نثارابڙو
نائب منتظم

سنڌ سلامت جو پيارو دوست عبدالغني لوهار سنڌ کان ڪهي مڪي پاڪ ۾ عمري جي سعادت لاءِ آيل آهي، سندس لک لائق جو اطلاع ڪيائين، جنهن کانپوءِ ملاقات به ٿي، چانهن چسڪيون به ورتيون سين ۽ حالي احوالي به ٿياسين ...
عبدالغني لوهار جهڙو ڏسڻ جو نج پج سنڌي، تهڙو ملڻ جو نج پج سنڌي ۽ تهڙو ئي وري ڳالهائڻ ۾ مٺاس اٿس ... سهڻو سلڇڻو، مٺڙو ۽ ايمان وارو شخص آهي، سدائين ٻهڪندو رهندو آهي ۽ سنڌ لاءِ محبتون نڇاور ڪندو رهندو آهي ...
سنڌ سلامت جنهن جاءِ تي ادبي، تاريخي ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪري ٿي ساڳي جاءِ تي دوستين وڌائڻ جا به ڪيترائي موقعا ميسر ڪيا اٿس ۽ سموري دنيا مان ڪيترائي سهڻا دوست ملايا اٿس ...
لک قرب دوست عبدالغني لوهار جا جنهن منهن ڏيکاري سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان ڀاڪر پائڻ جو شرف ڏنو ....
ٿورا ناهن ٿورا ...