جواب: سپيڊ ٽيسٽ
سائين رند صاحب، اوهانجون ونڊڙيون ته ماشاالله شاندار آهن ۽ لڳي ٿو ته اوهان اسانکي انٽرنيٽ جي دنيا جو سير ڪرائي ڪرائي اصل کيرو ڪري وجهندا جو ڪالهه کان ايتريون ته سائيٽون ٻڌايون اٿوَ جو هاڻ نالائق شاگرد جيئان وسرنديون به وڃن ٿيون ...
خئير اصل ڳالهه ته اوهانجي اها اوطاري تصوير تي اڄ نظر پئي ته اصل ڊڄ وٺي ويو .... تصوير ڪاري ۽ اکيون پيليون. مٿان وري اسد بادشاه .... يار اسانتي رحم ڪريو ... ڪي سٺيون، پرامن تصويرون ڳولهيو، ڪي تاريخي، ڪي انساني، ڪي مذهبي ۽ ثقافتي ... مطلب ته انسان اشرف المخلوقات، وتي هروڀرو جانورن کان ڊڄندو ... ڊيڄاريو نه ....
ڌڻي اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ...