مذهبي انتهاپسندي ۽ ملڪي ادارن جي سنجيدگي جيتوڻيڪ اڃا ان سوال تي بحث هلندڙ آهي ته القاعده مسلمانن جي حامي ۽ مسلمانن کي عالمي سامراج جي پنجوڙ مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم هئي يا خود عالمي سامراج جي سرواڻ ۽ دنيا کي دوزخ جي باهه ۾ ڌڪيندڙ يهودين جي سڳي ڌاڳي ۾ هلندڙ آمريڪا بهادر جي اسپانسر ڪيل تنظيم هئي. اڃا اهو به طئي نه ٿي سگهيو آهي ته اسامه بن لادن مسلمانن جو حقيقي نمائندو هو يا ستن پردن ۾ ويڙهيل آمريڪي سازشن جو ساٿاري هو. اڃا 11/9 واري ڳجهارت به ڪو پڃي/صحيح ڪري نه سگهيو آهي، ايڪهين صديءَ جي هن وڏي واقعي ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن کي ڌوڏي ڇڏيو، نوان بحث ۽ نوان گس، پيچرا ۽ واٽون ڏنيون، نيون مهم جوئيون ٿيون ۽ اهو سلسلو اڃا هلندڙ آهي. ان مان ڪنهن کي فائدو ٿيو ۽ ڪير نقصان ۾ ويو، ان جو به ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. اهي سمورا موضوع اڃا ڪنهن هڪ طرف نه ٿي سگهيا آهن. پر ان سموري ڊرامي جي آڙ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو يا جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي؛ سازشن جي سِٽ ۾ ڪير ڪير ڪم آيو آهي، ڪنهن جي چالاڪي مان سامراج ڪيترو فائدو ورتو آهي ۽ ڪنهن الله لوڪ سادي سٻاجهي جي سادگيءَ کي ڪيئن استعمال ڪيو ويو آهي اهو بحث به اڃا هلي رهيو آهي. 11/9 بعد آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ نئين صف بندي ڪئي آهي؛ اها صف بندي ته ”نئين عالمي نظام“ واري اصطلاح عام ٿيڻ سان ئي شروع ٿي وئي هئي پر هاڻي ان جا خوفناڪ ۽ خطرناڪ اثر وڌيڪ واضح نموني سامهون اچي رهيا آهن، عالمي سازشن جي اهڙي اڻيل ڄار ۾ اسان ٽين دنيا جا ماڻهو نه چاهيندي به اچي ويا آهيون. جنهن جا شايد وڌيڪ خطرناڪ نتيجا به اسان ئي ڀوڳي رهيا آهيون. نائين اليون وارو واقعو ڇا ٿيو، اسان جهڙن معاشرن ۾ اهو فڪر ۽ اها درجه بندي، ورهاست ۽ ورڇ ويتر وڌي وئي، هندو لازمي طور مسلمانن جو دشمن ٿي پيو، مسلمانن اندر فڪري ۽ سوچ جي لحاظ کان تڪرار ۽ويڇا وڌي ويا، ڪو جيڪڏهن هڪ فرقي سان تعلق رکي ٿو ته ان کي ٻئي فرقي وارا مارڻ ڄڻ سڌو جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ حاصل ڪيل سنَدَ سمجهن ٿا. هاڻي ڏيڍ سر جي مسجد واري ڳالهه گهڻي پراڻي ٿي وئي آهي؛ الله جي رسي کي مضبوطي سان جهليندڙ هڪڙي ئي الله ۽ هڪڙي ئي قرآن کي مڃيندڙ به هڪ ٻئي جي رت وهائڻ ۾ دير نه پيا ڪن. ڪو ڪهڙي به فرقي، مذهب، قوم ۽ نسل سان تعلق رکندڙ هجي. پر هاڻي هوءَ انتهاپسند، علم ۽ عقل کان وانجهيل همراهه جي نشاني کان آجو نٿو ٿي سگهي. ورهين کان وٺي، يهودي ۽ عالمي سامراج جا ڪارندا هتي ورهايو ۽ حڪومت ڪريو واري فڪر جو جيڪو ٻج ڇٽيندا رهيا آهن. هاڻي ان جو فصل لڻڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اهڙي وايو منڊل ۾ غيرن کي بهترين موقعو ملي رهيو آهي ته هو اسان مٿان حڪمراني ڪن، جيڪو هاڻي ٿي رهيو آهي ۽ شايد اهڙي صورتحال جا وڌيڪ هانوءَ ڏاريندڙ نتيجا اڃا سامهون اچڻا آهن. ورهاڱي وقت هٿ ٺوڪيو جوڙيل ٻه قومي نظريو ته ڪڏهوڪو دفن ٿي ويو آهي؛ اسلامي رياست جي نالي تي ٽولا پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، قومي سوچ ۽ قومپرست تحريڪون پڻ انتهاپسندي جي لهر ۾ دٻجي ويون آهن. هندو-مسلمان لازمي طور تي هڪ ٻئي جا دشمنن هئڻ واري خيال کانپوءِ هاڻي مومن ۽ مسلمان به لازمي طور تي هڪ ٻئي جا دشمن ٿي ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن انسان کي صرف هن جي ٻولي ٻي هئڻ، مذهب ٻئي هئڻ، ٻئي فرقي سان تعلق هئڻ ۽ ٻي سياسي سوچ سان تعلق هئڻ جي بنياد تي بندوق جي گولي هڻي قتل ڪيو پيو وڃي ته پوءِ ان سماج جا بنياد لڏي ويل سمجهڻ گهرجن. جڏهن بنياد ڌڏي ۽ لڏي وڃن ته پوءِ ته ڪنهن مهل به عمارت پٽ پئجي سگهي ٿي. ورهين کان وٺي مذهب جي بنياد تي جنهن تفريق، شدت پسندي ۽ انتهاپسندي جي آبياري ڪئي وئي هئي ان جو فصل هاڻي تيار ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه کان پوءِ بلوچستان پنجاب جو سرائيڪي ڳالهائيندڙن وارو علائقو، پاڪ-افغان وچ ۾ قبائلي علائقا توڙي سنڌ جا ڪيترائي علائقا انتهاپسندي جي ور چڙهي ويا آهن، اها خطرناڪ صورتحال آهي جو عقل ۽ فهم کي عقيدو مات ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال جو تعلق غربت، ذهني غربت، سماجي جوڙجڪ ۽ ناهموار ترقياتي حالتن سان پڻ آهي پر اهو به درست آهي ته ان قسم جي فڪر جي هڪ منظم طريقي سان آبياري پڻ ڪئي وئي آهي. ڪوئيٽا ۾ هزاره نسل جي ماڻهن کي مکين ۽ مڇرن وانگر مارڻ جي تسلسل جو ضرور ڪو ته بنياد ۽ سبب آهي. عقيدي جي لحاظ کان پڪي هن نسل جو تعلق ايران ۽ افغانستان سان آهي، تعليم ۽ تربيت ۾ هر اقليت وانگر هزاره وارا به ٻين کان اڳڀرا آهن. منجهن پڙهيل لکيل ماڻهن جو وڏو ۽ گهڻو تعداد موجود آهي. ايران جي حمايت هئڻ ۽ روشن خيال سوچ سان سلهاڙيل هئڻ ڪري هو ورهين کان وٺي افغانستان ۾ سني مسلمانن جي ظلم جو شڪار رهندا آيا آهن. حالتن ناهموار هئڻ ڪري هزاره نسل جي ماڻهن جو وڏو تعداد مختلف وقتن تي ڪوئيٽا ۾ ايندو رهيو ۽ اتي آباد ٿي ويو ۽ اڄ هو ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن. ٻين ڪيترن ئي سوالن سان گڏ اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته هزاره مخالفن جا حامي ڪير آهن ۽ کين روڪڻ واري ڪابه قوت ڇو نه آهي، جو آئي ڏينهن هنن کي بنا روڪ ٽوڪ جي سرعام ۽ بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي؟ سمورن پاڙيسري ملڪن جي حالتن، بي آرامي ۽ تبديلي جو اثر هڪ ٻئي تي پڻ پوي ٿو. ايئن افغانستان ۾ 1977ع کانپوءِ جي صورتحال جو سڌو اثر اسان جي ملڪ تي پڻ پيو آهي. 78ع ۾ آيل تبديلي کانپوءِ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق آمريڪا بهادر جي آشيرواڌ سان مذهبي انتهاپسند افغان پناهگيرن جي لاءِ ملڪ جون سرحدون کولي ڇڏيون. لکن جي تعداد ۾ افغان مهاجر بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ پهتا هنن جي نالي تي دنيا مان ڪشڪشول کڻي بي انداز ملڪيت ميڙهي وئي، جنهن ۾ ملڪ جا مان وارا ۽ مقدس ادارا ڀاڱي ڀائيوار هئا. افغاني پناهگير پاڻ سان گڏ هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ انتهاپسند سوچ کي به کڻي آيو. مذهب جي نالي تي سياست ڪندڙ پارٽين پنهنجي مسلمان ڀائرن جي آجيان ڪئي ۽ کين آباد ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. ووٽرن جو تناسب وڌائڻ لاءِ ٽڪي ٽڪي ۾ افغاني مهاجرن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ويا. هو پاڪستان جي شهري هئڻ جي نالي تي ملڪيتن جا وارث ٿي ويا. هنن سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن تي پڻ مذهب جي نالي تي ڦيرو ڏنو ۽ اڄ ڪراچي جي پسگردائي ۾ اهو پناهگير هر قسم جو غير قانوني ڌنڌو ڪري رهيو آهي. اسٽريٽ ڪرائم، ڌاڙا، چوريون، هٿيارن جو وڪرو، منشيات جو واپار، ٽرانسپورٽ جو واپار ۽ چيو ٿو وڃي ته ڪراچي ۾ ڪرائي جو قاتل به افغاني آهي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار ۽ مهرباني سان افغاني پناهگير هتي هر قسم جو اهو ڪم ڪري پيو، جنهن لاءِ قانون ڪوريئڙي واري ڄار آهي ۽ اهو آساني سان اورانگهي ٿو وڃي. اسان جي عسڪري مفڪرن افغانستان ۾ پنهنجا پير کوڙڻ جي لاءِ ايران ۽ انڊيا کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ طالبان جي پٺڀرائي ڪئي، افغانستان ۾ طالبان جي دور کي اسان جي ملڪ جي اعليٰ اختيارين جي حمايت ۽ فڪري مدد حاصل رهي. جيڪو سلسلو 11/9 کانپوءِ هلڪو ٿيو پر صفا ٽٽو يا ختم ٿيو نه آهي. پاڪستان تي هڪ مهرباني ڊڪٽيٽر مشرف به ڪئي. هن لال مسجد جو اشو پيدا ڪري، ان کي فوجي طريقي سان حل ڪندي انتهاپسندن کي سڄي ملڪ ۾ متحرڪ ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي اهو زمانو هو جڏهن بيت الله محسود تحريڪ طالبان پاڪستان قائم ڪئي. تحريڪ طالبان پاڪستان، لشڪر جهنگوي، سپاهه صحابه پاڪستان ۽ اهڙين ٻين تنظيمن ”جهاد“ جي نالي ۾ ماڻهن کي مارڻ شروع ڪيو جنهن سان سماج ۾ انتهاپسندي جي لهر وڌي. جيڪڏهن عسڪري حلقن پاران اها وضاحت اچي ٿي ته سندن لشڪر جهنگوي سان ڪو تعلق نه آهي ته ڏي. شعور ماڻهو جو ذهن ڌڏي ٿو وڃي. ساڳي ريت سڌ سماءُ جي ذريعن ۾ ”گڊ طالبان“ ۽ ”بيڊ طالبان“ جهڙا اصطلاح سامهون اچن ٿا ته پوءِ سوچندڙ ذهن به مائوف ٿي ٿا وڃن. جيستائين انتهاپسندي جي فڪر ۽ سوچ جي ٽوڙ لاءِ ڪا سنجيده ۽ ٺوس حڪمت عملي نه جوڙي ويندي ۽ رياست جا سمورا ادارا ان ۾ ڀرپور حصو نه وٺندا، تيستائين اهو معاملو ڪنهن هڪ طرف نه ٿيندو. هي خطرناڪ قسم جي صورتحال ڪنهن به وقت عالمي طاقتن کي اهو موقعو ڏيندي ته اهي سڌي مداخلت ڪن ۽ پوءِ حالتون ويتر خراب ٿي سگهن ٿيون.