• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن به سافٽويئر جو سيٽ اپ ڪيئن ٺاهبو آهي

احمدخان

سينيئر رڪن
محترم دوستو:
اسلام عليڪم
ادا سائين مون کي ڪنهن به پروگرام جي سافٽ ويئر جو سيٽ اپ ٺاهڻ لاٌءِ سافٽ وير گهرجي ٿو، تنهن کانسواءِ ڪنهن دوست وٽ اياز شاه جا فونٽ ۽ ٻيا فونٽ جيڪي انٽر نيٽ تي موجود ناهن سي منهنجي اِي ميل ائڊريس تي اُماڻيندا ته مهرباني ٿيندي۔
احمدخان ڀرڳڙي
 
جواب: ڪنهن به سافٽويئر جو سيٽ اپ ڪيئن ٺاهبو آهي

مٺا احمد خان! خوش هجين.
ادا مون کي ته ڪنهن به پروگرام جي سافٽ ويئر جو سيٽ اپ ٺاهڻ نٿو اچي، باقي اياز شاهه جا فونٽ ۽ ڪي بورڊ لي آئوٽ حاضر آهن. اجهو هتان ڪاپي ڪريو.
 
جواب: ڪنهن به سافٽويئر جو سيٽ اپ ڪيئن ٺاهبو آهي

ادا فهد ۽ ادا جهانداد ۽ ٻين دوستن کي عرض آهي ته اگر اوهان کي معلومات هجي ته سائين احمد خان جن جي مدد ڪندا۔
 
جواب: ڪنهن به سافٽويئر جو سيٽ اپ ڪيئن ٺاهبو آهي

Setup Factory هي سافٽ ويئر تمام بهترين آهي.. مون وٽ ٽائيم ناهي جو ڳولي لنڪ ڏيان... پر اٿئو اهي... ڊائون لوڊ ڪريو...
 
جواب: ڪنهن به سافٽويئر جو سيٽ اپ ڪيئن ٺاهبو آهي

ادا اظهار ۽ سائين اسد اوهان جي مهرباني جو اوهان وقت ڪڍي دوست کي جواب ڏنو۔ اميد ته ادا احمد خان جو ڪم ٿي ويندو۔
 
جواب: ڪنهن به سافٽويئر جو سيٽ اپ ڪيئن ٺاهبو آهي

محترم دوستو:
اسلام عليڪم
ادا سائين مون کي ڪنهن به پروگرام جي سافٽ ويئر جو سيٽ اپ ٺاهڻ لاٌءِ سافٽ وير گهرجي ٿو

ادا احمد خان توهان بغير سافٽويئر جي پڻ سيٽ اپ فائيل ٺاهي سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪري Run يوٽيلٽي کوليو ۽ IExpress لکي انٽر بٽڻ پريس ڪريو توهانجي اڳيان هڪ وزارٽ کلي ويندو ۔۔۔۔

shortcut-iexpress-wizard-iexpress.jpg

جتي ڪجهه آسان سٽيپن سان سيٽ اپ فائيل ٺاهي سگهو ٿا۔۔۔
جيڪڏهن سيلف ايڪسٽريٽ فائيل بڻائڻ چاهيو ته هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2897

پر جيڪڏهن ڪنهن تفصيلي انسٽالر يا فونٽ انسٽالر ٺاهڻ جو ارادو رکو ٿا ته هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2885
 
Back
Top