گيت لکبا رهيا حجابن تي، ماڪ روئندي رهي گلابن تي، ويو وطن وَر چڙهي لٽيرن جي، پر ڪيئي خوش هئا خطابن تي، ڪا به سرحد نه پيار روڪيندي، ڪو به زنجير پيو نه خوابن تي، ايترو اوج هو جهالت جو، ڌوڙ وسندي رهي ڪتابن تي، جي بغاوت ئي تنهنجو مذهب آ، پوءِ افسوس ڇو عتابن تي۔