ڪراچي جي مومن آباد جي علائقي ۾ اليڪشن آفيس ڀرسان ڌماڪو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪراچي جي مومن آباد جي علائقي قائد عوام ڪالوني ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اليڪشن آفيس ڀرسان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدار کي نشانو بڻائڻ لاءِ بم ڌماڪو ڪيو ويو، نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت 11 مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اي اين پي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري بشير جان معجزاڻي طور بچي ويو، پوليس موجب بم ڌماڪو هڪ سوزوڪي اندر ٿيو، ڌماڪي وقت اي اين پي سنڌ جنرل سيڪريٽري بشير جان اليڪشن آفيس ڀرسان جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ پهتو ته سندس گاڏي کان 10 گز پري ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب 11 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. زخمين کي لياقت نيشنل اسپتال ۽ ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف اي اين پي اڄ پر امن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دهشت گرد چونڊو ملتوي ڪرائڻ لاءِ حملا ڪري رهيا آهن. اي اين پي سربراهه اسفنديارولي جو چوڻ هو ته سڄي قوم کي دهشت گردي خلاف متحد ٿيڻو پوندو نه ته اڄ اسان وارو آهي ۽ سڀاڻي ڪنهن ٻئي جو وارو ايندو. اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد جو چوڻ هو ته عوام پر امن سوڳ ملهائي پر پنهنجو ڪاروبار بند نه ڪري. هن چيو ته اي اين پي قيادت کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پر اسان هر صورت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، پ پ سنڌ جي سربراهه قائم علي شاهه، فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر صدرالدين شاهه، امتياز شيخ ۽ ٻين سياسي اڳواڻن بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي چونڊ آفيس ويجهو ٿيل بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي مومن آباد ۾ چونڊ آفيس تي ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اهڙين ڪاررواين سان سياسي قيادت کي ڊيڄاري نه ٿا سگهن. وزيراعظم جسٽس (ر) مير هزار خان کوسو ڪراچي ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي چونڊ آفيس تي ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي سياسي اڳواڻن ۽ اميدوارن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو