يار هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ... ڏس ٻليءَ کي ... کوئنسي ٿي پاڻ وڏن سان ... بس يار کيس ڪو سمجهائي ته ائين نه ڪري ... همراه کي جي آئي ڪاوڙ ته اصل ڪندس بج بج ... http://www.youtube.com/watch?v=vf9wHkkNGUU
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ واهه سائين واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، پر سائين، پاڻ کان وڏن سان مزاڪ ڪرڻ يا وري ٻي ڳالهه ڪرڻ سمجهه پاڻ کي نقصان ۾ وجهڻ آهي، پر هي ٻلي الائي ڪهڙي نسل جي آهي، يا وري ڪتي ۾ ڪو ڦير آهي. ......؟
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ يار عبدالوهاب، ڀلي ڪري آيا، جي آيا، اڙي يار ڪٿي هنئين هت علي علي سڳورو، پنهنجو وارو وڄائي ويو تڏهن پهتو آهين ... اسان سان لڳي ٿو اوهان ٻئي جهونا اٽڪلون پيا ڪريو ... هڪ اچي ٿو ته ٻيو غائب ... مونکي ته فقير سائينءَ جا لفظ مجبورن چوڻا پوندا .... وسري ويا الائجي ڪيئن چوندو آهي ...ڪجهه هينئن .... صالو تنهنجا ڀاڳ ... ۽ ها ٻلي ته هوندي ئي ڏنگي آهي سو لڳي ٿو ڪتي پنهنجو پٽڪو لاهي ڇڏيو آهي ... چوندا ناهن ته مڙس ٿي ڀاڙي ته پٽڪو به بار .... wslam
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ سائين ٻلي سان کونسڻ به چڱو نه آهي جو اها به پاڻ کي شينهن جي ڀيڻ ٿي سمجهي
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ نه سائين ۔۔۔ اصل ۾ ٻليءَ لاءِ مشهور آهي ته اها شينهن جي خاله يعني ماسي آهي۔۔
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ مون واري ماسيءَ کي الله جنت نصيب ڪري اهڙيون ٿڦڙون ته ڪونه هڻندي هئي ... هيءَ ته ڪا وڏي ڏنگي ماسي آهي ... اهڙيون ماسيون مليون ته بس .... الله خئير ڪري ...
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ سائين هي شينهن جي ماسي آهي، ته ڪتو ان جي اڳيان ڪهڙي شئي آهي۔۔ ٿڦڙون ته پئي هڻيس ڇا۔۔ وڏي ڪا ڏنگي آهي۔۔۔
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ سائين منهنجا الله جي مهربانين ۽ توهان دوستن جي دُعائن سان پنهنجي روزگار سان لڳا پيا آهيون، سائين واقعي الله هر ڪنهن کي اهڙي ماسي کا بچائي، نه ته وري هي حالت هوندي اگر جي اسان کي ڪمپيوٽر جي ويجهو ڏٺائين
جواب: هيءَ به ڪا ڳالهه آهي ؟؟؟ ادا توهان ڪاٿي آهيو انهيءَ تصوير ۾۔۔؟ ڪاٿي ڪمپيوٽر جي اندر ته ڊپ کان ڪونه لڪي ويا آهيو۔۔؟