من جي پاتال منجهه واڄٽ ڪري گونجڻ لڳنديون آهن۔۔
    هن موسم ۾ گڏ يار هجي، پيون بوندو وسن ۽ بهار هجي۔۔
    ۽ پڻ
    سرمد جا ڳايل ٻول آهن ته۔۔۔
    جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون ، الا ڇو اوهان جو اکيون ياد آيون۔۔۔


    هاڻ ڏسون ٿا ته هن موسم ۾ اوهان جا ڇا خيال آهن۔۔ڇا اهو سڀ ڪجهه اوهان سان به آهي، ته پو هت ونڊ ڪيو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي اهڙي موسم ۾ ڪيئي اردو ۽ سنڌي گيت ياد ايندا آهن، پر مينهن کانپوء موسم هاڻ گرم ٿي وئي آهي ۽ هن وقت به گرم پئي محسوس ٿئي، يا وري اسان جا جذبا گرم آهن ۔۔۔۔

    هن موسم ۾ گڏ يار هجي
    پيون بوندون وسن ۽ بهار هجي۔

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    واهه واهه سائين سليمان صاحب اوهان ته اسان جا جذبا ئي جوان ڪري ڇڏيا۔۔ مينهوڳي جي مناسبت سان بهترين شاعري پيش ڪري۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    موسم الله جي اها نعمت آهي جيڪا اسان جي چوڌاري هر وقت هر حال هر دور ۾ رهي ٿي، جيڪا اسان جي زندگي جو هڪ اهم ۽ خاص حصو آهي، جنهن جو اثر انسان جي رنگ مذاج ۽ صحت تي پڻ ٿئي ٿو۔ موسم جي تبديلي سان ئي دنيا جو وهنوار ۽ نظام هلي پيو ۽ ان جي مڪمل حڪمت ته رب جي ذات ئي ڄاڻي ٿي جنهن کان دنيا جو ڪو به علم لڪل ناهي۔۔۔۔۔۔۔ موسم هر علائقي جي حسان سان الڳ الڳ اثر رکي ٿي، دنيا ۾ سال جون چار موسمون ڳڻيون وڃن ٿيون جنهن ۾ سيارو، اونهارو، سرء ۽ بهار شامل آهي۔
    موسمن ۾ سڀ کان پسنديده موسم، موسم بهار آهي، موسم بهار اچڻ سان ماڻهن جي چهرن تي پڻ موسم بهار نظر اچڻ لڳي ٿي۔ موسم بهار جو اثر نه صرف ماڻهن تي پر ٻوٽن تي وڻن تي جانورن، ۽ پکين تي پڻ ٿئي ٿو پر هت خاص ذڪر گرمي جي موسم جو ڪيو وڃي ٿو،۔۔۔نوٽ پنهنجي شهر جي موسم معلوم ڪرڻ لاء هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو