اڄوڪي دور جون جڳ مشهور عورت اديبائون عبدالحفيظ لغاري ننڍي هوندي کان انگريزيءَ جو هڪ قول پڙهندا پيا اچون، جنهن جي سؤلي سنڌيءَ ۾ معنى اها ٿيندي ته پڙهڻ ماڻهو کي سٺو ۽ لکڻ بهترين بڻايو ڇڏي ۽ گهڻو پڙهي لکڻ ته ڄڻ سون تي سُهاڳو! هن ڪائنات ۾ لکت جي شروعات مفروضو بڻيل هُجي ته هُجي پر اهو طئي آهي ته هن ڌرتيءَ تي آدم ۽ حوا کان وٺي جيئن هر ڪم ۾ ٻنهي (عورت ۽ مرد) جو ڪردار اهم پئي رهيو آهي، اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ به ساڳي طرح آهي. پوءِ کڻي ڪڏهن ٿورو گهڻو يا ڀلو ڍِلو ٿيو هوندو ته هوندو پر وري به شابس آهي عورت کي، جنهن گهڻ طرفن ڏچن ۽ ڏکيائين باوجود ڀرپور انداز ۾ لکيو آهي. اهڙي قسم جي رڪاوٽن مان سڀ کان وڏي رڪاوٽ اها آهي ته حضرت مرد هر لحاظ کان مٿس حاوي رهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. تنهن هوندي به زندگيءَ جي مڙني شعبن جيان هڪ ليکڪ طور به عورت مردن سان همسريءَ ۾ وسان نه گهٽايو آهي. عورت کڻي ڪهڙي به معاشري مان هُجي پر مٿس اضافي ذميداريون جو بار ته بهرحال هُجي ئي ٿو (هتي ڀيٽ صرف ادبي ذهن رکندڙ مرد ۽ عورت ۾ ڪريون ٿا) اُها ٻار ڄڻي، پالي، ور جي خدمت ڪري زندگيءَ جي اڻ کُٽ خفن کي منهن ڏيندي پڙهڻ جو وقت ڪڍي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي، جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ٿي ته پوءِ ڪمال ڪري ٿي ڇڏي. ٿي سگهي ڪو پڙهندڙ انهي ڳالهه سان سهمت نه به هُجي پر اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن ٻن هڪ جهڙن سگهن مُڙسن کي ڊوڙ جي ميدان تي ڇڏجي پر هڪ جا پير ٻڌل ۽ ٻي جا کليل هجن، ان جي باوجود سندن منزل تي رسڻ ۾ ڪو ذڪر جوڳو فرق نه هُجي ته ڇا پوءِ به نه مڃجي ته ٻنهي گوءِ کٽي. اڃا به انصاف جي تقاضا اها آهي ته سوڀارو شخص اُن کي قرار ڏنو وڃي جيڪو پيرن ۾ زنجير هوندي به پوئتي نه رهيو. سو، لکڻ ۽ پڙهڻ واري شعبي سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن کي ڀيٽجي ته مٿيون مثال انهي صورتحال سان بلڪل ٺهڪي بيهندو. هڪ راءِ اها به آهي ته ليکڪ کي قلم جي سگهه سان اثرائتي نموني پنن تي درد اوتڻ لاءِ لازمي آهي ته هو پاڻ به اهڙي اذيت مان گذري چڪو هجي. ساڳي ريت ڪنهن خوشيءَ جي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ به ان ماڻهوءَ جي وس ڪٿي، جنهن خوشين کي پري کان به نه ڏٺو هُجي. ڄاڻايل ٻنهي ڪيفيتن مان ڀلي کڻي سڀئي نه گذرندا هُجن پر عورت ضرور گذري ٿي. هوءَ درد جي چوٽين تي پُهچي به خوشيون ڳولي ٿي ۽ خوشيون به ڪي اهڙيون تهڙيون! اها عورت ئي آهي جيڪا ٻار ڄڻڻ جي تڪليف کي منهن ڏيئي، ٻي پل ٻچڙي جي پهرين دانهن ٻُڌي خوشيءَ ۾ سرشار ٿي وڃي ٿي. ڏُک ۽ خوشي جي انهن انتهائي ڪيفتين مان گذرندڙ عورت جي قلم مان سرجيل شهپارن تي نظر وجهجي ٿي ته عقل دنگ رهجيو وڃي. بين الاقوامي سطح تي به اهو ميدان ماريندڙن رائيٽرز جي نالن تي نظر ڊواڙائجي ٿي ته اُتي به عورتن جي ڪا ڪمي ناهي. پنهنجي غيرمعمولي ادبي ڪم جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ اهڙين ئي ڪُجهه نالي وارين ليکڪائن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏِجي ٿو: جي ڪي رولنگ (1965) جي ڪي رولنگ جو تعارف هڪ ناول نگار/ڪهاڻيڪار طور آهي. چاليهن ڪروڙن کان مٿي ڪاپين ۾ وڪاڻل هيري پوٽر سيريز سندس سڃاڻپ ۽ هڪ تمام وڏو ڪريڊٽ آهي. انهي ڪتاب کي جڏهن فلمي صورت ۾ آندو ويو ته اها وڏو بزنيس ڪندڙ فلم بڻجي وئي ۽ اهو ٻُڌي حيرت ٿي ٿئي ته هُن اها سيريز هڪ طلاق يافته ۽ غربت جا ڏنڀ سهندڙ عورت جي حيثيت ۾ لکي، جيڪا پوءِ ايتري مقبول ٿي جو”آڻيون ۽ چاڙهيون“ واري زندگي گذاريندڙ جي ڪي رولنگ وڌ کان وڌ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جي مصنفن واري لسٽ ۾ ٽاپ تي اچي ويئي. انهي دوران سندس ڪتاب ڇاپيندڙ پبلشر به اهو سمجهي ويا ته معياري ڪم کي ڪير به لکي کڻي اچي ته پڙهندڙ ضرور موٽ ڏيندا، نه ته هيري پوٽر جي اشاعت کان اڳ اهي کيس مجبور ڪري رهيا هئا ته هوءَ پنهنجي ئي سرجيل ڪتاب تي پنهنجو پورو نالو نه لکي ته جيئن خبر نه پوي ته هيءَ سيريز ڪنهن غيرمعروف عورت اديبا تحرير ڪئي آهي. سندن اهو خيال هو ته عورت ليکڪا جو نالو ڏسي ماڻهو اها سيريز نه پڙهندا. هن وقت هوءَ بالغن لاءِ هڪ ڪتاب لکي رهي آهي، جيڪو سندس هڪ ٻئي زيرِ تحرير ڪتاب کان پوءِ ايندو، جنهن ۾ وري هوءَ اهڙن ٻارن کي پڙهندڙ طور ڏسي ٿي جيڪي هيري پوٽر کان به ڄمار ۾ ننڍا آهن. ٽوني موريسن (1931) اعليٰ شاعريءَ جي ٻين کوڙ سارين خوبين مان هڪ اها به هوندي آهي ته اُها ڳائجي به سگهجي۔ مطلب ته ان ۾ ايتري غنائيت هُجي جو انهيءَ کي ڪنهن ڌُن جو سهارو ڏجي ته اُها هڪ سريلو گيت ٿي پوي۔ ايئن وري نثر ۾ ڪهاڻي يا ناول جي موثر فلمي يا ڊرامائي تشڪيل به ان جي معياري هُجڻ جو ثبوت آهي۔ خاص ڪري تڏهن جڏهن ليکڪ به اهو سوچي نه لکيو هُجي ته هِن ڪهاڻي کي اڳتي هلي ڊرامائي شڪل ۾ پيش ٿيڻو آهي۔ ايئن ئي ڪُجهه ٽوني موريسن سان به ٿيو۔ هُن جي قلم مان سرجي نڪتل نثر جي ڏيهان ڏينهن ته مشهوري ٿي، جو هُن آمريڪا جي ڪاري رنگ واري نسل جي سماجي مسئلن کي موضوع بڻائي پڙهندڙ کي ڄڻ ته انهن جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جو موقعو ڏنو. پر سندس ڪتاب Beloved جي ڳالهه ئي ڪُجهه ٻي آهي، جنهن تي کيس نوبل پرائز به مليو۔ ساڳي ناول کي ساڳي نالي سان جڏهن 1998ع ۾ فلمايو ويو ته اهو سڀني لاءِ حيران ڪندڙ هو ته ڪتاب کان فلم تائين پُهتل ڪهاڻيءَ جي تاثير اُها ساڳي برقرار رهي، جنهن ۾ هڪٻئي خلاف جنگ جوٽي بيٺلن جي پاڻ ۾ پيار ٿي وڃڻ ۽ پوءِ اُڀرندڙجذبات جو قصو بهترين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔ ٽوني موريسن جي لکڻين جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته هوءَ پڙهندڙ کي لفظن ۾ اُلجهائي پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ سُٽ سُلجهائڻ واري ڪِرت سان نٿي لڳائي۔ موريسن کي لکڻ جو شوق ته ڄاڳڻو ئي هو جوکيس ننڍي هوندي ئي ٽالسٽاءِ ۽ جاني آسٽن جهڙا ليکڪ پسند هئا. سندس سڌين سادين لکڻين جي پسند پوڻ جا ڪارڻ کڻي ٻيا به هُجن پر مٿس سندس والد جو به اثر رهيو، جيڪو کيس پنهنجي نسل بابت پراڻيون آکاڻيون اهڙي انداز ۾ ٻڌائيندو هو جو اُهي سندس دل ۾ گهر ڪري ويون ۽ ايئن ٽوني موريسن پنهنجن پڙهندڙن جو به خيال رکيو ۽ پنهنجي لکڻين کي ڪُجهه ايئن پيش ڪيو جو ڳالهه به اثرائتي انداز ۾ پُهچي ۽ پڙهندڙ بيزار به نه ٿئي۔ 1970 ع ۾ The Bluest Eye جي ٽائيٽل سان پهريون ڪتاب ڏيندڙ ٽوني موريسن اهو سلسو جاري رکيو ۽ وڏي مڃتا ماڻي۔ رڳو 23 سالن کان پوءِ 1993 ۾ کيس ان وقت نوبل پرائز مليو، جڏهن هوءَ سندس ڪتاب Beloved تي نيشنل ايوارڊ نه ملڻ خلاف هم نسل ڪارن جو پنهنجي حق ۾ ڪيل احتجاج وساري نه سگهي هئي۔ جهمپا لهري (1967 ) انڊين آمريڪن طور سڃاتي ويندڙ هن ليکڪا پنهنجي لکڻ جي شروعات مختصر آکاڻين کان ڪئي. توڙي جي اهي پهريان ته ڇپجڻ لاءِ پبلشرز وٽ قبول نه ٿيون پر جڏهن 9 ڪهاڻين تي مشتمل سندس مجموعو ڇپيو ته انهي ڪتاب جو وڪرو ڏيڍ ڪروڙ ڪاپين کان چڙهي ويو ۽ ايوارڊ الڳ کٽيائين، جنهن ۾ مشهور ايوارڊ پولٽزر به شامل آهي. سندس اهي ڪهاڻيون گهڻو تڻو انهن انڊين آمريڪن جي سماجي حالتن جي مشاهدن تي ٻڌل آهن جن ۾ هنن نئين دنيا به ڏٺي ته پنهنجي ثقافت جو اثر به پاڻ تي رکيو. اهو ئي سبب آهي جو انهي ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي. ساڳي تسلسل ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي تجربي جي بنياد تي، اُلهندي بنگلاديش مان آمريڪا لڏي ويلن جي زندگيءَ تي هڪ ناول The Name Sake لکيو. اهو سندس پهريون ناول ضرور هو پر اهو ايترو مشهور ٿيو جو ان تي به ٽِن سالن اندر ئي هڪ فلم به ٺهي. انهي فلم جو هيرو انڊيا جو مشهور ۽ وکرو اداڪار عرفان آهي، جنهن فلم ۾ اشوڪ گنگولي جو ڪردار نڀايو آهي، جنهن انداز سان جهمپا ل هري اهو ڪردار تخيل ۾ ٺاهيو، ايئن ئي عرفان نڀايو. عرفان اهو انڊين اداڪار جيڪو تازو لائيف آف پائي جهڙي، آسڪر ايوارڊ ۾ مقابلو ڪندڙ فلم به ڏيئي چُڪو آهي. سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو Unaccustomed Earth به 2008 ۾ آيو ۽ نيو يارڪ ٽائيمز پاران انهي ڪتاب کي پڻ وڌ ۾ وڌ وڪرو ٿيندڙ ڪتابن ۾ پهريون نمبر قرار ڏنو ويو. جهمپال هري کي هندوستاني پڙهندڙن پارن ڪُجهه تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو، جو سندن خيال ۾ هُن کين ڪو گهڻو مثبت انداز ۾ پيش ناهي ڪيو پر جهمپال هري جو چوڻ آهي ته مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته مون کي اهو هوش نه هو ته ڪو آئون انڊين آمريڪن هئڻ جي حيثيت ۾ ماڻيل مُشاهديجي روشني ۾ لکي رهي آهيان. بس مون کي ٻن الڳ الڳ دنيائن (هندوستان ۽ آمريڪا) جي زندگين جو مشاهدو هو جيڪو مون پنن تي آندو. ارون ڌتي راءِ (1961) ارون ڌتي راءِ هندستان جي هڪ سياسي ۽ ادبي شخصيت طور ته مشهور هئي پر جڏهن هن ناول God of Small Things لکيو ته اهو ڏاڍو مشهور ٿيو. سندس اهو ناول گهڻي ڀاڱي ته هن جي پنهنجي ننڍپڻ واري زندگيءَ جي تجربن تي لکيل هڪ نيم آتم ڪٿا آهي. انهي ڪتاب نه رڳو ايوارڊ حاصل ڪيا پر گهڻي کان گهڻو وڪرو ٿيندڙ ڪتابن جي فهرست ۾ به جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انهي ڪتاب جا دنيا جي مختلف ٻولين ۾ترجما به ٿيا. سنڌي ۾ اهو ڪتاب ”هيڻن جو الله“ جي نالي سان ڇپيل آهي. اهو ڪتاب اچڻ ۽ وڏي پيماني تي مڃتا ملڻ کان اڳ هُن پيٽ گُذر لاءِ ڪڏهن فائيو اسٽار هوٽلن تي ائيروبڪس (هڪ قسم جي ورزش) جا ڪلاسز ورتا ته ڪڏهن ماسي صاحب فلم ۾ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو. انهي وچ ۾ کيس هڪ مُڙس ڇڏي ڏنو ۽ هن ٻي شادي ڪئي. ارون ڌتي راءِ تنقيد نگار به رهي آهي. ڦولن ديويءَ جي زندگي تي شيکر ڪپور پاران ٺاهيل فلم بينڊٽ ڪُئينِ تي به هُن ڪافي تنقيد ڪئي آهي. هُن جو خيال آهي ته فلم ۾ انڊين ڇوڪريءَ جي جنسي استحصال ۽ انهيءَ جي ردعمل کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. مارايا ڊي. ايس ٽي. لوپيز (1927 _2009) اپينش ٻوليءَ جي هيءَ مشهور ليکڪا پنهنجي عشقيه ناولن جي ڪري مشهور آهي. هن جا ڪتاب ايترا ته وڪرو ٿيا جو هوءَ اپينش ٻوليءَ ۾ وڌ کان وڌ وڪرو ٿيندڙ ناولن جي ليکڪا طور پهرين نمبر تي اچي پُهتي ۽ سندس نالو 1994 ۾ انهيءَ ڪم عيوض، گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ آيو. هُن چار هزار ناول لکيا جيڪي تمام گهڻو وڪرو ٿيا ۽ انهن جا ٻين ٻولين ۾ترجما به ٿيا جن تي کيس وڏي مڃتا ملي. سندس ناول لکڻ جو ڪم هن جي لکڻيءَ جي بهترين انداز سان گڏوگڏ انهي ڪري به ساراهه ڄوڳو آهي جو هُن اسپين جي تڏهوڪي حڪومت جي سخت پابندين ۾ به ايڏو معياري لکيو. سخت پابندين ۾ به لکڻيءَ سان انصاف ڪو ڪو ليکڪ ئي ڪري سگهندو آهي ۽ ماريا ڊي ايس ٽي لوپيز اهو ڪري ڏيکاريو. جڏهن اسپين ۾ سول جنگ لڳي ته کين پنهنجي اصلوڪي رهائش کان هجرت ڪرڻي پئي ۽ هن زندگيءَ جي انهن اوکاين کي ڏسندي لکڻ شروع ڪيو ۽ پبلشرن جلد ئي کانئس اها تقاضا ڪئي ته هو کين هر هفتي هڪ ننڍو ناول لکي ڏي، ڇو ته سندس دلچسپ لکڻين کي ماڻهن گهڻو ئي پسند پي ڪيو. هن 1959 ۾ شادي ڪئي ۽ ٻه ٻار چڻڻ کان پوءِ کيس طلاق ملي. هوءَ 2009 ۾ دماغي رڳ ڦاٽڻ سبب وفات ڪري ويئي. اوهان نوٽ ڪيو هوندو ته مٿي ذڪر ڪيل عورت ليکڪائن (جيڪي بنا شڪ شبهي جي دنيا جون وڏيون ليکڪائون آهن) سي غربت سان وڙهندي زندگيءَ جا تجربا حاصل ڪري لکڻ لڳيون ۽ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پُهتيون. سندن لکڻ جو مُحرڪ زندگيءَ جو تلخ تجربو ئي سهي پر ايتري مڃتا ملڻ تي به اهو ختم نه ٿيو. مردن جي بيوفائي کين توڙ تائين ڏنڀيندي رهي. جو مٿي ڄاڻايل اڪثر ليکڪائن کي طلاق ٿي. انهي باوجود کين پڙهڻ واري حلقي ۾ اڪثريت مردن جي آهي. شايد مرد، عورت ليکڪائن کي پڙهڻ چاهي ٿو پر اهو نٿو چاهي ته سندس شريڪِ حيات اهو ڪم ڪري.
جي ڪي رولنگ جي هيري پوٽر جو ته مان ننڍي لانڪون کان ديوانو آهيان۔۔۔ ان ڪري سائين نثارابڙو جا چيل لفظ ته ”ابا مايون زور آهن۔۔۔“ سو سيڪڙو صحيح آهن۔۔۔
عبدالحفيظ لغاري جي محنت سان لکيل هن تحرير پڙهڻ سان ڪافي ڄاڻ ملي، هيري پوٽر سيريز جي ليکڪا جي ڪي رولنگ جو نالو ته ٻڌو آهي پر مون وٽ وڌيڪ اهميت هندستان جي باغي ليکڪا ارون ڌتي راء جي آهي۔ جيڪا پنهنجي بيباڪ لکڻين، سچ لکڻ ۽ ڇتي تنقيد سبب هندستاني ڪٽر مذهبي ماڻهن ۽ سرمائيدارن سان گڏ ميڊيا جو به نشانو بڻبي رهي آهي۔ ڪافي دفعا هن خلاف پر تشدد مظاهرا پڻ ٿيا آهن۔ ڀارت جي تمام مشهور مصنفه ۽ ناول نگار ارون ڌتي راء جنهن کي سندس ناول (God of Small Things) ننڍين شين جو خدا لکڻ تي بوڪر نوبل انعام مليو هو . تنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سرينگر ۾ سندس بيان ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو اٽوٽ حصو نه رهيو آهي تي سڄي هندستان ۾ نه صرف تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي پر سندس گهر تي حملو پڻ ڪيو ويو آهي. 1961ع ۾ جنم وٺندڙ ارون ڌتي جي ماء عيسائڻ هئي جڏهن ته والد بنگالي. ارون ڌتي هڪ فلم ۾ به ڳوٺاڻي ڇوڪري جو ڪردار ڪيو هو پر سندس سڃاڻ سچ ۽ بهادري آهن. 2002 ۾ وڏن ڊيمن جي مخالفت سبب مٿس ڪيس داخل ٿيو هو ۽ هوء هڪ ڏينهن لاء جيل پڻ وئي هئي. ڀارتي حڪومت کانئس انڪري پئي ڊڄي جو هن جي بين الاقوامي مقبوليت تمام گهڻي آهي. ٻاهر جون ٿنڪ ٽينڪس ۽ عالمي جمهوريتون سندس حمايت پيون ڪن. تمام سٺي تحرير ۔۔۔ هي لکڻي روزانه هلال پاڪستان جي ايڊيشن ۾ پڻ ڇپي آهي۔