السلام عليڪم سنڌ سلامت جا ميمبر س ڪهڙا حال آهن اميد آهي ته توهان ٺيڪ ٺاڪ هوندا اڄ مان هڪ نئون ٿريڊ شروع ڪري رهيو آهيان توهان کي بس صرف ڪرڻو اهو آهي ته ........... صرف ٻڌائڻو آهي ته ڪهڙو اينٽي وائرس بهتر آهي ته جلدي سان پهنجي قيمتي راء ڏيو سڀ کان پهريائين مان ٿو پهنجي راء ڏيان سائيمينٽڪ نارٽن سڀ کان بهترين آهي
پر ادا ڦلپوٽو صاحب جيڪو مان اينٽي وائرس استعمال ڪندو آهيان اهو ته توهان راءِ شماري ۾ شامل ئي نه ڪيو آهي۔ باقين جي ته مون کي خبر نه آهي پر جيڪڏهن اهو موجود هجي ها ته يقينن منهنجو ووٽ سائمنٽڪ اينٽي وائرس کي هجي ها۔ هوئن ڪاٿي توهان نارٽن کي ئي ته سائمنٽڪ نه لکيو آهي۔ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ منهنجو ووٽ به ان کي ئي آهي پر ڪير ٻڌائي ۽ ڪيئن ٻڌائي ته اهو اينٽي وائرس ڇو ڀلو آهي؟
مٺا رشيد صاحب سائمنٽڪ اينٽي وائرس کي ئي نارٽن لکيو آهي ادا اڃا ڪافي اينٽي وائرس لکڻ کان رهجي ويا آهن ان جو سبب اهو آهي ته پول واري آپشن ۾ ڊائريڪشن پئي اچي ته توهان وڌ ۾ وڌ 5 آپشن ڏئي سگهو ٿا ان لاء ادا صرف 5 عدد آپشن ڏئي سگهيس . دعائن ۾ ياد
ادا جيڪڏهن ڪنهن علمي شي تي تحقيق ڪئي وڃي راءِ شماري جي ذريعي سان ته تمام بهتر رهندو باقي اينٽي وائرس هرڪو پنهنجي ڪمپيوٽر جي سگهه مطابق استعمال ڪندو آهي
ادا اسدي مشوري ڏيڻ لاءِ مهرباني عرض ڪندو هلان ته راءِ شماري جي هن حصي ۾ توهان ڪنهن به موضوع تي سموري سنڌي ساٿ کان مشورو وٺي سگهو ٿا ۽ ادا ڦلپوٽو جنهن موضوع تي راءِ گهري آهي اهو به علمي موضوع آهي۔ ها جيڪڏهن گهٽتائي آهي ته اِها آهي ته ٿورو ٿورو سڀني اينٽي وائرسز جي وصف لکجي ها۔ جيڪڏهن توهان کي ڪو موضوع آهي جنهن تي توهان سموري سنگت کان مشورو گهرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ دير نه ڪريو هاڻي ڪا تحرير موڪليو ته جيئن پنهنجي سموري سنڌي ساٿين جي علم ۾ اضافو به ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي ڄاڻ موضوع جي مطابق وڌيڪ هجي ته پنهنجي قيمتي راءِ به ڏئي سگهي۔ توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو
ااينٽي وائرس ڪهڙو به هُجي بهتر آهي،ڇو جو هو وائرس ختم ڪندو آهي رهي ڳالهه بهترين اينٽي وائرس اهوآهي جيڪوريئل ٽائم هُجي پر اسان جو ووٽ سڀني کي آهي
ادا منتظر سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ادا جيڪڏهن توهان ڪو ٻيو برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو ته توهان کي گذارش ٿي ڪجي ته سنڌ سلامت فورم لاءِ في الحال انٽرنيٽ ايڪسپلورر ئي استعمال ڪريو ته فورم تي لکڻ دوران توهان جو space وارو مسئلو حل ٿي ويندو۔
فقير سائين مون وٽ سائمنٽڪ0 ۔10 ڪور ايڊيشن فار 10 ڪلائينٽ لائسنسڊ سي ڊي ۾ موجود آهي ۔۔۔۔ پر فقير سائين اهو به هاڻي فولڊر ڊاٽ ايگزي وارا وائرس يا ڪجهه ٻيا گهڻا اهڙا وائرس آهن جيڪي نه ٿو پڪڙي يار اهڙو اينٽي وائرس هجي جيڪو سڀني قسمن جي وائرسن کي پڪڙي ختم ڪري۔۔۔۔ پوءِ به منهنجي راءِ اها آهي ته ٻين جي نسبت سائمنٽڪ اينٽي وائرس بهتر آهي
ادا زاهد ان کي اپ ڊيٽ به ڪندا ڪيو توهان کي ان جو رزلٽ بهترين ملندو . shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
فقير سائين روز اپڊيٽ ڪري پوري ڪمپيوٽر کي اسڪين تي لڳائيندو آهيان۔۔۔ پر نه ڄاڻ اهي مُئا مارايا وائرس وڃن ئي ڪونه ٿا۔۔۔۔ هيٺ تصوير به ڏسو متان فقير سائين سمجهين ته سومرو فقير ڪوڙ پيو ڳالهائي۔۔۔
فقير اڃا دنيا هلي پئي ٻيا قسم کڻن توهان صرف ڳالهه ڪيو ته ڦلپوٽو فقير توهان جي ڳالهه تي اعتبار ڪندو . باقي وائرس ته آهن ئي وائرس پو۽ انهن کان ڪهڙو ڊڄجي دعائن ۾ ياد ادا
جواب: ڪهڙو اينٽي وائرس بهتر آهي منهنجي خيال ۾ بٽ ڊفينڊر بهيرين آهي، مان پوين 20 مهينن کان يوز ڪري رهيو آهيان ۽ نڪي ونڊوز ري-انسٽال ڪئي آهي نڪي ڪو وائرس لڳو آهي۔
جواب: ڪهڙو اينٽي وائرس بهتر آهي ادا انهي کي ڪٿان لوڊ ڪجي مهرباني ڪري ٻڌائيندا يا مارڪيٽ مان خريد ڪجي؟
جواب: ڪهڙو اينٽي وائرس بهتر آهي ادا سائين اينٽي وائرس اويرا مون به هلايو آهي ، انهيءََٰ کان به مون کي سٺو Avast اينٽي وائرس لڳي ٿو اوهان به آزمائي ڏسو هي سافٽ وير به فل رجسٽر آهي جيڪو Avast.com تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔ احمدخان