اديب رضوي ڊاڪٽر: مشهور ڊاڪٽر اديب رضوي ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. -ايس- جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اعليٰ -تعليم- جي حصول لاءِ برطانيه هليو ويو. 1972ع ۾ واپس آيو ته ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. سندس ڪوششن سان ڪراچي اسپتال ۾، ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو شعبو ”يورالاجي“ قائم ٿيو. آهستي آهستي -ترقي- ڪندي، -ان- شعبي ”سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ائنڊ ٽرانسپلانٽيشن“ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن جو شمار -ايشيا- جي بهترين طبي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن اداري ۾ او پي ڊي جي مريضن سميت، سال ۾ هڪ لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي. مريضن جو سموريون ٽيسٽون مفت ۾ ڪيون وينديون آهن. بُڪين جي تبديليءَ جو پهريون آپريشن پڻ ڊاڪٽر صاحب، هن ئي اداري ۾ 20 نومبر 1985ع تي ڪيو هو ۽ سن 2009ع تائين هزارين اهڙا آپريشن، ڊاڪٽر صاحب خود به ڪري چڪو هو. هو پاڪستان ۾ بڪين جي پيوندڪاريءَ جو وڏو ماهر ڊاڪٽر آهي. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ به مليا اٿس.بشڪريه سنڌيانا ڊاڪٽر اديب رضويءَ جون خدمتون حميرا علواڻي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) سنڌ جو هڪڙو اهڙو خيراتي ادارو آهي، جتي مريض جي داخل ٿيڻ کان وٺي ان جو سمورو علاج، دوائون، آپريشن سميت مفت ڪيو ويندو آهي. علاج ٽيسٽن وغيره لاءِ هڪ روپيو به مريض کان ڪونه ورتو ويندو آهي. 1975ع ۾ شروع ٿيندڙ اهو ادارو، جنهن پنهنجي شروعات Dialysis کان ڪئي، هن وقت اتي عضون جي پيوند ڪاري، ليزر سرجري، بلڊ ٽرانسفيوزن، گردن ۽ جيري سميت بيمارين جو علاج ڪيو وڃي ٿو. شروعاتي طور تي ڪراچي جي سول اسپتال جي 8 بسترن تي مشتمل ننڍڙي گردن جي وارڊ کي وڌائڻ لاءِ ڊاڪٽر اديب رضوي کي اها ذميواري ڏني وئي، جنهن جي اڻٿڪ محنت، جدوجهد ۽ مقصد جي سچائيءَ سبب اڄ SIUT ڏکڻ ايشيا جو گردن جي حوالي سان وڏي ۾ وڏو ادارو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڏنل 2 ايڪڙ زمين تي SIUT تعمير ڪرڻ ۾ ديوان مشتاق ۽ ڪراچي جا نامور ڪاروباري خاندان شامل آهن. SIUT ٽرسٽ جي شروعات نومبر 2005ع کان ٿي آهي ۽ هن ٽرسٽ ۾ Charity (خيرات) ڏيڻ وارن ۾ سنڌ حڪومت، پرائيويٽ ادارا، ڪاروباري ماڻهن سميت هڪ وڏو تعداد اهڙن صاحبِ حيثيت مريضن جو پڻ آهي، جيڪي عطئي طور رقمون ڏين ٿا. اڄ ڏينهن تائين 7 لک کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪندڙ اهو ادارو پئسن کان علاوه مختلف قيمتي دوائن ۽ سامان جي صورت ۾ پڻ عطيا وصول ڪندو آهي. SIUT ٽرسٽ فلڊ رليف، ٻوڏ جي ڏينهن ۾ به ڪئمپون هڻي خدمت ڪندو آهي. 2010ع واري ٻوڏ جي وقت ڊاڪٽر اديب رضوي جي ٽيم کي ڪم ڪندي ڏٺم ۽ مون پاڻ انهن جو ساٿ ڏنو. گفتگو دوران مون کي ڊاڪٽر اديب ٻڌايو ته، 1975ع ۾ پهريون ڀيرو هو ميڊيڪل ڪئمپ کڻي چوهڙ جمالي (ٺٽو) آيو هو ۽ تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خصوصن ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ پنهنجي نگرانيءَ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ هڻندو رهندو آهي. SIUT ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، بلڪه سڄي پاڪستان مان مريض گردن جي بيمارين جي علاج لاءِ پهچن ٿا، روزانو 500 کان وڌيڪ مريضن جو ابتدائي چيڪ اپ ڪيو ويندو آهي. مريضن کي نمبرن جون پرچيون ڏنيون وينديون آهن ۽ روزانو 500 مريضن جي مرض جي نوعيت جي تشخيص ڪري SIUT جي مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ ٽيسٽن ۽ علاج لاءِ موڪليو ويندو آهي. هر عمر جا مريضن، جن ۾ ٻار، عورتون، بزرگ، جوان امير، غريب سڀ پنهنجي نمبر جو انتظار ڪندا آهن. زياده تر مريض گردن جي انفيڪشن، گردن ۾ پٿري، گردن جو ڪم نه ڪرڻ وغيره جي بيمارين جا هوندا آهن. SIUT ۾ روزانو 500 کان وڌيڪ مريضن جو Dialysis پڻ ڪيو ويندو آهي. مون هتي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي اسٽاف ۾ ڪم ڪرڻ جو هڪ عجيب جذبو ڏٺو آهي. سچائي، ايمانداري ۽ جانفشاني سان ڪم ڪندڙ اسٽاف جي جذبي جي سچائي ۽ ”موٽيويشن“ جو سبب ڊاڪٽر اديب رضوي آهي، جيڪو انهن لاءِ ”رول ماڊل“ آهي، اهو پاڻ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن لاڳيتو مريضن جا آپريشن ڪندو آهي، مريضن جو چيڪ اپ، تمام وارڊن جو ڏينهن رات پاڻ وزٽ ڪرڻ، مريضن جي تيمار داري ڪرڻ، تسلي ڏيڻ، ڪيترن مريضن کي، خاص ڪري ٻارن ۽ بزرگن کي چپل پارائي باٿ روم تائين وٺي وڃڻ تائين مدد ڪندي ڏٺو ويو آهي. توهان کي ڪڏهن SIUT ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي سان ملڻو هجي ته هو توهان کي يا ته ڪنهن مريض جو چيڪ اپ ڪندي يا پوءِ آپريشن ٿيٽر ۾ يا ڪنهن مريض سان ڪچهري ڪندي ۽ ان کي آٿت ڏيندي ملندو. هتي ڪوبه VIP يا پرائيويٽ وارڊ ڪونه آهي، بلڪ مريض ساڳئي جنرل وارڊ ۾ ئي رکيا ويندا آهن. هتي ٻارن جي وارڊ جو پڻ عجيب منظر آهي. جنهن به معصوم ننڍڙي ٻار کي ڊرپون لڳل ۽ ڊائلائسز مشين تي ڏسندا ته ان جي چهري تي هڪ مرڪ هوندي آهي ۽ جڏهن توهان انهن مان ڪنهن کان به اهو پڇندا ته توهان وڏا ٿي ڇا ٿيڻ چاهيندا؟ ..... ته رڳو اهو هڪڙو جواب سامهون ايندو، ”ڊاڪٽر اديب رضوي“! سچ تي اتي ايندڙ هر ڪنهن مريض، اسٽاف انهن جي مٽ مائٽن لاءِ ڊاڪٽر اديب هڪڙو مسيحا آهي، جيڪو رنگ، نسل، خاندان، عمر، وڏ ننڍائي جي فرق بنا سڀني جي مدد ڪندو رهندو آهي. تازو صدر آصف علي زرداري کيس عظيم تر خدمات ۽ پنهنجي زندگي هن شعبي لاءِ وقف ڪرڻ تي پاڪستان طرفان نوبل انعام لاءِ پڻ نامزد ڪيو آهي. آگسٽ 1940ع ۾ هندستان ۾ جنم وٺندڙ اديب رضوي جي خاندان 1947ع آگسٽ ۾ پاڪستان هجرت ڪئي. ڪراچي مان ميڊيڪل جي تعليم کانپوءِ برطانيه مان Urology ۾ اسپيشلائيزيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان واپس موٽي آيو ۽ هن جي زندگيءَ جو مقصد صرف ۽ صرف ملڪ جي غريب عوام کي مفت گردن جو علاج فراهم ڪرڻ هو، پر اڄ هن جا مقصد اڃا به اڳتي آهن ته پاڪستان جي عوام ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪجي ته مرڻ کان اڳ پنهنجا عضوا ڊونيٽ ڪري وڃن. ڪو ماڻهو جيئري وصيت ڪري پنهنجو جسم ڊونيٽ ڪري ٿو ته ان جي مرڻ بعد ان جا عضوا 17 انسانن جي ڪم اچي سگهن ٿا، پر بدقمستي سان اسان جي ماڻهن ۾ اها سجاڳي اڃا تائين ڪانه آئي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجو جسم، پنهنجي مرضيءَ سان SIUT ۾ اچي هڪ وصيت پيپر تي قانوني لحاظ کان صحيح ڪري حوالي ڪري وڃن ۽ ان جي موت جي ڪلاڪ اندر ان جا وارث مڙهه هتي پُهچائي وڃن ته ان جي وجود جا 17 عضوا پيوند ڪاريءَ لاءِ ٻئي ڪنهن جي ڪم اچي سگهندا. صدر آصف علي زرداري پاڻ پنهنجيون اکيون SIUT کي ڊونيٽ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ گردن جي پيوند ڪاري ته وڏي پيماني تي ٿئي ٿي پر اکين، جيري ۽ ٻين عضون جي پيوند ڪاري ايتري ڪامياب نه آهي، ان جو اصل سبب اهو آهي ته اسان وٽ مرڻ کان اڳ ڊونيٽ ڪري پنهنجا عضوا ڏيڻ جي روايت بلڪل ڪونه آهي. SIUT جي سالياني آڊٽ، پئسن جو حساب ڪتاب ڊاڪٽر اديب رضوي پاڻ پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪرائيندو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڏنل امداد لاءِ پڻ سنڌ حڪومت کي پاڻ خط لکي آڊٽ ڪرڻ جي دعوت هر سال پاڻ ڏيندو آهي. سندس اهو يقين آهي ته خير جي نالي تي ڏنل هر ڪنهن روپئي جو حساب ڪتاب هن دنيا ۾ ڏيندو ته آخرت ۾ سرخرو ٿيندو!! ڊاڪٽر اديب رضوي جي وصيت موجب سندس اولاد (هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ جيڪي پڻ ٻئي سٺا ڊاڪٽر آهن). SIUT اداري جي انتظامن کان پري رهندا، هو هن اداري کي خانداني اداري ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي اولاد جي خواهش باجود اها قرباني ڏني آهي ته جيئن ڪير انهن تي آڱر نه کڻي سگهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان پوءِ جنهن شخصيت لاءِ مون اڄ لکيو آهي، اهو ڊاڪٽر اديب رضوي آهي، ڇو جو هو پڻ عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿو ۽ شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شاهه لطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي
ڊاڪٽر اديب رضوي جون خدمتون واقعي ئي قابل تعريف آهن۔ مان جڏهن به ڪنهن مريض سان گڏ ايس آء يو ٽي ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته سول اسپتال جي انتظاميه سان گڏ هي ادارو هلي ٿو ۽ ايڏو ڪامياب هلي ٿو۔ ڪاش سڀ اهڙا ٿي پون ۔۔۔۔ سندس انساني خدمتون تمام وڏيون آهن۔
الله پاڪ سندس جي خدمتن جي عيوض نهايت وڏو اجر عطا ڪري۔ آمين۔۔الله جي در تي دعا آهي ته شل اهڙا ادارا سنڌ جي ٻهراڙين جي ويجهڙن شهرن ۾ به جڙي پون ته ويچارا مجبور ۽ لاچار ماروئڙا صحت جي سهولتن مان فيضياب ٿي سگهن۔۔ ڇو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ گورنمينٽ پاران جيڪي اسپتالون آهن انهن کان ڀلا ۽ صاف سٿرا ته اتان جي وڏيرن جي جانورن جا وٿاڻ آهن۔۔
ادا منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر صاحب جهڙا ماڻهو اسان کي تمام گهٽ ملندا آهن اسان ته ڌڻي در دعاڳو آهيون ته ڊاڪٽر صاحب کي الله سائين اڃا وڌيڪ سگهه ڏئي، جنهن سان هو قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي