ري ڪورنگ اُميدوار (اليڪشن ڪهاڻي نمبر 1 )

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    شهري زندگي جي وٺ وٺان ۽ بي خبري بلڪه خود غرضي ۽ بي حسي کان فراريت لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ويجهن ڳوٺن ڏي لڙي وڃي تازي تواني ٿيڻ جي ٻاڙ پوري ڪندو آهيان. ٻه ڏينهن ٿيا جو ماسات ڏي وڃان ته همراهه کٽ پڌر ۾ نم جي وڻ هيٺيان رکي مٿي تي ڪُولنگ بئگ رکي ويٺو آهي ۽ منهن مان عجيب آواز پيا اچن.مون ڏي ڏِسڻ لاءِ ڪنڌ ڦيرائڻ جي به زحمت نه ڪيائين رڳو اکين جا تارا ممڪن حد تائين مون ڏي ڦيري ڏِسي ۽ بنا تاثر جي وري سامهون ڏسڻ لڳو. هو اڳ اهڙي بي رُخي سان مون سان ڪڏهن به نه مليو هو. ڀاڄائي کان پُڇيم ته ڪُجهه ڏينهن پهرين ته چاڪ چڱو ڀلو هو خير ته آهي، ڇا ٿيو اٿس؟ ڀاڄائي رئو مٿي ڪندي ٿورو جهُڪي سر تي هٿ رکرائيندي چيو ”بس ادا ڪهڙا حوال ڏيان؟ اليڪشن ۾ بيٺو آهي.”
    هيڪر ته مون کان کِل ڇُٽي وئي جڏهن بس ڪيم ته پُڇيم هن همراهه جو سياسي قد ڪاٺ ڪنهن جلسي ۾ پهرين تقرير ڪرڻ يا نعرن ۾ جوش آڻڻ لاءِ ڪاڪڙو ڦاڙي ٻين لاءِ مٿي جو سور ٿيڻ کان مٿي هو ئي ڪونه. هي ڪنهن جي آسري اليڪشن ۾ بيٺو!“
    “ادا پارٽي وارن سان اُٿي ويٺي ته اٿس نه. جيڪو اسان واري تڪ جو وڏو ڀوتار اليڪشن ۾ بيٺو تنهن جي ڊگري تي کيس پڪ ۽ پارٽي کي شڪ هو سو انهن سندس ڪورنگ اُميدوار طور هن واري گهاٽي يار کي بيهاريو. انهي مُئي ڇا ڪيو جو هن کي واڌيون ڏيئي چيو ته تون منهنجي ڪورنگ اُميدوار طور بيهي. هن وارو دوست ته ٿيو ڪورنگ اُميدوار ۽ پاڻ کي ري-ڪورنگ اُميدوار سڏائڻ لڳو”
    ”ريڪورنگ اُميدوار وري ڇا؟ اهو ته پهريون دفعو ٿا ٻُڌون“
    “اِهو ته مون به پڃيومانس. پر چئي تو مئٽرڪ گرلس اسڪول ۾ ڪئي. توکي ماسترياڻين پڙهايو ئي ڇا آهي. آئون کڻي اٺين ڪلاس ۾ فيل ٿيس پر ست جماعت پاس ڪندي اهو سِکي ويس ته ڪنهن لفظ سان ري لڳي ته اهو ٻيهر جي معنى ۾ اچيو وڃي. سو آئون ڪورنگ جو ريڪورنگ اُميدوار آهيان“
    هڪ دفعو وري هن جي اها حرڪت منهنجون واڇون ٽيڙي وئي. پر ادي ڳالهه جاري رکي.
    ”هن به منهنجا ڳهه وڪڻي کڻي فارم ڀرايا. ۽ ادا سچي ۾ پاڻ نه ڀريائين. پنهنجي دوست کان وڃي ڀرائي کڻي آيو ۽ ٻه ٽي ٻين کي به ڏياکري پڪ ڪيائين ته ڪٿي ڪا غلطي ته ناهي. جيئن ئي فارم ڀرجي ويا ته هي ۽ هن وارو دوست ويهي رهيا مُصلي تي“
    “مُصلي تي ڇو؟” “هن وارو يار چئي مُصلي تي ويهي جيڪي دعائون ياد آهن سي پڙهه ته ڊگري ڪوڙي ثابت ٿئي ته آئون وارو وٺان. پر هي به وري ڪو گهٽ آهي.مون کي چئي تون نماز پڙهي دعائون ڪر ۽ آئون به ويهان ٿو مُصلي تي هُن جي ڊگري ڪوڙي ثابت ٿئي ۽ هن کان اهڙا ڏُکيا ڏُکيا ديني سوال ڪن جو فارم رد ٿين ته مون کي چانس ملي.”
    “پوءِ ڪنهنجي دعا قبول ٿي؟“
    ”ادا دعا ته کڻي ٻنهي جي قبول ٿي جو ڀوتار جي ڊگري هئي ڪوڙي سو ته وڃي گهر ڀيڙو ٿيو. پر هن جي تسبيح به ڦِري وئي ۽ ڀوتار جو ڪورنگ اُميدوار ٽي ڏينهن مُصلي تي ويهي ڀوتار جي ڊگري ڪوڙي ٿيڻ جي دعا سان گڏ گڏ چار قُل، دعاءِ قنوت، آيت الڪرسي ياد ڪيون ته رٽرننگ آفيسر وڃي قومي ترانو پُڇيو. هُن گهڻو ئي چيس ته مئٽرڪ تائين اسيمبلي ۾ ترانو پڙهڻ مُنهنجو ڪم هو. ڀلي منهنجي رٽائرڊ ماستر کان پُڇيو. پر آفيسر مڃي ڇا. وچاري ڏاڍيون منٿون ميڙون ڪيون پر تراني وسري وڃڻ الاءِ ياد ئي نه هُجڻ ڪري ڊهي پيو.“
    ”ادي پوءِ ته هن کي خوش ٿيڻ کپي. ٻئي اُميدوار ويا هليا هاڻي ته هن جو رستو صاف. وڏي پارٽي جي پوئواري هوندي ته پڪ کٽي ئي کٽي“
    ادي انهي وچ ۾ هڪ دفعو هن جي ڪولنگ بئگ جو پاڻي ڪڍي ٻيهر ٿڌو وڌو جو مٿي تي چڙهي ويل گرمي پاڻي کي ڪو جلدي ئي ڪوسو ڪري پئي وِڌو.
    “ادا هِتان ته کڻي ڪم ٿي ويس پر اڳين پارٽي واري اُميدوار لاءِ هن کان دُعائون بلڪه بد دعائون گهُرڻ وسري ويون.“
    “اُهي وري ڇو؟“
    “اڳين پارٽي به پنهنجو وڏو اُميدوار ڪو هِن ۽ هِن جهڙي دوست وانگر ته ڪونه بيهاريا هئا نه؟ جن جي ڊگري ڪوڙي هُجي يا کين قومي ترانو ئي ياد نه هُجي.“
    مون محسوس ڪيو پئي ته وِچ ۾ ڪٿي ڪٿي هن اسان جي ڳالهين کي ٿورو ڪن ڏنو ٿي پر وري هڪ دم دماغ کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيڻ بند ٿي ڪيائين. پر هاڻي مٿي تي ٻڌل ڪولنگ بئگ کي جهلڻ لاءِ مُردي جي ڄاڙي کُلڻ کان روڪڻ لاءِ ٻڌل پٽي وانگي ٻڌل ڪپڙو کولي زال کي چوڻ لڳو.
    ”منهنجي سامهون ٿي ڪوڙ ڳالهائين. ڄڻ مون کي ناهي خبر ته منهنجو مخالف اڻ پڙهيو ڄٽ آهي. دين اسلام کان به صفا پري. ڪڏهن ڪڏهن ڪو عيد گاهه جو منهن ٿو ڏسي سو تنهن کي وري دعائون ۽ قومي ترانا ياد هوندا. اهو ڀاڳ ڀلو هئس جو آفيسر جو لنچ بريڪ ويجهو هو ۽ ڪا بُک لڳل هئس سو هِن کان گهڻا سوال ئي نه ڪيا. رڳو ايترو پُڇيائين ته روزا گهڻا ٿين؟ ظاهر اهي ته عيد جي انتظار ۾ روزا کڻي رکي نه ٿو ته به ڳڻيندو ته هر سال آهي سو ٻُڌائي ويو.“
    پر اُهو انهي جو نصيب هو. . . . تنهنجو مٿو ڇو گرم ٿيو آهي.“
    “ادا ڇو ٿا سُتل سور ڄاڳايوس. ڇا ٻُڌائجي ته پارٽي کي جن ڪن ئي ڪانه هئي ته هنن جي ڪورنگ جو ڪو ري-ڪورنگ به بيٺو آهي. ۽ جن کي خبر هئي تِن کي به هن جو قد ڪاٺ سُجهيو پئي سو هُنن پنهنجي مُخالف اُميدوار جي خلاف بيٺل هڪ ننڍي پارٽي جي اُميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ هي اهو ٻُڌي صبح کان ويٺو مٿو ٿڌو ڪري.“
    ”ادي پوءِ ته هي هاڻي سچو پچو ريڪورنگ اُميدوار ٿيو نه. خدا ڪري پنهنجي اصل حالت کي ريڪور ڪري ۽ اليڪشني بُخار جو اثر ٽُٽي پوي.“
    ادي کِل روڪي هئي جو متان سندس مجازي خُدا ڏُک ڪري پر آئون مُسڪرائيندو موڪلائي اُٿيس ۽ دعا ڪيم ته همراهه ريڪور ٿي پئي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي به هڪ يار مونکي ميسيج ڪيو جنهن ۾ لکيل هيو ته اوهان جو ڄاتل سڃاتل آزاد اميدوار طور فلاڻي تڪ تي صوبائي اميدوار لا نامزد ٿي ويوآهي ان جو انتخابي نشان هنداڻو آهي۔۔سڀ ڳالهيون پنهنجي جڳهه تي پر جڏهن انتخابي نشان هنداڻي جو سوچي ڪري ايڏي ته کل آئي جو پيٽ ۾ سور پئجي ويو،، يار پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ بيٺو آهي انتخابي نشان ته ڪو طاقت وارو وٺين ها۔۔ويچارو منهنجي کل جي اڳيان چپڙي ڪري منهنجو ڳالهيون ٻڌندو رهجي ويو۔۔بس ايترو چيائين ته يار اوهان دوستن جي مدد گهرجي۔۔چيومانس ته يار پنهنجو ووٽ ته ڪراچي ۾ آهي ڳوٺ ڪئين اچجي، چيائين ته يار منهنجي ڪيمپنگ ته ڪري سگهو ٿا نه، ان لا چيومانس ته يار آفيس کان موڪل نٿي ملي۔۔چُپ ڪري ويو۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هههههه ۔۔۔ آمين

    ڪهاڻي نمبر 1 کانپو لڳي ٿو ته دي اينڊ ٿي وئي آهي ۔۔۔ مطلب اليڪشن جا نمونا اهڙا ته ڏکيا ٿي پيا آهن جو هاڻ قصيدا نه پر نوحا لکڻ تي دل ٿي چوي ۔۔۔ عجيب پاڪستان ۽ انکان عجيب پاڪستاني ادارا ۽ هاڻ وري انکان به عجيب ٿيندڙ اليڪشن ۔۔۔ گهما ڪي رک ديا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو