سيتا روڊ شهر ۾ اسان جي هڪ ننڍڙي ڪاوش هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي بچا لا مفت طبي ڪيئمپ

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ suleman soomro طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2013۔

  1. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    سيتا روڊ رپورٽر سليمان سومرو
    تاريخ13_04_27
    سيتا روڊ ۾ نجي اين جي او آءِ آر ڊي ايس پاران مفت ڪيئمپ قائم ڪئي وئي ، هيپاٽائيٽس بي سي کان بچاءَ جي ڪيئمپ ۾ نو سو ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي ، ڪيئمپ ۾ پنج سو ماڻهن کي مرض ظاهر جن مان ستر کي بي پازيٽو ظاهر ٿي ، پاڻي ۾ سينکيو جي ڪري سيتا ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ روز بروز اضافو ٿئي پيو گل محمد عباسي تفصيل موجب سيتا روڊ ۽ آس پاس ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مرض کي وڌندي ڏسي سيتاروڊ جي هڪ نجي اين جي او انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران وزير اعليٰ جي خصوصي پروگرام جي خاص تعاون سان ميمڻ محلا اسڪول ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي روڪٿام لاء هڪ روزه مفت طبي ڪرئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سيتا سميت پسگردائي جي سوين مردن توڙي عورتن پهچي ٽيسٽون ڪرائي ويڪسين ڪرائي ڪيئمپ ۾ ڪل نو سو ماڻهن کي ڏٺو ويو جن مان پنج سو ماڻهن کي مرض ظاهر ٿيو جن مان ستر ڄڻن کي بي پازيٽو ظاهر ٿيو ان کان علاوه اسڪول جي ٻه سو ٻارڙن کي پڻ بچاءَ جون ويڪسين لڳايون ويون مرض ۾ ايترو اضافو ڏسي شهرين ۽ انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جي ورڪرن حڪومت سنڌ ۽ ٻين ڊونر ادارن کي اپيل ڪندي چيو ته سيتا روڊ ۽ ان جي آس پاس ۾ پاڻي ۾ سينکيو جو مقدار وڌيڪ هجڻ ڪري علائقي ۾ هي موذي مرض وڌندو رهي ٿو جنهن جي روڪڻ لاءِ سيتا توڙي پسگردائي ۾ صاف پاڻي لاءِ فلٽر پلانٽ لڳائي ڏنا وڃن ته جيئن بچاءُ ممڪن ٿي سگھي ڪيئمپ ۾ ڊاڪٽر اعجاز ملاح ، شوڪت چهواڻ ، سليمان سومرو ، رضوان سومرو ، سڪندر پنهور ، سليم ساند ۽ سگا اڳواڻ امتياز ميمڻ سڄو ڏينهن علائقي واسين جي خدمت ڪندي گذاريو...........................
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تمام بهترين ڪم۔۔۔ انڊس رورل ڊيولپمينٽ سوسائٽي جو هي ڪم پڻ انتهائي ساراهه جوڳيو آهي۔۔
    اڳ جي سروي مطابق سيتاروڊ شهر ۾ هر 5 ماڻهون گهڻو نه ته ٿورو ئي سهي پر هن بيماري کان متاثر آهي۔۔۔
    اميد ته جيسين حڪومت ڪجهه۔۔۔ ڪري جاڳرتا مهم جاري رکندا۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها ننڍڙي ڪاوش ناهي پر وڏو ڪم آهي۔ انسانيت جي خدمت ئي سڀ ڪجهه آهي۔ اميد ته اوهان جو اهوجذبو سدا جوان رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو