اڄ ڪجهه گهڙيون پهريان، چهل قدميءَ جي بهاني گهر کان نڪري ٻاهر ٿيس ته سامهون پوري چنڊ تي نظر پئي، سرمئي آسمان ۾ پوري چنڊ جو چهرو به ڏسڻ وٽان هو، مون کيس ڏسندي ئي پنهنجي محبوب جي چهري جو تصور ڪيو جيڪو پڻ سرمئي ابائي جي ڪاري رومال ۾ هوبهو ان جهڙو لڳندو آهي، ان خيال ايندي ئي مون چنڊ کي سلام ڪري ڪنڌ هيٺ ڪيو. هلڪي ٽهڪڙي سان سريلو آواز ڪن پيو، “ لڳي ٿو ڀليا آهيو” مون وري ڏانهس نهاري جواب ڏنو، “ شايد ڀليو آهيان يا وري ممڪن اهو ئي هجي، جنهن جو تصور هميشه رهي ٿو” جواب ڏنائين ته اوهان عاشق يا ته چريا آهيو يا ولي الله، ڪيترائي تنهنجا دوست به مونکي ڏسي پنهنجي محبوب سان پيا ڳالهيون ڪندا آهن، تو وارو يار سرمد به “ اڙي چنڊ اڙِي چنڊ“ ڪري پيو مونسان مخاطب ٿيندو هو، هاڻ وري تو وارو ٻيو يار سليمان وساڻ به مونکي ڏسڻ سان ئي پنهنجي محبوب جون ڳالهيون شروع ڪندو آهي ... هاڻ وري تون به ساڳيو ڳالهيون پئي ڪيون .... لڳي ٿو ته تون به سونهن جو عاشق ٿو لڳين. رستي هلندي چهل قدميءَ ۾ چنڊ جو ساٿ هجي ته چهل قدمي به چاهه ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. چنڊ سان ڳالهين دوران چنڊ شڪايت ڪئي ته سنڌ جي سائينءَ شاه لطيف ته اصل وڙهي وچڙي منهنجي اهڙي حالت ڪئي هئي جو آءُ جڏهن به شاه لطيف کي ڏسندو هيس ته بدليون ڳولهي وڃي لڪندو هيس يا گرهڻ لڳي ويندي هئي، ڇاڪاڻ لطيف جو محبوب ته واقعي سموري ڪائنات کان سونهن ۾ سرس آهي، سو لطيف جو جهيڙو سجايو هو ... ان سان ڪهڙو مقابلو ....؟؟؟ ايئن منهنجي به چهلقدمي پوري ٿي ۽ چنڊ به لطيف جي نالي تي شرمائجي وڃي ڪنهن بادل ۾ لڪيو ... https://www.facebook.com/video.php?v=10151555763038948
تمام سٺا خيال ۔۔۔ پر چنڊ جي ڪري اسان سان به رات ڏاڍي ٿي ۔۔۔۔ دوستن فيسبوڪ تي نياپو موڪليو ته چنڊ گرهڻ ٿي آهي. ٻاهر نڪري چنڊ ڏسڻ لڳس پر عمارت جي اوٽ ۾ هو. ڇت تي چڙهي چنڊ جي ڳولها ۾ لڳس. پر آسمان جي چنڊ بجاء ٻئي چنڊ تي نظر پئجي وئي. مان اصلي چنڊ جي ڳولها ڇڏي واپس آيو آهيان. هيٺ واپس پهتس ته منهنجي چنڊ سوال پڇيو ته چنڊ ڏٺئي ؟؟؟ مونکي پراڻا لفظ ياد اچي ويا ۔۔۔
2567 اٽيچمينٽ ڏسو 2568 اٽيچمينٽ ڏسو اوهان سڄڻن جا چنڊ بابت ويچار پڙهي ڪجهه اسان کي به ڳالهيون ياد پئجي ويون۔۔۽ گذريل رات مان به چنڊ کي ڏسندو رهيس تان جو چنڊ گرهڻ به ڏٺم جيڪو رات جو ٻه وڄه تائين شروع ٿي ويو هو شايد پو ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا ته اتي ئي گهر جي اڱڻ ۾ ننڊ اچي وئي، نم جي وڻ پٺيان محبوبن جيان جهاتيون پائيندڙ چنڊ، محبوب جي مکڙي جيان ٻهڪندڙ چنڊ پنهنجي پوري جوڀن ۾ ٿي سهڻو نظر آيو ان وڻڻدڙ منظر کي مان قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ٻه تصويرون به ڪڍي ورتم، الا به ڇو اهو ٻڌي ڏک ٿي رهيو هيو ته ڪجهه دير کانپو چنڊ کي گرهڻ لڳندو ۽ اهو منظر پسڻ لا جاڳندو رهيس پر ننڊ جي جهوٽن ۾ صحيح نموني اهو منظر ڏسي نه سگهيس پر ٿورو ڏٺم۔۔خير چنڊ ئي ته اهو واحد وسيلو آهي جو اسان انهن کي نٿا ڏسي سگهون جن کي چنڊ ڏسي رهيو آهي، بس ان ئي آس تي چنڊ کي ڏسندرو رهندو آهيان ته من ڪي اهي به پنهنجي اڱڻ تي ان ئي چنڊ کي ڏسندا هوندا۔۔ڇا ٿيو جو اسان هڪٻئي کي نٿا ڏسي سگهون ان ڪري چنڊ کي ڏسي سڪ لاهيندو آهيان ته يقينن ساڳيو ئي چنڊ ان جي به اڱڻ تي اڀريو ضرور هوندو۔ ۽ اهڙي ريت فجر جي نماز وقت بابا سائين اچي اٿاريو ته ڏٺم ته چنڊ صفا پوئين پهر ۾ ڳاڙهي رنگ جيان ٿي ويو هو۔ ۽ لهي وڃڻ جو سانباهو ڪري رهيو هيو۔۔عجب ڪيفيت هُئي ته هن وقت پرين اگهور ننڊ هوندا پر چنڊ پو به جاڳي رهيو هو۔ اها ٿيندي آهي وفا جا چنڊ جيان ڪو نڀائي۔