مست
سينيئر رڪن
(منهنجي اندر جي مان ۽ مست جي گفتگو)
مان چيو هڪ مرد آهيان،
مست چيو سر درد آهين۔۔
مان چيو ڪنڌار آهيان،
مست چيو لاچار آهين،
مان چيو مان سهڻو آهيان،
مست چيو ”ير سادو ناهين۔۔“
مان چيو مان ڪوڙو ناهيان،
مست چيو تون سچو به ناهين
مان چيو مان هڏ ڏوکي آهيان
مست چيو تون ڊوهي آهين۔۔
مان چيو مان امير آهيان
مست چيو ”پر دل سان ناهين“
مان چيو ”مان صابر آهيان“
مست چيو ”تون ظالم آهين“
مان چيو ڇو ايڏي ڪاوڙ؟
مست چيو ”ٿڪجي پئين ڇا؟“
مست سڏائڻ چاهين ٿو تون،
پاڻ وڌائڻ چاهين ٿو تون،
پوءِ ڇڏ وڏائي پستيءَ ۾ اچ
مستن واري مستيءَ ۾ اچ
مان چيو هڪ مرد آهيان،
مست چيو سر درد آهين۔۔
مان چيو ڪنڌار آهيان،
مست چيو لاچار آهين،
مان چيو مان سهڻو آهيان،
مست چيو ”ير سادو ناهين۔۔“
مان چيو مان ڪوڙو ناهيان،
مست چيو تون سچو به ناهين
مان چيو مان هڏ ڏوکي آهيان
مست چيو تون ڊوهي آهين۔۔
مان چيو مان امير آهيان
مست چيو ”پر دل سان ناهين“
مان چيو ”مان صابر آهيان“
مست چيو ”تون ظالم آهين“
مان چيو ڇو ايڏي ڪاوڙ؟
مست چيو ”ٿڪجي پئين ڇا؟“
مست سڏائڻ چاهين ٿو تون،
پاڻ وڌائڻ چاهين ٿو تون،
پوءِ ڇڏ وڏائي پستيءَ ۾ اچ
مستن واري مستيءَ ۾ اچ