• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ وائرس کان نجات ڏياريو

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
دوستو، خبر ناهي الا جي ڪهڙو وائرس منهنجي ڪمپيوٽر ۾ اچي ويو آهي جيڪو منهنجي فائر فاڪس استعمال ڪرڻ يا گوگل ڪروم کي استعمال ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ ئي هڪ ويب سائيٽ آهي ڪنهن وڊيو ٽي وي جي ۽ هڪ ويب سائيٽ آهي ڪنهن نوڪري ڏيڻ واري ڪمپني جي اهي هڪ ئي وقت 7 يا 8 لنڪ کلي وڃن ٿا۔۔ڪو به ڪم ڪري رهيو آهيان ان ۾ ڏاڍي رڪاوٽ اچي وڃي ٿي، وري انهن کي بند ڪيان ٿو ته يڪدم وري ٻيهر هڪ ئي وقت سمورا لنڪ هلڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ ان وقت ڪمپيوتر صفا هينگ ٿي وڃي ٿو، جيسين وڃي اهي لنڪ بند نه ڪيان، مان ته َڦاسي ويو آهيان منهنجي مدد ڪيو ته ان مان ڪئين نجات حاصل ڪيان۔۔ هيٺ انهن لنڪس جي کلڻ واري تصوير پيش ڪيان ٿو۔

 
ڏٺو سڀني پر مسئلي جو حل ڪنهن به نه ٻڌايو۔۔ٻيلي ايڏي بي رخي نه ڪيو ڪير ته هوندو جيڪو منهجو مسئلو حل ڪري۔۔مهرباني
 
سائين منظور صاحب اسان سفا ڪورا آهيون ان معاملي ۾ نه ته دير ڪون ڪيون هان،پر نيٺ ته ڪنهن کي رحم ايندو،دير سوير ٿي ويندي آ،
شايد بجلي جي بحران سبب جادوگر نه ڏسي سگهيا آهن،
 
ادا مون توهان جي پوسٽ هن وقت نظر ۾ آئي آهي انشاالله توهان جي مسعلو حل ڪري پو سک جو ساھ کڻبو انشاالله۔
سڀ کان پهرين ٻڌايو توهان وٽ ڪهڙا ڪهڙا سافٽويئر لڳل آهن؟ توهان ڪهڙو ونڊوز استعمال ڪري رهيا آهيو؟ توهان سان اهو مسعلو ڪڏهن کان شروع ٿيو آهي۔
ان کان پو ڪو اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔
 
معاف ڪجو دوست جو موضوع ڏسي به سائين عتيق الرحمان جي ڳالهه وانگر لائيٽ نه هجڻ ڪري تڪڙو جواب نه ڏئي سگهيس۔۔۔
خير توهان کي ٻڌائيندو هلجي ته اڪثر سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي دوران دوست انسٽاليشن وزارڊ کي پڙهڻ بجاءِ بس نيڪسٽ نيڪسٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ويندا آهن ۔۔ نتيجي طور بيخيالي ۾ سافٽويئرس انسٽال ٿيڻ سان گڏو گڏ کوڙ غير ضروري شيون پڻ انسٽال ٿيو وڃن۔۔۔ اهڙيون شيون اڪثر برائوزرس کي متاثر ڪنديون آهن۔۔ جهڙوڪ۔۔ ڊيفالٽ سرچ انجڻ جي تبديلي، هوم پيج جي تبديلي، اضافي ٽيبس جو اسٽارٽ اپ ۾ اچڻ ۽ قسمين قسمين جا ٽولبار۔۔۔
ان ڪري دوستن کي صلاح آهي ته نئون سافٽويئر انسٽال ڪرڻ وقت بس ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ئي سهي انسٽاليشن تان ڌيان نه هٽائين۔۔۔

منهنجي نظر ۾ هن جا ٻه حل آهن۔۔۔
فائرفاڪس کوليو۔۔ ۽ يو آر ايل ۾ about:config لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔ سامهون کلندڙ وارننگ پيج کي تسليم ڪندڙ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي اڳتي وڌو ۽ browser.sessionstore.max_concurrent_tabs ڳوليو يا وري سرچ بار ۾ هتان ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو ۽ ڳوليو۔۔۔ آپشن تي ڊبل ڪري سندس ويليو 0 ۾ تبديل ڪريو ۔۔ فائر فاڪس کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ اميد ته هن دفعي مسئلو نه ايندو۔۔

kLfRd.jpg
جيڪڏهن پهريون حل سمجهه ۾ نه اچي ته ٻئي ۽ نسبتن آسان حل طرف اچو۔۔۔
Firefox بٽڻ تي ڪلڪ ڪري Options چونڊيو ساڳيو طريقو ٽولز مينو تي ڪلڪ ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔ سامهون ايندڙ ڊائلاگ باڪس مان General تي رهي ڪري Don't load tabs until selected کي چيڪ لڳايو۔۔

k-bigpic.jpg
ياد رهي ته ساڳيو آپشن فائرفاڪس جي اپڊيٽ ورشن ۾ وري جنرل جي ڀرسان موجود tabs آپشن ۾ موجود آهي ۔۔۔ جنهن تي چيڪ لڳايو۔۔۔ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔ ۽ فائرفاڪس کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔

2012-10-22-11-49-44-54cd44.png
اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو ۔۔۔ نه ته ٻيهر عبدالرحيم جي سوالن جا جواب لکي تفصيل ٻڌايو۔۔۔
 
سائين سڄڻن جون مهربانيون پر لڳي ٿو جيڪي طريقيڪار ٻڌايو آهي اهو لڳي ٿو اوهان وٽ ڪو نئون ورزن فائر فاڪس آهي ان ڪري اوهان جي پهرين طريقي مطابق جيڪا سرچ انجڻ ۾ فائيل ٻڌائي آهيbrowser.sessionstore.max_concurrent_tabs اها موجود ئي ڪونهي، ۽ ٻيون طريقو جيڪو اوهان ٻڌايو آهي ان ۾ به جنرل واري آپشن ۾ هيٺيون ڪجهه به نظر ئي نٿو اچي۔۔ ٿي سگهي ٿو مون وٽ ونڊوز ايڪس پي آهي ان ڪري اهو سبب هوندو۔۔
k-bigpic.jpg
 
مان ونڊوز ايڪس پي استعمال ڪري رهيو آهيان،
اهو مسئلو هڪ مهيني کان جان ئي نٿو ڇڏي، ٻه ٽي ڀيرا فائر فاڪس ريموو ڪري وري انسٽال ڪيو اٿم پو به وري وري اهو اچي وڃي ٿو۔
مون وٽ گهڻا ئي سافٽويئر آهن، جن ۾ سي سي ڪلينر، يوٽويب ڊائونلوڊر، ٽوٽل ڪنويرٽر،وڊيو پيڊ ايڊيٽر،يو ايس بي، ڊسڪ سيڪيورٽي، ايڪسپريس برن، ان پيج اردو ، بي وا فا، وڊيو ايڪسيليٽر شامل آهن
 
مان ونڊوز ايڪس پي استعمال ڪري رهيو آهيان،
اهو مسئلو هڪ مهيني کان جان ئي نٿو ڇڏي، ٻه ٽي ڀيرا فائر فاڪس ريموو ڪري وري انسٽال ڪيو اٿم پو به وري وري اهو اچي وڃي ٿو۔
مون وٽ گهڻا ئي سافٽويئر آهن، جن ۾ سي سي ڪلينر، يوٽويب ڊائونلوڊر، ٽوٽل ڪنويرٽر،وڊيو پيڊ ايڊيٽر،يو ايس بي، ڊسڪ سيڪيورٽي، ايڪسپريس برن، ان پيج اردو ، بي وا فا، وڊيو ايڪسيليٽر شامل آهن
ادا توهان ڪنٽرول پينل مان ايڊ ريمو پروگرام کي کولي ان جو اسڪرين شاٽ موڪلو جيئن سڀني سافويئرن جي خبر پوي۔

فائر فوڪس کي انٽرنيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو يا اپڊيٽ ڪري پوئي سائين ذيشان رشيد جي طريقي تي عمل ڪري ڏسو۔
اميد آهي توهان مسعلو حل ٿي ويندو
 
جنرل جي ڀرسان موجود tabs آپشن ۾ موجود آهي ۔۔۔ جنهن تي چيڪ لڳايو۔۔۔ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔ ۽ فائرفاڪس کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔

2012-10-22-11-49-44-54cd44.png
 
Back
Top