• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زاهد شاهاڻي عرف ٻالڪ سنڌي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
644708_358750834225173_1699861316_n.jpg
زاهد شاهاڻي عرف ٻالڪ سنڌي
ممتاز مصطفى وگهيو

دادو هميشه اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن جنهن سنڌ، سنڌي ٻولي جو نالو روشن ڪيو آهي.انهن شخصيتن مان اسان جي سنڌ جو مشهور فنڪار ٻالڪ سنڌي به هڪ آهي.

ٻالڪ سنڌي: سندس اصل نالو زاهد علي آهي، سندس والد بخشل شاهاڻي سٺو طبلي نواز آهي. هو 1976ع ۾ ڇاڻي محلي شاهه -آباد دادوءَ ۾ ڄائو. پهريون -استاد بخشل
شاهاڻي هوس. جيڪو سندس والد پڻ آهي. ۽ استاد بخشل شاهاڻي صاحب اسان جو پائليٽ اسڪول دادو ۾ ميوزڪ جو استاد پڻ رهي چڪو آهي. پوءِ منظور سخيراڻي وٽ اٺ سال سکيو. نيٺ -استاد- عبدالغفور سومري کان باقاعدي ڳانو ٻڌرايائين، ۽ ڪلاسيڪي انگ سکيائين. پاڻ پهريون ڪلام -استاد- بخاريءَ جو ”جيجل جهولي، ڏئي پئي لولي- سنڌي -ٻولي- قومي -ٻولي-“ ڳائي مشهوري ماڻيائين. سندس 20 کن البم اچي چڪا آهن. ڪي. ٽي. اين تي ”سهڻي“ سندس ڳايل ڪلام ڏاڍو مقبول ٿيو. پاڻ پاڪستان جي چئني ئي صوبن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن کي 9 ايوارڊ مڃتا طور مليا آهن .اسان جڏهن پائليٽ اسڪول دادو ۾ پڙهندا هئاسين ته پاڻ به اتي پڙهندو هو ۽ اسان هن کان سينئر هئاسين.۽ انهن ڏينهن ۾ به ٻالڪ سنڌي پائليٽ اسڪول دادو ۾ مختلف پروگرامن ۾ ڳائيندو هو

ٻالڪ سنڌي جي فيسبڪ تي وڃڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
 
Back
Top