نواز ليگ جي آڙ ۾سنڌي وار!! ڪجهه وقت اڳ هڪڙي ٽي وي ٽاڪ شو ۾ سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي سنڌ ۾ متبادل قيادت جي حوالي سان هلندڙ بحث دوران چيو هو ته جيڪڏهن نواز شريف سنڌ ۾ اچي ته هو کيس جلسا ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ميان نواز شريف به جيڪڏهن چاهي ها ته پ پ جي حڪمراني واري وقت دوران سنڌ ۾ جلسا ڪري ۽ پارٽي کي منظم ڪري پئي سگهيو پر اهو وقت هن کان هٿن مان نڪري ويو. تازو هڪ مقامي اردو اخبار ”وچ ڊاڪٽر“ جي عنوان سان هڪ مضمون ڇپيو آهي، جنهن ۾ميان نواز شريف جي نواز ليگ جي حوالي سان شهري ۽ ديهي سنڌ جو ذڪر ڪندي، سنڌي عوام ۽ سنڌي قومپرستن ۽ سنڌي قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، سندس ٻوليءَ مان هن جي شاطراڻي ۽ سندس اڪابراڻي ذهني ڪيفيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. مضمون ۾ هڪ ئي وقت هڪڙي ئي تير سان ڪيترائي شڪار ڪيا ويا آهن. سڀني کان وڌيڪ تڪليف کيس نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻ غوث علي شاهه کان آهي. سندس بقول ته سنڌ ۾ مسلم ليگ ن جي سرگرم نه ٿي سگهڻ جو واحد سبب غوث علي شاهه آهي ۽ هو ميان نواز شريف کي ابتيون صلاحون ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري سنڌ ۾ نواز ليگ منظم نه ٿي سگهي آهي. ٻين لفظن ۾ هو اهو چئي رهيو آهي ”نواز ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف صفاڪو بي خبر قسم جو ماڻهو آهي جو کيس سنڌ جي سياست جي ڪا خبر نه آهي ۽ هو سنڌ ۾ تقرير ڪرڻ وقت هر لفظ غوث علي شاهه کان پڇي پوءِ ڳالهائي ٿو!!“ هن اڪابر کي شايد اها خبر آهي يا نه، ته پ پ ۽ مسلم ليگ وفاق پرست ۽ وچولي طبقي جون سرگرم ۽ اقتدار جي سياست ڪندڙ وڏيون پارٽيون آهن، اهي انقلابي پارٽيون نه آهن جو هنن جي تنظيم ڪلاسيڪل وضاحت جي بنياد تي اهڙي منظم هجي، اهو درست آهي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي اها تنظيم ڪاري نه ٿي سگهي آهي پر ان جا ڪيترائي سبب آهن، مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي قيادت ڪڏهن سنڌ تي مجموعي طور تي ايترو ڌيان ڏنو ئي نه آهي، جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) جي ماضي ۾ سنڌ جي تنظيم ڪاري جي لحاظ کان بحث ڪبو ته گهڻائي معاملا سامهون رکڻا پوندا. هر وڏي پارٽي وانگر جڏهن مسلم ليگ (ن) پنهنجي تجرباتي ۽ عبوري مرحلي مان هڪ وڏي پارٽي طور اڀري سامهون آئي تڏهن هر ابن الوقت ماڻهو ان ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ اڳتي وڌيو ۽ سنڌ ۾ ان عمل ۾ وڏيرا ۽ هر اڀرندڙ سج جا سلامي، به پوئتي نه هئا پر جڏهن جنرل مشرف هڪ چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت کي ڊاهي ۽ اقتدار تي قبضو ڪيو هو تڏهن شهري آبادي ۾ موجود مسلم ليگ (ن) به ڪا وڏي مزاحمت نه ڪئي هئي، سردار رحيم، عرفان الله مروت، سليم ضيا، ڪيپٽن حليم صديقي، عليم عادل شيخ، وغيره گم ٿي ويا هئا. ”هاءِ جيڪنگ سازش ڪيس“ دوران گهڻن جي وزن جي خبر پئجي وئي هئي.ظاهر آهي ته جيڪي اسٽيبلشمينٽ جا ماڻهو هئا، انهن کي ”تجديد عهد وفا“ کانپوءِ ٻاهر آڻي وري ساڳيو ڪم ڏنو ويو هو. هاڻي پڻ ”ق“ ليگ ۾ موجود ماڻهن جو وڏو انگ نواز ليگ کان ڇني ڌار ڪيل سياسي اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن تي ٻڌل آهي. انڪري اها ته ڪنهن به طرح سان حيرت جي ڳالهه نه آهي. خود مسلم ليگ (ن) به پنهنجي جوهر ۾ جنرل مشرف جي چونڊيل حڪومت ڊاهڻ واري عمل کانپوءِ آمريڪا مخالف ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف بڻي، ڇو ته ميان نواز شريف کي به پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ”ڀاري مينڊيٽ“ ڪيڏو ڀاري ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪاوڙ صرف ان ڳالهه تي آهي ته ان سموري صورتحال هوندي سيد غوث علي شاهه ميان نواز شريف کي ڇڏي ڇو نه ويو؟ ته پڻ غوث علي شاهه جو اهو عمل مسلم ليگ (ن) سان وفاداري واري زمري ۾ اچي ٿو ۽ ان کي نندڻ بجاءِ ان کي ساراهڻ گهرجي. جيڪڏهن پ پ سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ غلبو رکي ٿي ۽ سنڌ جي شهري علائقن تي ايم ڪيو ايم جو غلبو آهي ۽ مسلم ليگ ن جي قيادت کي سنڌ جي شهري علائقن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان لاءِ مرڪزي قيادت کي ڪنهن روڪيو نه هو، حيرت جي ڳالهه هي آهي ته سنڌ ۾ شهري علائقن ۾ آباد ”سيٽلرن“ به ڪيترين ئي مرحلن تي ميان نواز شريف کي ”سيٽلرن“ کي اڳتي آڻڻ جي تجويز ڏني ۽ اهڙا بحث پڻ مسلم ليگ (ن) سنڌ م شروع ڪرايا، بلڪه اهڙن ئي ”مها دانشورن“ جي چوڻ تي مسلم ليگ (ن) جي قيادت مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاهه کي ڪيترن ئي مرحلن تي روڪي ڇڏيو: سنڌ ۾ ڪجهه پارٽي گهڻگهرن جو خيال آهي ”سيٽلرن“ جوئي نسل اعليٰ آهي ۽ هو ئي عقل ڪل آهن. سياسي ميدان ڪنهن جي به جاگير نه آهي، جيڪي عوام جا حقيقي مسئلا حل ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ ان لاءِ عملي طور تي منظم جدوجهد ڪرڻ چاهين ٿا عوام انهن کي ڀرپور موٽ ڏئي ٿو، پوءِ اهو ڪير به هجي، ان کي هرحال ۾ تسليم ڪرڻو پوي ٿو. رڳو افسانوي ڳالهين سان جيڪڏهن پارٽيون منظم ٿي وڃن ها يا ماڻهو اقتدار حاصل ڪري سگهن ها ته پوءِ هن وقت مسٽر سونامي کي وزيراعظم ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري کي اقتدار جو ڌڻي هئڻ کپي ها. سنڌين کي پ پ کان شڪايت آهي، هن ڀيري پيپلز پارٽي عوام جي اهنجن ۽ ڏکن تي پها نه رکيا آهن، ڇا ڪو سوچي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ ٻٽي بلدياتي نظام خلاف شروع ٿيندڙ بغاوت اهڙو رخ اختيار ڪندي جو حڪومت کي 48 ڪلاڪن اندر ان تان هٿ کڻڻو پوندو. ”سو سنڌي حال مست ۽ کال مست“ هوندا پر ڇريا کريا هوندي سڀ سمجهن ٿا، ڪير ڪهڙي مشن تي آهي، ڪهڙي ڳالهه ڪنهن کان چورائي وڃي ٿي ۽ ان مان هو ڪهڙا نتيجا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اها ڳالهه لڪيل نه آهي. جيڪي پ پ ۽ متحده کان بيزار آهن ۽ پنهنجي گهرن ۾ لڪي ويٺا آهن، تن کي ڪابه طاقت ٻاهر نه ڪڍي سگهندي ان لاءِ کين ٿورڙي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو ”همت بنده مدد خدا ۽ بي همت بند، بيزار خدا“وانگر جيڪڏهن ڪو همت ئي نه ڪندو ته ان جي مدد لاءِ ڪوبه نه ايندو. مضمون ۾ سنڌ جي سياست جي حوالي سان ڪيل تجزئي ۾ قومپرستن کي”چونڊجي“ نه سگهڻ وارو طعنو ڏئي سندن جدوجهد ۽ عملي ڪم کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اوهان تي ”افسانوي“ تجزئي ڪرڻ ۽ عوام کي گمراهه ڪرڻ جو ڪم رکيو آهي ته اوهان ايمانداري سان اهو ڪندا رهو. ڪنهن جي به ”عقل“ سان ريس نه ڪرڻ گهرجي، خواش ته ڪنهن جي به ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي ۽ ان لاءِ انگريزي ۾ هڪڙي مشهور چوڻي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”جيڪڏهن خواهشون گهوڙا هجن ها ته پينو فقير به ان تي سواري ڪن ها“