ماروئڙ فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اڄ صبح جو آفيس لاءِ تيار ٿيندي جئو نيوز تي سنڌ جي هڪ علائقي شايد پنو عاقل جي لڳ ڀڳ واري علائقي جو پروگرام ٿي هليو، جنهن ۾ اينڪر ان علائقي جي سماجي حالت تي جهڙي نموني ٿي ڳالهايو ته سوچ پڇو، اکيون آليون ٿي ويون ....

    خورشيد شاه ان علائقي مان پ پ پ جي سيٽ کٽي 5 سال حڪومت ۾ سٺي حيثيت سان رهيو ... جتان جي علائقي جي ماڻهن پ پ پ کي ووٽ ڏنا انهن علائقن جي حالت اڄ کان هزارين سال پوئتي پيل ڪنهن جهنگلي قومکان گهٽ ڪان هئي ... !!!

    ڪچا ڀڳل جهوپا، نه علاج جي سهولت نه تعليم جو ڪو بندوبست نه ئي سندن ڪو والي ۽ وارث ... نه روڊ نه رستا، سندن مايون ويم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ڪلاڪن جي مسافت کانپوءِ ڪنهن ڀڳل ٽٽل اسپتال ۾ پهچن ٿيون.

    سنڌ سموريءَ جي حالت پ پ پ وارن اهڙي ڪئي آهي، جيئن ڪنهن تنظيم جو ڪنهن قوم ڏي ڪو پلئه رهيل هجي ... اهڙي دشمني ڪئي اٿن جو الله پناه ۾ رکي ... اهڙي دشمني ڪو دشمن به نه ڪري ....!!!

    مان اڄ سڄو ڏينهن سوچيندو رهيو آهيان ته ماروئڙا ويچارا لاچار، مسڪين اڻ پڙهيل جن کي پنهنجن ضرورتن ۽ پنهنجن حقن جي به خبر ڪون آهي ڇا اهي وري انهن کي ئي ووٽ ڏيندا ۽ وري اهي ئي ماڻهون چونڊجي ايندا ۽ وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه هوندا ...

    ڇا ڪڏهن سنڌ جي حالت بدلبي، ڇا ماروئڙا فقير به ڪا خوشحالي ڏسندا ....؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهنڙي ....؟؟؟؟؟

    لعنت الله علي القوم الظالمين ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو