اڄ عالمي ڌرتيءَ ماءُ جو ڏينهن آهي،عالمي ڏهاڙا خاص پروگرام ۽ پيغام ٻڌائڻ، ورجائڻ لاءِ ملهايا ويندا آهن،ٻين ڏِڻَن، ڏينهنِ وانگي ڌرتيءَ جو ڏينهن به هڪ اهم ڏينهن آهي. آهي، ڌرتي ماءُ جي ڏينهن جو ملهائڻ مان مراد آهي ڌرتي سان پيار جو ڏينهن، ڌرتي جي سار سنڀار جو ڏينهن، اها ڌرتي جنهن تي اسين رهون ٿا جتي اسان جو سڀ ڪجھ آهي ان ڌرتي جي باري ۾ سوچڻ جو ڏينهن آهي.هن ڏينهن تي دنيا جي 192 ملڪن مان هڪ ارب ماڻهو اڄوڪي ڏينهن تي ڌرتي ماءُ جي حوالي ٿيندڙ تقريبن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿينداآهن. گيلارڊ نيلسن هڪ آمريڪي سياستدان هو جيڪو 60ع، 70ع واري عرصي ۾ پنهنجي عروج تي هو، ان دور ۾ ماحولياتي منصوبادي نه هجڻ جي برابر هئي، 1962ع ۾ گيلارڊ نيلسن سينيٽ ۾ چونڊجي ويو، هو ماحولياتي معاملن جي حوالي سان ڏاڍو پرجوش ماڻهو هو انڪري سينيٽ ۾ اچڻ سان ئي ماحول جي بچاءَ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏنائين ۽ کيس رستي جون رڪاوٽون هن جي جدوجهد کي روڪي نه سگهيون. هن عوام کي ماحول جي خاص طور تي ڌيان رکڻ لاءِ چيو ۽ 22 اپريل تي هن عوام کي عالمي طور تي ڌرتي ماءُ جو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي. پهرين ڌرتي ماءُ جي ڏينهن تي ٻين سياستدانن سميت 20 آمريڪي لک هن کي ماڻهن ٺاهوڪي موٽ ڏني. جنهن کانپوءِ هر سال 22 اپريل تي سموري دنيا ۾ ڌرتي ماءُ جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.گيلارڊ نيلسن کان اڳ ۾ آمريڪا جي هڪ سماجي ڪارڪن جان مڪونيل John McConnel يونيسڪو پاران ماحول جي حوالي سان ڪانفرينس ۾ تجويز پيش ڪئي هئي جنهن ۾ هن چيو ته 21 مارچ تي سموري دنيا ۾ هر سال ڌرتي جو ڏينهن ملهايو وڃي ۽ هن ملڪ هن ڏينهن تي سرڪار موڪل ڪئي وڃي. مڪونيل جو خيال هيو ته 21 مارچ تي رات ۽ ڏينهن جو دورانيو هڪ جيترو ٿيندو انڪري هن ڏينهن تي دنيا هر هنڌ ماڻهن کي سمورا فرق دور ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي. 21 مارچ کان ڌرتي جي مٿين اڌ گول يعني اتر اڌ گول ۾ بهار جي مند شروع ٿيندي آهي ۽ هيٺين اڌ گول يعني ڏکڻ اڌ گول ۾ سرءُ جي منڊ شروع ٿيندي آهي. گذريل ڪجھ سالن ۾ ڌرتي ماءُ جي ڏينهن جي حوالي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحول جي بچاءَ ۽ ڌرتي کي سرسبز آباد ڪرڻ لاءِ تحريڪون هلي چڪيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحول جي بچاءَ لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي ۽ نوان نوان قانون پيا ٺاهيان وڃن. ڪيترن ئي آفيسن ۾ ڪاعذ جي بدران آن لائين، انٽرنيٽ جي استعمال تي زور پيو ڏنو وڃي. سفر ڪرڻ لاءِ پهنجي ذاتي گاڏي جي بدران لوڪل سواري کي ترجيح پئي ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي. جيڪڏهن ماضي جي جهلڪين تي نظر وجهنداسين ته پندرهين صدي تائين سڀ ڪجھ ٺيڪ هيو، سورهين صدي عيسوي کان وٺي سائنسي انقلاب آيو ۽ وري ان سائنسي انقلاب دوران ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ وري صنعتي انقلاب آيو جنهن دوران خاص طور تي يورپ تمام گھڻي ترقي ڪئي. ناروي جي هڪ سينئر محقق سُر ڪاسا (Sjur Kasa) پنهنجي مقالي ”صنعتي انقلاب ۽ ماحولاتي مسئلا(Industrial Revolutions and Environmental Problems)“ ۾ بيان ڪري ٿو ته يورپ صنعتڪاري جي چئن دورن مان گذريو آهي ۽ پنجين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. 1780ع ۾ صنعتن ۽ڪارخانن ۾ مشيني نظام متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ ڪوئلي، پاڻي، لوھ ۽ ڪپھ جو تمام گهڻو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ غربت، بک ۽ بدحالي کي ڪنهن حد تائين قابو ڪيو ويو پر ماحولياتي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيڻ لڳا، ماحول ۾ دونهين جو مقدار وڌڻ لڳواهڙيءَ طرح وري 1848ع ۾ صنعتن ۾ ٻاڦ تي هلندڙ مشينون متعارف ڪرايون ويون ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام آيو، اڌ صدي تائين ڪا خاص تبديلي نه ڪئي وئي، پر دونهاٽيل ماحول ۾ دوهين جو مقدار وڌندو رهيو گڏوگڏ سماجي ۽ ماحولياتي مسئلا پڻ وڌندا رهيا. 1895ع ۾ صنعتن ۽ شهرن ۾ گهر گهر بجلي پهچڻ لڳي، اسٽيل، ڪاپر سميت ٻين ڌاتن جو استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ڪيميائي ماده پڻ استعمال ۾ اچڻ لڳا. ان وقت ۾ به بجلي جي نظام ۾ بنيادي وسيلو ڪوئلو هو، ان دوران شهر وڌڻ لڳا ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ، مٺي پاڻي ۾ آلودگي پيدا ڪرڻ لڳو. 1940ع کان وٺي ٽرانسپورٽ کي موٽرائيز ڪيو ويو، اهو ٻي عالمي جنگ وارو دور هيو، جڏهن ڊيزل انجڻ، ٽرڪيٽر، گاڏيون، ٽينڪ ۽ ٻيون رفائنريون وجود ۾ آيون، آمريڪا جي جاپان تي ائٽمي حملي نيوڪليئر اوزارن جو پهريون ڀيرو استعمال ڪيو، جنهن ڪري اوزون تھ تي تمام خراب اثر پيو، آبهوا آبهوا ۾ ڪاربان سميت ٻيا زهريلا ڪيميائي مادا وي ويا، تيزابي مينهن وسڻ لڳا ۽ آبهوا ۾ خطرناڪ حد تائين تبديلي اچي آئي. 1973ع کان هيل تائين دنيا مڪمل طور ڪمپيوٽرائيز ٿي وئي آهي، سموريون صنعتون، ڪارخانا، آفيسون۽ ٽرانسپورٽ جو سمورو نظام ڪمپيٽرائيز ٿي چڪو آهي. يعني اسان جديدت جو حدون اورانگهي ان کان بعد واري دور ۾ هلي رهيا آهيون. جنهن ۾ هرشيءِ جي صورت تبديلي ٿي چڪي آهي.گذريل ٻن صدين دوران دنيا جيتري ترقي ڪئي آهي ته ان کان به وڌيڪ ماحول ۽ ڌرتي جي ايڪو سسٽم(اهڙو ماحولياتي سرشتو جنهن ۾ جاندار شيون هڪ ٻئي تي اثراندز ٿين ان کي ايڪو سسٽم Ecosystem چئبو آهي) کي نقصان پهتو آهي. 2004ع ۾ آيل سونامي، 2005ع ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلو، 2010ع ۽ 2011ع ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان ٽڪرائجندڙ سامونڊي طوفان، 2010ع ۾ سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ آيل دريائي ٻوڏ، 2011ع ۽ 2012ع ۾ سنڌ ۾ آيل برساتي ٻوڏ. انٽارڪٽيڪا، آرڪٽيڪ جا پگهرجندڙ گليشر جنهن جي ڪري سمنڊ جي سطح ۾ بلندي اچي رهي آهي ۽ سنڌ جي ساحلي پٽي تي سمنڊ هر روز ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي مٿين واقعن جي انگن اکرن ۽ سببن تي نظر رکي اسان ڄاڻي سگهنداسين ته انساني سرگرميون ڌرتي جي گولي کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪري رهيون آهن، وڏا زلزلا ته کڻي زمين جي تعميري پڙڻ جي چرپر جي ڪري ايندا آهن پر هر روز ڪيترائي ننڍي مقدار جا هٿرادو، انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيندڙ زلزلا محسوس ڪيان ويندا آهي جنهن کي انگريزي ۾ (Induced Seismicity)چئبو آهي ، اهڙا مثنوعي زلزلا انهن جڳهين تي محسوس ڪيا ويندا آهن جتي تيل ۽ گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي ڪئي ويندي آهي اهڙي طرح ٻيلن جي واڍي، ڪارخانن ۽ مِلن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهين سموري آبهوا کي گدلو ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جيئن ته ڌرتي ماءُ جي ڏينهن آهي ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان ڪيتريون ئي تقريون منعقد ٿي رهيون هونديون ته اسان وٽ به وڏن شهرن جي پريس ڪلبن آڏو وڏا وڏا ماڻهو گڏجي ماحولياتي آلودگي خلاف اظهار يڪجهتي جو مظاهرو ڪندا ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار پڻ ڪندا. ڪراچي، اسلام آباد جهڙن شهرن ۾ ڪانفرنسون، سيمنار ڪوٺايا ويندا جتي گذريل هڪ سال دوران ٿيل ترقي ۽ لاهن، چاڙهن تي نظر وڌي ويندي ۽ اسميبلين ۾ نوان قانون پاس ٿيندا. تازو باراڪ اوباما ٻيون ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ” آبهوا جي تبديلي اقتصادي، ماحولياتي ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.“ اوباما کي اهو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن سينڊي طوفان ۾ سمونڊ جي ساحلي پٽي وارن شهرن ۾ سمونڊ جو پاڻي ڪاهي پيو تڏهن اوباما جو خيال ماحولياتي تبديلي ڏانهن ويو. گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ ۾ لڳاتار ٽي ڀيرا ٻوڏ آئي 2010ع واري مها ٻوڏ سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر کي بلڪل تباھ ڪري ڇڏيو، 2011ع ۽ 2012ع ۾ جيڪي علائقا 2010ع واري ٻوڏ کان بچيل رهيا اُهي برساتي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيا ۽ سنڌ جي زراعت مڪمل طور تباھي جو شڪار ٿي وئي. جيڪب آباد، سکر، نواب شاھ وارن علائقن ۾ اونهاري ۾ گرمي پد 50 ڊگري کان مٿي رهي، اهو سڀ ڪجھ ماحولياتي تبديلي جو نتيجو آَهي.هاڻي جيڪڏهن درست منصوبابندي ۽ ماڻهن منجھ ماحول ۽ آبهوا جي تبديل ٿيڻ جي حوالي سان سڄاڳي پيدا نه ڪئي وئي ته اها صورت حال اڃا به وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ڏڪار، رڃ ۾ واڌارو، پاڻي جي کوٽ، خوراڪ جي کوٽ ۽ زمين تان جاندارن جي ڪيترن ئي نسلن جو خاتمو ان ڳالھ جو ثبوت آهن انڪري ماحولياتي تبديلي خلاف عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن ڌرتي ماءُ جو ڏهاڙو ملهائڻ وارو مقصد پورو ٿي سگهي. منصور ميراڻي 22 اپريل 2013 03353323375
اسان جي ڪيل ڪمن تي ڌرتي اسان تي داهيندي رهندي ۔۔۔۔ اسان ڪيڏا نه گهاء ڏنا آهن پنهنجي ڌرتي کي۔ ڪاش اسان وڻ پوکيون، ماحول دوست ڪم ڪيون ۽ ڌرتي جي سونهن ۾ اضافو آڻيون ۔۔۔ اهوئي اسان تي فرض آهي۔ بهترين لکڻي۔