ٽورينٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ جو طريقو 1._سڀ کان پهرين توهان کي هڪ سافٽويئر جي ضرورت پوندي اهو توهان هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا هن سافٽويئر جو نالو بٽ ٽوررينٽ آهي http://www.bittorrent.com/ 2_توهان کي جيڪي شئي گهرجي مثال_سافٽويئر_گانا_فلمون_گيمس_ڪتاب اهي سرچ ڪريو هن ويب تانhttp://www.kickasstorrents.com/ 3_سرچ ڪرڻ کان پوءِ توهان جي سامهون رزلٽ اچي ويندي هاڻ رزلٽ مان ڪنهن به هڪ فائل تي ڪلڪ ڪريو ته توهان جي سامهون ڪجهه آپشن اچي ويندا انهي صفحي ۾ توهان download torrent جي لنڪ کي ڪلڪ ڪريو جنهن سان هڪ فائل ڊائونلوڊ ٿيندي 4_بس هاڻي اها فائل ڊائونلوڊ ڪريو ۽ هن فئل کي ڊبل ڪلڪ ڪريو ته توهان جو سافٽويئر پاڻي هي ڊائونلوڊنگ شروع ڪري ڇڏيندو پر ها وائرسن کان خبردار
جواب: ٽوريٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي ادا تمام بهترين ڏس آهي۔۔۔ مان ٽورينٽ جي حوالي کان بلڪل بي خبر هئس ته هن جو استعمال ڪيئن ڪبو آهي ۔۔۔ پر هاڻي توهان جي ڏنل ڏس سان انشاءَ الله نوان ۽ مڪمل سافٽ ويئر وغيره هٿ ڪبا۔۔۔ مهرباني ادا۔۔
جواب: ٽوريٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي ادا ٽورريٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ توهان وڏيون فائلون جلدي ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا ۽ ٽوررينٽ ڇا آهي ته ٽوررينٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ توهان ٻين ماڻهن جي ڪمپيوٽر مان فائلون ڊائون لوڊ ڪري سگهون ٿا جڏهن توهان ڪا فائل ڊائونلوڊ ڪندا آهيو ته توهان 20 يا 30 ڪمپيوٽرن مان فائل جو ٽڪر ٽڪر هڪ ئي وقت ۾ ڊائون لوڊ ڪري رهيا هوندا آهيو انهي ڪري ٽوررينٽ مان تيزي سان هڪ فائل کي ڊائونلوڊ ڪري سگهبي آهي
جواب: ٽوريٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي ادا فهد اوهان جي مهرباني جو اوهان اهڙي لاجواب ٽپ ٻڌائي آهي۔ ادا عبدالوحيد اوهان کي معلوم هوندو ته سائين ابوزين جن به ان متعلق هڪ بهترين ٿريڊ شيئر ڪيو آهي ان کي ڏسندا ته توهان جي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو۔
جواب: ٽورينٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي ٽورينٽ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ مهل هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو آهي، اهو آهي ليچرز Leechers، توهان جي ٽورينٽ فائيل جا ليچر جيترا گهڻا هوندا اوترو ئي جلدي توهان جي فائيل ڊائونلوڊ تيزي سان ٿيندي، ڪوشش ڪندا ڪريو۔ ليچرز جو مطلب آهي ته اها فائيل ڪيترا دفعا ڊائونلوڊ ٿي چڪي آهي، ۽ ٿي رهي آهي،
جواب: ٽورينٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي جي ادا توهان بلڪل صحيح چيو جيترا ليچر ۽ سيڊس وڌيڪ هوندا اوترو هي جلدي فائل ڊائونلوڊ ٿيندي
جواب: ٽورينٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي اڄ ٽورينٽ جي باري ۾ سائين رشيد صاحب جن کان پڇي رهيو هوس ته انهن سنڌ سلامت ۾ ڳولا جي صلاح ڏني جنهن ذريعي ڪافي بهتر نتيجا سامهون آيا آهن۔۔۔
جواب: ٽورينٽ ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي بهترين ٽورنٽ بابت جادوگر رشيد سمون مونکي يوٽورنٽ ڊائونلوڊر جو مشورو ڏنو آهي ۽ مون انسٽال به ڪيو آهي ۽ هڪ انڊين مووي پڻ ڊائونلوڊ ڪئي آهي پر اڃان تائين ايترو وقت ناهي مليو جو اها مووي ڏسي سگها۔ دوستو اوهان هت ڪلڪ ڪري يوٽورنٽ ڊائونلوڊر انسٽال ڪيو۔ انکانپوء اوهان دي پائريٽ بي نالي سرچ انجڻ تان ٽورنٽ فائل سرچ ڪيو ۽ پوء مطلوبه فائل تي ڪلڪ ڪري GET THIS TORRENT تي ڪلڪ ڪري فائل ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔