مئٽرڪ جي اردو سليس جي نصاب ۾ هڪ سبق آهي ايران ڪا جاڙا، پهريون ڀيرو جڏهن سبق جو عنوان پڙهيم ته ائين لڳو ڄڻ هي سبق ڪنهن ايران جي سڪي لڌي پٽ جي باري ۾ آهي پر ائين نه هو ان ۾ منظر هن ريت هو ته جڏهن ايران برف باري ٿيندي آهي ته جانورن لاءِ خوراڪ جي کوٽ ٿي پوندي آهي ائين بگهڙ به بک تي ٽولو ٺاهيون ويٺا هئا، ٿڌ به گهڻي هئي، ڪا خوراڪ به نه هئي، انڪري هو سڀ پريشان هئا، بگهڙن جي اها فطرت آهي ، جڏهن به اهڙي صورت حال ايندي آهي ته بگهڙ ننڊ ناهن ڪندا ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪڏهن ان ٽولي مان ڪنهن به ننڊ ڪئي ته زندھ نه رهندو، خوراڪ جي کوٽ سبب بگهڙ هڪ ٻئي کي کائي پيٽ ڀريندا آهن. اسان وٽ ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي هتي برف باري به ڪونه ٿيندي آهي، سيارو به ڪجھ ڏينهن لاءِ ايندو آهي ڄڻ سرڪاري آفيسر وانگر رڳو صحي ڪرڻ لاءِ ايندو هجي. باقي سڄو سال گرمي رهندي آهي، خوراڪ جي قلت هتي هوندي ئي ڪونهي، هِت نه ته هُت ڪو نه ڪو شڪار ڦاسندو آهي، پوءِ به الائي ڇو هتان جا سياسي بگهڙ هڪ ٻئي ۾ نظرون وڌيون ويٺا آهن. منصور ميراڻي
اسان وارا بگهڙ انتظار ناهن ڪندا ۔۔۔ هو سياسي پارٽيون مٽائي يا پنهنجي ضمير کي وڪڻي پنهنجي شڪار کي وڃي لڳندا آهن۔ سچ پڇو ته هو ڪنهن موسم جو به انتظار ڪري نه ٿا سگهن۔
ادا بلڪل بهترين سمجهايو اٿو هڪ ٻئي ڳالهه ته اتفاق سان ايران ۾ ڪالهه به برف باري ٿي آهي، ڏسو ته اسان جي ملڪ جي موسم ۽ ايران جي موسم ۾ ڪيترو فرق آهي؟