• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 25 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 25 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

25 اپريل 1927ع شاعر سيد قادن شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 اپريل 1932ع شاعر روپ ڪمار ڪلاڪار (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
25 اپريل 1933ع اسڪالر شيخ محمد حاجن جو جنم ڏينهن آهي.
25 اپريل 1941ع سماجي ورڪر شيام ستواڻي (سنڌ / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 اپريل 1949ع ليکڪ خير محمد ٻرڙو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
25 اپريل 1965ع صحافي اسحاق سومرو (سڪرنڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
25 اپريل 1966ع ليکڪ اعجاز يوسف (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 اپريل 1967ع ليکڪ ۽ ناول نگار منظور ٿهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 اپريل 1971ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مظهر ابڙو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

25 اپريل 1935ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ اديب آغا حشر ڪاشميري جو انتقال ٿيو.
25 اپريل 1975ع ليکڪ عبدالحق عالماڻي جو انتقال ٿيو.
25 اپريل 1995ع عالم، اديب، سياستدان ۽ سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جو لاڏاڻو ٿيو.
 
Back
Top