لائٽ وڃڻ سان ڪمپيوٽر اچانڪ بند ٿي ويندو آهي ۽ اهو هارڊ ڊسڪ لاءِ نقصانڪار آهي انهي لاءِ توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته مائي ڪميوٽر کي رائٽ ڪلڪ ڪريو ۽ پروپرٽيز ۾ وڃو ۽ هارڊ ويئر کي ڪلڪ ڪريو پوءِ ڊوائيس مينيجر کي ڪلڪ ڪريو پوءِ هارڊ ڊسڪ کي ڊبل ڪلڪ ڪريوهاڻي پوليسيس کي ڪلڪ ڪريو پوءِ (Enable write caching on the disk) هن کي انچيڪ ڪريو هن سان توهان جي هارڊ ڊسڪ جو بچاءِ ٿيندو پوءِ ٿلي ڪيترائي دفعه لائٽ وڃي پر ها هن سان هارڊ ڊسڪ جي رفتار تي ٿورڙو فرق ايندو مهربانيsindhsalamatsaathsal
جواب: هارڊ ڊسڪ جي حفاضت لاءِ تمام ڀلو ڏس ڏنو اٿوَ۔۔۔ ان جو ٻيو طريقو اهو به آهي ته توهان ڪنهن به ڊرائيو تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري ان جي پراپرٽيز ۾ وڃو ۔۔ ۽ هارڊويئر سليڪٽ ڪريو جتان پاليسيز کي ڪلڪ ساڳيو اختيار چيڪ لڳائي فعال ڪريو۔۔۔ مهرباني ادا فهد ۔۔۔۔ اهڙا ڏس جاري رکجو دوست۔۔۔
جواب: هارڊ ڊسڪ جي حفاضت لاءِ لاجواب ادا بهترين ڪوشش آهي مون لا۽ تازو ئي مان هڪ هارڊ ڊسڪ وڄائي چڪو آهيان تمام بهترين ٽپ آهي اد ا بهترين ڪوشش پڻ
جواب: هارڊ ڊسڪ جي حفاضت لاءِ ادا فهد اوهان جي لاجواب شيئرنگ آهي اهڙيون شيرنگس جاري رکندا اوهان جي نين تحريرن جو انتظار رهندو۔