مخدوم طالب المولا جي شاعري ۽ راڳ جي راڻي عابده جو آواز ۽ پياري ڌن ۾ ڳايل هن گيت اڄوڪو ڏينهن سجايو ڪري ڇڏيو آهي ... وئي عمر گذري خوب، عطائو ڪندي ڪندي، ماڻهن گهٽايو ڪون، دغائون ڪندي ڪندي. راضي رکڻ ۾ هن کي مان، ناڪام ئي رهيس، تسليم هن جون روز، رضائون ڪندي ڪندي. https://www.facebook.com/video.php?v=10151552638803948
سائين محترم ذيشان رشيد سمون صاحب؛ اڄڪلهه فيسبڪ تان کنيل وڊيوز سنڌ سلامت تي ظاهر ڪون ٿيون ٿين، اهو مسئلو ڪافي دوستن سان آهي ۽ مونسان ته آهي ئي آهي ... ممڪن ڪو حل؟
مـــــــولا تون پنهنجي طالبِ مـــــولا کي ڏي پناهه..وئي زيست گذري آهي صدائون ڪندي ڪندي.. واه اصل روح کي ڇهندڙ لفظ.. فيس بوڪ آئي ڏينهن پنهنجي اسڪرپٽ ۾ تبديليون ڪري رهيو آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي ته رڳو سنڌ سلامت تي ئي نه پر زين فورو جي آفيشل سائيٽ تي پڻ فيس بوڪ وڊيو ظاهر نه پئي ٿئي۔۔۔ خير توهان جي نشاندهي کان پوءِ مون زين فورو وارن کان اڳ ئي مسئلي کي فڪس ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ هاڻي فيس بوڪ وڊيوز سنڌ سلامت تي ظاهر ٿينديون ۔۔۔