دبئي، سنڌ ۽ ڀوتار (ڪالم)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ آفتاب احمد سرهيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2013۔

  1. آفتاب احمد سرهيو

    آفتاب احمد سرهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2013
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    دبئي، سنڌ ۽ ڀوتار
    ڪڏھن ڪنھن اھو سوچيو ئي نه ھوندو ته دنيا جي نقشي تي ننڍڙي ٽٻڪي جيترو دبئي ڏسندي ئي ڏسندي وڏين عمارتن وارو ملڪ بڻجي ويندو، ھن ملڪ خشڪي تي جبلن جيڏيون جايون جوڙي دنيا کي نه صرف ڏندي آڱريون ئي ڏنيون آھن پر سمنڊ ۾ حيرا ن ڪندڙ نوان شھر اڏي پاڻ کي دنيا جي جديد ملڪن جي قطار ۾ به بيھاريوآھي،دنيا جي توجھه پاڻ ڏانھن ڇڪائيندڙ ھي ملڪ ڀل ته ھن وقت معاشي مسئلن ۾ ڦاٿل ئي ھجي پر پوءِ به ڪيترن ئي ائيٽمي طاقتون رکندڙ ملڪن کان گھڻو ئي بھتر نظر اچي ٿو٬ ھن ملڪ جي والي وارثن ڀل ته پنھنجا ننڍپڻ ۽ جوانيون انگلينڊ ۾ گذاريون ھجي پر پوءِ به ھنن جا ڳاٽ ھنن جي جوڙيل اوچين عمارتن جيان ھر وقت اھو چوندي اوچا رھن ٿا ته ھو ريگستان ۾ رھندڙ عرب ئي آھن، جنھن جو ثبوت ھتان جي مغرب جھڙي ماحول ۽ جديد اڏاوتن ۾ موجود عربي تھذيب جي عڪس جي ھئڻ سان به ملي ٿو٬ ھو کڻي ته ڪيڏا به جديد ڇو نه ٿيا ھجن پر پنھنجي تھذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ سان اڄ به بي انتھا پيار ڪن ٿا جيڪا ڪنھن به لحاظ کان فقط ڏيکاءُ ڪونھي٬ماضيءَ ۾ تاريخي لحاظ کان دبئي ڪو ايڏو پراڻو يا اھم ملڪ ته ڪونھي رھيو، پر ھن جي ننڍڙي ۽ مختصر تاريخ ۽ ماڳ مڪان ھن ملڪ جي ماڻھن لاء سڀ کان وڌيڪ اھم آھن٬ ھو پنھنجن ابن ڏاڏن کان مليل موروثي ملڪيتن، جاين ۽ قلعن کي اڄ به ساھ ۾ سانڍيو اچن ٿا٬ اھو ئي سبب آھي جو چوئٿرام جھڙو اربپتي سيٺ ھجي يا لعل ۽ مايا جھڙا سيڙپڪار ، ڪپڙي جا وڏا واپاري ھجن يا سون جا سوداگر جن جي پھرئين پھچاڻ سنڌ ۽ ھينئر ھنڌ ستان آھي، کربين درھمن جي سيڙپڪاري کان پوءِ به دبئي جي ڌرتيءَ جي ھڪ انچ جا مالڪ نه ٿي سگھيا آھن، شھر جي وچ ۾ موجود پراڻو قلعو جنھن کي دبئي جي حڪومت ھاڻي عجائب گھر جي صورت ڏني آھي، ھتي ايندڙ سياحن ۽ مستقل رھندڙ لاء نه صرف ھڪ تفريحي مقام ئي آھي پرھتان جي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جي جديد انداز ۾ معلومات معيا ڪرڻ جو وڏو ذريعو پڻ آھي٬
    منھنجي ڌرتيءَ جي اھجن، آزارن، سورن ۽ سختين کان ڪن لاٽار ڪندڙ اھي بيشمار سياستدان، ڀوتار۽ ڪامورا جيڪي سنڌ جي قسمت جي ڇڳل منھه ھيٺان ويھي ھروقت ”واھه ميڏي ٿوڻي“ چئي سنڌ سان عشق ۽ احسانن جو اظھار ڪندا آھن، سي سڀ ملڪ ۾ سياسي وبائن ۽ بلائن واري موسم ۾ توھان کي محبتون ميڙيندي اڪثر دبئي ۾ ئي نظر ايندا ٬ ڪلف لڳل ڪاٽن جو لباس پھري ھو جڏھن ان عجائب گھر جي دروازي تي مقرر ڪنھن گوري ميم کان مڇون مھٽيندي ٽڪيٽ وٺي اندر داخل ٿين ٿا تڏھن اھي سڀ حيدرآباد جي پڪي قلعي کان وٺي موھن جي دڙي جي مٽيءَ تائين سموري سنڌو تھذيب جا پڪا مياري ٿي پون ٿا ، چنگ ۽ سُرندي جھڙن سازن جي سار نه لھندڙ اھي سياستدان، ڪامورا يا ڀوتار ڀل ته اجرڪون اوڍائيندي ۽ توپيون پارائيندي وڏا سرڪاري عھدا ماڻن يا کڻي پنھنجا سياسي اتحاد جوڙيندا وتن پر ھنن کي قومي غيرت جو ثبوت ڏيندي سڀ کان پھريائين ته اھي سڀ چوريون ۽ ڌاڙا جيڪي پڪي قلعي جي تاريخي تلوارن کان وٺي موھن جي دڙي جي مُھرن تائين لڳا آھن سي سڀ ائين ئي واپس ورائن جئينءَ ھو غيرت جو مامرو سمجھي ڳوٺن مان چوري ٿيل رڍ ٻڪري ورائيندا آھن٬

    ”ڳوٺ جو وڏيرو ته ستن وليُن جيڏي طاقت رکندو آھي“ اھي تعريفي لفظ ان ڪمدار جا آھن جنھن پنھنجي ڀوتار جي باري ۾ تعريفن جا بند ٻڌندي ان وقت چيا ھئا، جڏھن ڳوٺ جي ھڪ بزرگ ھستي جو مال چور ڪاھي ويا ۽ ڳوٺ جو ڀوتار ساڻس ھمدردي خاطر ھن جي مدرسي ڪھي ويو ھو ۽ بزرگ کان مال متعلق حيران ٿي پڇندي چيو ھيائين ته ”سائين توھان ته ا جا پيارا آھيو توھان کي خبر نه آھي ته توھان جو مال ڪٿي بيٺو آھي، جڏھن ته مون گنھگار کي ھتي ويھي خبر پئي ٿي ته توھان جو مال ڪٿي بيٺو آھي٬“

    دبئي جي خوبصورت عمارتن، روڊن رستن، ھوٽلن ۽ شاپنگ سينٽرن کي وات پٽي حيران ٿي ڏسندڙ ۽ ھيڏي ترقي ڪندڙ قوم کي بدو، جاھل ۽ ڳوھه کائيندڙ چئي پاڻ کي معتبر سمجھندڙن کي شايد اھا خبر ناھي ته سنڌ جا اھي تاريخي ماڳ مڪان جن ھن ڌرتي جي بھادرن، بزدلن، جوڌن ۽ جنگجوئن جون ڪئين ڪھاڻيون پنھنجي وجود ۾ دفن ڪري رکيون آھن ،سي ھوريان ھوريان پنھنجن وارثن جي سامھون پنھنجي سموري تاريخي دستاويزن سان گڏ دفن ٿي رھيا آھن٬
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين نه پڇو ۔۔۔ تهذيبن جي وارث قوم سنڌ هاڻي اهڙن پروجيڪٽس ۽ ٻين ملڪن جي ترقي تي حيران ئي ٿيندي رهندي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين نه پڇو ۔۔۔ تهذيبن جي وارث قوم سنڌ هاڻي اهڙن پروجيڪٽس ۽ ٻين ملڪن جي ترقي تي حيران ئي ٿيندي رهندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو