غزل : طارق عالم ابڙو___________ پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائيناوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين ، ڪِناري بيٺا هُئاسين ڪُڏيون پئي لهرونپکي هوا ۾ اُڏاڻا پري پري تائين ، سفر ۾ ڪالهه هئا ، ۽ سفر ۾ اڄ آهننه جِن جا ٿاڪ ٺِڪاڻا پري پري تائين ، وڳو گهڙيال ۾ هڪ هو جو سانت ڪمري ۾اوهان جا ٽهڪ اُڏاڻا پري پري تائين ، ڇڏڻ لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسيناوهان جا سڏ ٻُراڻا پري پري تائين ، پسن ٿا نيڻ نِماڻا پري پري تائيناوهان جا رنگ او! راڻا پري پري تائين نثارابڙو نثارناز عاشق سولنگي مست عبدالوهاب ڦلپوٽو فقير رياض حسين گلال حاڪم علي ڪنڀر وفا گل محمد جمالي
ڪِناري بيٺا هُئاسين ڪُڏيون پئي لهرونپکي هوا ۾ اُڏاڻا پري پري تائين مهربانيون منصور ۔۔۔۔ سچ پڇو ته اوهان طارق عالم جو شاهڪار غزل شيئر ڪري سندس ياد ڏياري ڇڏي۔۔۔۔
جهڙو غزل تهڙي پيشڪش ۔۔۔، منظر نگاري ۽ حسناڪيون، زندگي جا رنگ ۽ احساس سمويل هن غزل جا دل کي ڌڙڪايو ڇڏين ٿا ۔۔۔ لک قرب سهڻو ونڊ ۔۔۔ بهترين چونڊ جڙيا رهو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت