چوٽ کائِي مُسڪرائين ”ناز“ ٿو پر!!!

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا محبتي دوستو. پنهنجي شاعري کي غزل جي روپ سان تصويري شڪل ۾ هڪ نئين موضع سان وري توهان دوستن جي خدمت ۾ حاضر آهيان توهان جي راين جو شديد منتظر رهندس​


    [​IMG]
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    سائين توهان جي شاعري تمام اوهان وانگرا لا جواب آهي مان شاعر ته نه آهيان پر ۽ مان اوهان جي سامهون اوهان کي مشورو ڏيڻ ۾ به ڪافي مشڪل محسوس ڪري رهيو آهيان پر چوندا آهن ته علم پرائڻ ۾ ڪو حياء ۽ شرم ناهي ڪبو ان ڪري مان به ان تي عمل ڪندي اوهان جي سامهون لب ڪشائي ڪرڻ جي گستاخي ٿو ڪيان ته جيڪڏهن آخري مصرا هن ريت هجن ته ڪيئن لڳندا ؟

    مي ڪدي کي شيخ تون ناپاڪ نه چئه
    جنهن به پيتي مئي سو پاڪ ٿيندو
    چوٽ کائِي مُسڪرائين ”ناز“ ٿو پر!!!
    غم ۾ تهنجو غم ئي توسان غم ناڪ ٿيندو
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا علي علي تُنهنجي مهرباني جو توهان انتهائي محبتن سان مُنهنجي هن حقير غزل تي انتهائي زبردست ۽ قيمتي مشورا ڏنا آهن، دوست سموري زندگي سکڻ ۽ سيکارڻ جو نالو آهي، محبتون ورهائڻ ۽ وٺڻ جو نالو آهي. دوست ويندي ويندي اها ڳالهه توهان کي سمجهائيندو هلان ته شاعري اندروني ۽ بيروني اُڌمن جو ٻيو نالو آهي، شاعري ۾ فڪر ۽ فن ٻئي لازم ملزوم هوندا آهن. ۽ جيڪو شاعر ٻنهي مطلب فڪر ۽ فن سان نڀائي اهو ئي صحيح معنى ۾ شاعر هوندو آهي، جيئن ته مان پنهنجي پاڻ کي هميشه ٽي درجي وارو شاعر سمجهندو آهيان فڪر کي قابو ٿو ڪريان ته فن کان هٿ ڌوئڻا ٿا پون ۽ جڏهن فن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته فڪر گوهيون هڻڻ شروع ڪندو آهي. توهان مُنهنجي فڪري اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي توهان عظيم ڪم ڪيو پر جيڪڏهن ٿورو گهڻو فني ٽيڪنيڪ تي مشورو ڏيو ها ته اصل مُنهنجي هن غزل کي چار چنڊ لڳي وڃن ها.
    هن غزل ۾ جي فني ٽيڪنيڪ توهان کي سمجهائڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو ٿي سگهي ٿو اسان جي سنڌ فورم تي شاعري جو شوق رکندڙ ڪافي سارا اسان جا مهربان سنڌي دوست هُجن انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي
    منهنجي غزل جا اوريجنل بند جن تي توهان پنهنجو قيمتي مشورو ڏنو آهي هن ريت آهن.
    مئه ڪدي کي شيخ ڇو نا پاڪ سمجهين
    2 1 2 2 2 1 2 2 2 1 2 2
    جنهن به پيتي مئه سدا سو پاڪ ٿيندو
    2 1 2 2 2 1 2 2 2 1 2 2
    هاڻ انهن انگن جي بيهڪ تي غور ڪريو، مُنهنجو وزن علم عروض جي حساب سان ”فاعلاتن“ جي وزن تي ٺهڪي اچي ٿو، مون هن ۾ ٽي فاعلاتن فا مطلب 2 ع مطلب 1 لا مطلب 2 تن مطلب 2 ارڪان ڪتب ۾ آندا آهن، هاڻي جيڪي توهان مونکي فڪري لحاظ کان مشورا ڏنا آهن انهن تي غور ٿا ڪريون
    مي ڪدي کي شيخ تون نا پاڪ نه چئه
    2 1 2 2 2 1 2 2 2 1 1 2
    هاڻي تون ٻُڌائي ڪٿي غلطي ٿي جو تنهنجي ڏنل مشوري ۾ فني لحاظ کان جهول اچي ويو بلڪل اهڙيءَ طرح توهان جي ڏنل ٻي سٽ هيءَ آهي
    جنهن به پيتي مئي سو پاڪ ٿيندو
    2 1 2 2 2 2 2 1 2 2
    هن ۾ به ٿورو غور ڪريو ته ڪٿي بيلنس پورو نه ٿيو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح توهان جو ٻيو بند تقطيع ڪندا ته سموري ڳالهه توهان جي سمجهه ۾ اچي ويندي. ۽ مُنهنجو هي سمجهاڻيءَ وارو مقصد پورو ٿي ويندو .​
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    حيرت آهي :eek::eek:
    شاگردي جي دور ۾ حسابن ۾ مان ايترو ڪمزور ته نه هوندو هيس پر الجهيل ضرور رهندو هيس۔ ڪوشش جي باوجود به پنهنجو پسنديده مضمون "حساب" نه ڪري سگهيس۔
    وري جڏهن ڪمپيوٽر جي فيلڊ ۾ آيس تڏهن به اهي ساڳيا ئي 10101010، جان اتي به نه ڇٽي۔
    شاعري جذبن جي حقيقي ترجماني ڪندي آهي۔ جڏهن ڪنهن سان پنهنجي دل جي حال ۽ جذبن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ لفظَ ۽ حوصلو نه ملندو آهي ته ڪو شعر ٻڌائي وٺندو آهيان۔
    ڪافي دفعا لفظن کي اڳتي پوئتي ڪري ڪو هڪ اڌ شعر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڪڏهن به بيهڪ ۾ آڻي نه سگهيس ان ڪري ڪنهن کي ٻڌائڻ جي جرات ئي نه ٿي۔
    پر اڄ سائين نثار احمد ناز جي سمجهاڻي کان پوءِ خبر پئي ته شعر و شاعري ۾ به اها ئي جنن جي ٻولي (2121211121) هوندي آهي۔
    سائين نثار احمد صاحب تفصيل سان سمجهائڻ جي مهرباني۔
    پر پاڻ کي اڃان به تفصيل گهرجي ان لاءِ ٿي سگهي ته بيسڪ کان سمجهايو
    مهرباني
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رشيد الله سائين هر ڪا شيءَ بيلنس ۾ بنائي آهي، توهان ٿورو ان ڳالهه تي غور ڪريو، الله انسان کي اشرف المخلوقات ڪري بنايو آهي، ۽ هر ڳالهه ۾ پورو پنو بنايو آهي، جيڪڏهن ان انسان ۾ ٻن اکين جي جڳه تي هڪ اک هُجي، ٻن ٽنگن جي جاءِ تي هڪ ٽنگ هُجي، ٻن ٻانهن جي جاءِ تي هڪ ٻانهن هُجيس، ته اهو انسان ان بيلنس تصور ڪيو ويندو، وري جيڪڏهن ڪو واڍو ڪا کٽ ، ڪا ڪُرسي، ڪا ميز ٺاهي ٿو، انهن کي ان بيلنس ٺاهي مطلب انهن جي چئن پاسن کي ٻه پاسا ننڍا ڪري ٺاهي ۽ ٻه پاسا وڏا ڪري ٺاهي، ٽي ٽنگون ٻن ٻن فوٽن جون ٺاهي، ۽ هڪ ٽنگ صرف اڌ فوٽ جي ٺاهي ته پوءِ ٻُڌايو واڍي جي ان تخليق کي يقينن ڪوجهو ڪري ليکيو ويندو، بس شاعري ۾ فڪر جو مطلب ڏات آهي، اها ڏات جڏهن شاعر تي تاري ٿيندي آهي ته بلڪل ڪچي خام اڻ گهڙيل ڪاٺ وانگر هوندي آهي، يا کڻي ايئن چئجي ته ڪچي سون وانگر هوندي آهي، هاڻي سونارو پنهنجو فن ڪتب آڻي، انهي ڪچي سون مان ڪا نٿ جوڙيندو، ڪو ٽڪو جوڙيندو، ڪا مُنڊي ٺاهيندو، ته وري هار وغيره پنهنجي مهارت ۽ انتهائي ڪاريگري سان ، بلڪل انهيءَ ڳالهه کي مدنظر رکي هڪ شاعر پنهنجي شاعريءَ کي بيلنس ڪندو آهي، ان بيلنس مطلب فن کي باقائده استادن کان سکيو ويندو آهي، اسان جا وڏا شاعر مثال طور لطيف سائين رح، سائين سچل رح، اهي ته ڄمندي ڄام هُئا، انهن منجهه الله سائين علم جي ٽين اک رکي ڇڏي هئي تنهنڪري انهن جو هر بيت، شعر قدرتي طور تي ٺهيل ٺُڪيل هوندا هُئا، پر ان هوندي به اهي الله وارا درويش فڪر کان علاوه فن جي ٽيڪنيڪ کان پڻ واقف ضرور هُئا، تاريخ گواهه آهي ته جتي جتي انهن جي شاعري ۾ فني لحاظ کان ڪٿي جهول ايندو هوندو، ته اهي پنهنجي فقيرن کي چئي دوباره انهن بيتن ۾ اصلاح ڪري ڇڏيندا هئا. باقي رهي ڳالهه شاعري ۾ پڻ جنن واري ٻولي ڪتب آندي ويندي آهي، مون هتي اهي انگ صرف مثال طور آندا آهن ورنه علم عروض ۾ ان فن جون مخصوص نشانيون پڻ آهن ڪمپيوٽر ۾ ڪافي ڪوششن جي باوجود اهي نشانيون ڳولهي نه سگهيس ان ڪري بقول توهان جي جنن جي ٻولي سمجهاڻيءَ خاطر کڻي آيس، دل گهڻي ٿي چئي ته بيسڪ کان شاعري جي فن جي ابتدا ئي سيکارڻي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تان شروع ڪريان پر پيري، ۽ نظر جي گهٽتائي سبب ائين ڪرڻ کان قاصر آهيان، مان گهڻو ڪمپوز ڪري نٿو سگهان. ان هوندي به مان ڪوشش ڪندس ته هڪ اڌ اهڙو ڪلاس هن فورم تي ضرور هلايان جنهن ۾ فن شاعريءَ جا بيسڪ رول سمجهائي سگهان. توهان جي مهرباني جو مونکي توهان ايڏيون محبتون ڏيو ٿا.
     
  6. ڪرم۔سمون

    ڪرم۔سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه ادا واه ڇا غزل اهي مهرباني
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ناز، توهانجي شاعري تمام نازن واري آهي، جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔،
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    لک لائق ادا ڪرم سمو ن توهان کي مُنهنجي شاعري پسند آئي​
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پر ادا هن غزل ۾ ناز ڳولي نٿا لڀجن، ها ناز جي شاعري آهي ان ڪري توهان بلڪل چئي سگهو ٿا ته نازن واري شاعري آهي، مهرباني ادا ايڊيٽر، جو مون واري شاعري توهان کي نازن واري لڳي ​
     
  10. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا علمِ عروض بابت انگ اکر ٻڌائڻ لاءِ مهرباني باقي توهانجي شاعري ۽ تصوير به لاجواب آهي۔
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام خوبصورت شاعري آهي سائين نثار ناز صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو