ايندڙ پنجن سالن ۾ ڪينجهر ڍنڍ ختم ٿي ويندي؟

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ايندڙ پنجن سالن ۾ ڪينجهر ڍنڍ ختم ٿي ويندي؟
    2574 اٽيچمينٽ ڏسو 2575 اٽيچمينٽ ڏسو 2576 اٽيچمينٽ ڏسو 2577 اٽيچمينٽ ڏسو
    انسان کي ڌرتيءَ تي موڪلڻ کان پهرين ڪائنات جي حقيقي مصور جڏهن ڌرتيءَ کي ساهه وارن جي رهائش لاءِ هڪ خوبصورت ۽ پرآسائش گرهه پئي ٺاهيو ته ان تي خوبصورت ڍنڍن جو هڪ نظام به ٺاهيو، جيڪي انسان ۽ ٻين ساهه وارن جي ضرورت کان سواءِ قدرت واري جو انمول تحفو به آهن. ڍنڍون مٺي پاڻيءَ جون هجن يا کاري پاڻيءَ جون، پر اهي پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل حياتياتي، ماحولياتي نظام آهن، پر حضرت انسان جي منفي سرگرمين دنيا جي ڪيترن ئي ڍنڍن جي ماحولياتي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙين ڍنڍن مان ٺٽي ضلعي ۾ موجود ڍنڍ نوير ۽ ڄام تماچيءَ جي پيار جي ساکي ڪينجهر به هڪ آهي، جيڪا ڪجهه سال اڳ دنيا ۾ نيري پاڻيءَ جي خوبصورت ترين ڍنڍ سمجهي ويندي هئي، بدقسمتيءَ سان هن وقت سخت ماحولياتي مسئلن جي ور چڙهيل آهي.
    ڪجهه وقت اڳ ماحوليات تي ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم ”گرين انوائرمينٽ“ هڪ سروي ڪرائي هئي، ته توهان کي جيڪڏهن ٻيهر زندگي ملي ته توهان ڪٿي پيدا ٿيڻ پسند ڪندو ته ماڻهن جي اڪثريت اهڙن هنڌن تي ٻيهر رهڻ پسند ڪيو، جتي مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا، خاص ڪري خوبصورت ڍنڍون آهن، پر اهي سڀ اهڙن علائقن جا رهواسي هئا، جتي خوبصورت واديون، سائي چادر اوڍيل جبلن جون قطارون ۽ ڍنڍون موجود آهن، اهڙيون ڍنڍون جيڪي ڪنهن به گدلاڻ جو شڪار ناهن، نه ئي انهن ۾ گٽرن، اسپتالن، مال جي واڙن، زرعي زمينن جو خارج ڪيل پاڻي يا فيڪٽرين جو بنا ٽريٽمينٽ ٿيل مادو پوي ٿو، ان ڪري اهڙين ڍنڍن جي ڪناري هر قسم جي زندگي روان دوان آهي، کوڙ ساري مڇي، اڏامندڙ پکي ۽ خوبصورت انساني آباديون، ڇا اسان اهي سڀ خوبيون سنڌ جي ڍنڍن، خاص ڪري ڪينجهر لاءِ ڳڻائي سگهون ٿا؟ جواب ٿيندو قطعي نه...
    پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ جي ستر سيڪڙو آبادي ۽ ٺٽي ضلعي جي ساڄي هٿ واري آباديءَ کي پيئڻ توڙي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ڪندڙ، سنڌ جي مشهور لوڪ داستان ”نوري ڄام تماچي“ ۽ شاهه لطيف جي ”سُر ڪاموٽ“ جي حوالي سان مُلڪان ملڪ مشهور ڍنڍ ڪينجهر ڪراچيءَ کان 120 ڪلوميٽر اُتر-اوڀر، حيدرآباد کان 85 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي شهر کان 20 ڪلوميٽر اُتر-اولهه جهمپير ريلوي اسٽيشن کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر نيشنل هاءِ وي ضلعي ٺٽي ۾ موجود آهي، هن ڍنڍ جي ڊيگهه 32 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 6 ڪلوميٽر آهي، ان حساب سان هيءَ ڍنڍ 192 همچورس ڪلوميٽرن جو تاڃي پيٽو رکي ٿي، هن آب گاهه کي 1932ع ۾ ڍنڍ جو درجو ڏنو ويو، هن ڍنڍ کي پاڻي سنڌو درياءَ مان ڪوٽڙي بئراج وٽان نڪرندڙ دائمي واهه، ڪلري بگهاڙ واهه (ڪي بي فيڊر) ذريعي منتقل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته برسات جي موسم ۾ اولهه کان نئين لوياچ ۽ اتر اولهه کان نئين سوڙهه به برساتي پاڻي سڄي ڪوهستان مان کڻي اچي ڪينجهر ۾ وجهن ٿيون، هيءَ ڍنڍ پيئڻ جي پاڻيءَ کان سواءِ هزارين ملاحن جي گذر سفر جو ذريعو به آهي، جن جو گذر ڍنڍ مان مرندڙ مڇيءَ مان ٿئي ٿو، ان سان گڏوگڏ ڪينجهر ڍنڍ سياري جي موسم ۾ سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن مان ايندڙ پکين جو مَسڪن پڻ آهي، جيڪي هتي اچي آنا ڏين ٿا ۽ انهن مان ٻچا پيدا ڪري ڪينجه جي فضائن ۾ ٻچن کي اڏارڻ سيکاري ولرن جي صورت ۾ پنهنجي ملڪن ڏانهن وٺي وڃن ٿا، يعني هيءَ ڍنڍ انهن پکين جي افزائش ۽ نرسريءَ جو اهم هنڌ آهي، ماهرن جي تحقيق مطابق هن ڍنڍ تي مختلف ٿڌن ملڪن کان هر سال پکين جا تقريبن 65 قسم اچن ٿا، جن مان هڪ قسم سائيبيرين ڪونج جو به آهي، جنهن جي نسل جي ختم ٿي وڃڻ جو انديشو آهي.
    جيئن ته هيءَ ڍنڍ پيئڻ جي پاڻيءَ کان سواءِ، زراعت، ماهيگيري، ٻاهران ايندڙ پکين ۽ مختلف جانورن جو مَسڪن (Habitat) هئڻ سميت مختلف رُخن کان انتهائي اهميت واري آهي، ان ڪري هن ڍنڍ مان فائدو وٺڻ، مختلف رُخن کان ڍنڍ کي استعمال ڪرڻ، مڇي مارڻ، ڍنڍ مان مختلف قسم جون ٻوٽيون ڪڍڻ، غير ضروري پاڻي وٺن يا رهائش اختيار ڪرڻ ۽ غير قانوني شڪار ڪرڻ، خاص ڪري ناياب جنسن کي نقصان وغيره پهچائڻ کان بچائڻ لاءِ مختلف قومي ۽ بين الاقوامي قانون لاڳو ڪيا ويا آهن. 1971ع ۾ پاڪستان ”وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس“ جي شق نمبر 15 تحت ”محفوظ گيم سينڪچري“ جو درجو ڏنو ويو، ان ئي آرڊيننس جي توثيق ڪندي 1977ع ڌاري ”سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس“ تحت هن ڍنڍ کي ”وائلڊ لائيف سينڪچري“ جو درجو ڏنو ويو، ان کان هڪ سال اڳ يعني 1976ع ڌاري هن ڍنڍ کي عالمي مڃتا ڏيندي، عالمي معاهدي ”رامسر ڪنوينشن“ تحت ”رامسر سائيٽ“ جو درجو ڏنو ويو، واضح رهي ته رامسر سائيٽ اهڙين آبگاهن، پاڻيءَ جي ذخيرن، پارڪن ۽ علائقن کي قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ هيٺيون خاصيتون هجن:
    الف: اهڙو پاڻي جو ذخيرو، پارڪ يا هنڌ جيڪو ڪنهن خاص جاگرافيائي خطي جي ناياب جانورن، ٻوٽن ۽ پکين جو مسڪن هجي.
    ب: اهڙو پاڻي جو ذخيرو جتي پکين، مڇين يا ٻين جانورن جي افزائش يا ٻچا/آنا ڏيڻ لاءِ مناسب حياتياتي ماحول مهيا ٿيندو هجي.
    ت: اهڙو پاڻيءَ جو ذخيرو، پارڪ يا هنڌ جتي ٻوٽن جي ڪا اهڙي جنس ٿيندي هجي، جيڪا ان خطي جي ڪنهن خاص قسم جي حياتيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ اهم هجي.
    ث: اهڙو پاڻيءَ جو ذخيرو جتي سڄو حياتياتي ماحولياتي نظام موجود هجي.
    هن ڪنوينشن مطابق سڄي دنيا ۾ موجود آبگاهن جي هڪ لسٽ ترتيب ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مٿيون خاصيتون هجن ته جيئن اهڙين آبگاهن جي حفاظت ۽ اهميت لاءِ ترجيحي بنيادن تي منصوبا ٺاهيا وڃن. هن ڪنوينشن (جيڪو ايران جي شهر رامسر ۾ ٿيو هو، جنهن جي نالي جي پويان هن کي رامسر ڪنوينشن جو نالو ڏنو ويو) ۾ 138 ملڪن جا نم ائندا شريڪ ٿيا هئا، پاڪستان به هن ڪنوينشن ۾ آبگاهن جي حفاظت جي لاءِ لاڳو ڪيل مول متن تي نه صرف صحيح ڪئي پ ان تي Rectifyبه ڪيو، پهرين ويهڪ ۾ پاڪستان جي اٺن آبگاهن کي رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو، جن ۾ ڪينجهر ڍنڍ پهرين نمبر تي هئي، واضح رهي ته هن وقت سڄي دنيا جون هزارين ڍنڍون ۽ ٻيون ماحولياتي سائيٽون ”رامسر سائيٽس“ جي حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن، پر اهميت جي لحاظ کان رينڪنگ ۾ ڪينجهر ڍنڍ جو شمار شروعاتي سئو رامسر سائيٽس ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جيڪا اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ، ڊيلٽا جي تباهي، ٻيلن جي واڌ ۽ جهنگلي جيوت جي تباهيءَ سميت ڪيترن ئي ماحولياتي مسئلن ۾ گهيريل آهي، ان جي عالمي حيثيت رکندڙ هيءَ ڍنڍ ڪينجهر سنگين گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪي آهي، جنهن جو سبب هونئن ته پاڻيءَ جي کوٽ، غير قانوني شڪار، آسٽريلين بيپاڙي ول، ٻيجاري جي چوري وغيره به آهن، پر ان جو اهم سبب اهو صنعتي گند ڪچرو ۽ ڪيميائي مادو آهي، جيڪو ڪوٽڙي جي صنعتي علائقن، مال جي وٿاڻن توڙي فارمن مان خارج ڪري ڪينجهر ڍنڍ کي پاڻي مهيا ڪندڙ واهه، ڪلري بگهاڙ واهه (ڪي بي فيڊر) ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، برساتن ۾ نوري آباد صنعتي علائقي جو گندو مادو به موسمي ندي لوياچ ذريعي ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو رهي ٿو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هڪ طرف مڇيءَ جي پيداوار گهٽجي وئي آهي ته ٻئي طرف انساني صحت تي به انتهائي هاڃيڪار اثر پيا آهن، جن ۾ پيٽ جون بيماريون، چمڙيءَ جون بيماريون، ٽي-بي، هيپاٽائٽس اچي وڃن ٿيون، ماهرن جي چوڻ مطابق ته انساني گند ڪچري، نالين جي گندگي ۽ مال جي واڙن مان ايندڙ گوبر وارو ڪِن ڪچرو ماڻهن سان گڏوگڏ آبي حيات خاص ڪري مڇين لاءِ تمام خطرناڪ آهي، جيڪو جيڪڏهن انساني جسم يا مڇين جي پيٽ ۾ داخل ٿي وڃي ته ڪينسر جو سبب بڻجي ٿو، ڪجهه سال اڳ ڪينجهر ڍنڍ ۾ اوچتو وڏي تعداد ۾ جيڪي مڇيون مئل لڌيون ويون انهن جي جسم تي ڌَڪن جا نشان ۽ ڦلوڪڻا ڏٺا ويا، اسان وٽ ته هميشه جيان لاپرواهي ڪندي اهڙن حادثن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويندو آهي يا ان جا پيرا نه کنيا ويندا آهن ته آخر ٿيو ڇو، پر ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ آمريڪا جي به هڪ ڍنڍ ۾ مڇين ۾ اها ساڳي بيماري ڏٺي وئي ته انهن هنگامي بنيادن تي ماهرن جي هڪ ٽيم ويهاري، جن ٽن ڏينهن اندر ان بيامري جو سبب ڳولي ورتو، تحقيقي رپورٽ مطابق مڇين ۾ ان قسم جي ڪينسر جو سبب هڪ جراثيم فيسٽريا پسيسڊا هو، جيڪو انسان جو به تنتي سرشتو تباهه ڪريو ڇڏي، هن جراثيم جي جڏهن پيدا ٿيڻ جا سبب ڳوليا ويا ته خبر پئي ته اهو جراثيم انساني ۽ حيواني گند ڪچري (ڪرفتي ۽ گويز) جي ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ سان پيدا ٿئي ٿو، ماهرن جي چوڻ مطابق ته هن جراثيم لڳڻ سان پهرين مڇين جي جسم تي ڦلوڪڻا نڪرن ٿا، پوءِ اهي ڦلوڪڻا ڦِسيو زخم ٿيو پون ۽ مڇين مٿان ڇلر لهڻ لڳندا آهن، نيٺ مريو وڃن، مرڻ کان پوءِ به هي جراثيم مڇين جي گوشت کي کائيندو رهي ٿو، ان ڪري آمريڪا ۾ هن جراثيم کي سڏين ئي دوزخي جراثيم، ڪينجه ڍنڍ جي مڇيءَ ۾ به ڪافي دفعا اهي علامتون ڏٺيون ويون آهن، پر هن طرف ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، ان حيواني ۽ انساني مادي کان سواءِ نوري آباد، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري سميت ڪافي علائقن ۾ موجود فيڪٽرين، ملن ۽ آبادين جو خارج ٿيندڙ زهريلين گئس وارا ڪيميائي مادا ۽ زرعي زمينن مان نيڪال ڪيل زهريلن ڀاڻن ۽ Pesticides وارو مادو به ڪينجهر ڍنڍ ۾ داخل ٿيندو رهي ٿو، جن ۾ نائٽريٽ، ڪاربان، ميٿين، ڪلورين، سينٿيٽڪ ايسٽروجينڪ ڪيميڪل ۽ ٻيون گيسون هجن ٿيون، جن جي ڪينجهر ۾ داخل ٿيڻ سان پاڻيءَ جي ڪيمسٽري، خاص ڪري آڪسيجن جو گهربل مقدار تبديل ٿي رهيو آهي، جيڪو انسانن ۾ مختلف بيمارين کان سواءِ آبي جانورن جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪلورين گيس ايبنارمل ٻارن جي پيدائش ۽ ڪينسر جو سبب بڻجي رهي آهي، ڪلورين گيس سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو گهڻي ڀاڱي شڪار عورتون ٿين ٿيون، نائٽريٽ مليل پاڻي پيئڻ سان انسان جي گردن تي انتهائي هاڃيڪار اثر پون ٿا، هيءَ گيس ٻارن ۾ هڪ خاص قسم جي بيماري بليو بي بي سينڊ روم جو سبب بڻجي ٿي، جيڪا ٻارن لاءِ موت ثابت ٿئي ٿي، هيءَ جيڪڏهن ڪنهن عورت جي جسم ۾ شامل ٿي وڃي ته ان کي اولاد جهڙي نعمت کان محروم ڪريو سُنڍ بڻايو ڇڏي، اها صورتحال ڪينجهر ۾ موجود مڇين ۾ به ڏٺي وئي آهي ته بجاءِ پاڻي ۾ ٻيجارو تيرڻ جي، اهو مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي مري وڃي ٿو، هن وقت هتان مرندڙ اسي سيڪڙو مڇين جي پيٽ ۾ اهڙي قسم جو مئل ٻيجارو ملي رهيو آهي، هن ڍنڍ ۾ پوندڙ زرعي ڪِن ڪچرو ٻٽو نقصان پهچائي رهيو آهي، زرعي مادو هڪ طرف مڇي ۽ ٻي آبي مخلوق جي موت جو سبب بڻجي رهيو آهي، ته ٻئي طرف ڍنڍ ۾ موجود غير ضروري وڻن ۽ گاهن کي طاقت ڏئي رهيو آهي، ڪينجهر کي اهڙن ڪيترن ئي غير ضروري گاهن پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو، ماهرن جي چوڻ مطابق ته ان گاهه جي ڪري سج جا ڪرڻا هيٺ تائين نٿا پهچن، جنهن جي ڪري اهي گاهه ۽ ٻوٽيون جيڪي آبي جيوت کائي ٿي اهي اُسري ۽ نِسري نٿيون سگهن.
    اتزو گڏيل قومن جي ماحولياتي اداري ”ڪلين واٽر ايڪٽ“ تحت هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين 40 سيڪڙو مٺي پاڻي جون ڍنڍون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ جنهن نموني پاڻيءَ کي آلوده ڪري ان جي ڪيمسٽري تبديل ڪئي پئي وڃي، انهن مان اهو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ناهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڌيڪ 20 سيڪڙو ڍنڍون بلڪل ختم ٿي وينديون، اهڙين ڍنڍن ۾ هيءَ بدنصيب ڍنڍ ڪينجهر به شامل آهي.
     
    جو يو امين، Lutif Jokhio، شعيب محمد ۽ 6 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين هڪ ا
     
  3. جاويد بوزدار

    جاويد بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين رپورٽ جنهن سان اسان سڀني جون اکيون کلي وڃڻ گهرجن ۽ انهن پنجن سالن جو انتظار ڪرڻ بدران اسان کي هينئر ئي ڪجهه ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته هٿ مليندا رهجي وينداسين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار هن رپورٽ تي وس وارا يا اسان جا دانشور ڇو خاموش آهن ؟
     
  5. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا اسان جا حڪمران اسان جي پياري سنڌ جي لا بلڪل به نٿا سوچين۔ ۽ اسان هر ڏينهن تنزلي جي ويجهو وڃي رهيا آهيون۔
     
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    الله نه ڪندو جو ڪڏهن ڪينجهر ختم ٿي وڃي، شل سنڌ آباد هجي شل سنڌ جا ماڳ آباد هجن۔۔آمين
     
  7. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تمام بهترين ليک آهي ۽ ڄاڻ جو خزانو آهي الله سائين اسان کي سمجھ عطا ڪري نه ته اسان جي هيء خوبصورت ڍنڍ به تباه ٿي ويندي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو