منظم سياسي پارٽي جو سوال!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    منظم سياسي پارٽي جو سوال!
    (
    هر ڪو پاڻ کي عقلمند ۽ سهڻو سمجهي ٿو، الله نه ڪنهن کي سونهن ۾ گهٽايو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي عقل ۾ سمجهايو آهي. ڪنهن فلسفي کان پڇيو ويو هو ته، اوهان عقل ڪٿان سِکيو جواب هو ته، هن عقل بيوقوفن کان سکيو آهي. پڇڻ واري وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ چاهيو، فلسفي چيو ته بيوقوف ماڻهو جيڪو ڪم ڪندو آهي آئون ان جي نتيجي تي نظر رکندو آهيان، جيڪڏهن اهو درست نتيجو هوندو آهي ته ان جي پوئواري ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن نتيجو غلط هوندو آهي ته ان کان پاسو ڪندو آهيان. سو عقل ته بيوقوفن کان به سکي سگهجي ٿو. سکڻ جو عمل اهڙو آهي جيڪو قبر ۾ داخل ٿيڻ تائين به جاري رهندو آهي. تجربن جا حاصل نتيجا انسان جي لاءِ اثاثو هوندا آهن. جيڪڏهن انسان ان کي هيئين سان هنڊائي.
    ڪنهن همراهه مونکي هڪ ”مها سنڌي دانشور“ جي حوالي سان ڳالهه ٻڌائي هئي ته هڪ شخص وٽس آيو ۽ عرض ڪيائين ”مون کي عقل سيکار“ ”مها دانشور“ کيس پنهنجي اوطاق تي شام جو اچڻ لاءِ چيو؛ عقل سکڻ لاءِ آتو همراهه اوطاق تي اچڻ لڳو. مها دانشور روز شام جو ڪچهرين ۾ مشغول هوندو هو ۽ عقل سکڻ لاءِ آيل همراهه کان زور ڏياريندو هو. اهو قصو هلندو رهيو هڪ ڏينهن دانشور جي نوڪر کانئس معلوم ڪيو ته سائين فلاڻو ماڻهو توهان وٽ عقل سکڻ لاءِ ايندو آهي ۽ اوهان ان کان روز زور ڏيارڻ وارو ڪم وٺندا آهيو. مها دانشور چيس ”بابا ان جي کوپڙي جي وسعت ايتري ئي آهي، انڪري هن جو جيترو عقل آهي ان مان اهو ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو“. هڪڙو تمام وڏو سنڌي دانشور چوندو هو ته ”وفاداري“ ڪتي جو وڙ آهي. بهرحال انسان گهڻي ئي ترقي ڪري ويو آهي پر اڃا تائين ”عقل جي ڪا انجيڪشن يا ڪا ٽيبليٽ ايجاد نه ٿي سگهي آهي جو اها ڪنهن کي ڏجي ۽ همراهه جي ذهن ۽ جسم ۾ عقل جو مادو ڊوڙڻ شروع ڪري ڏئي.
    بنيادي طور تي انسان پنهنجي چوڌاري ماحول، حالتن، روين، جيڪو ڏسي ٿو ان مان ۽ رابطي سان سکي ٿو، علم جو محور پهرين استاد هوندو هو، چئبو هو ته ابا فلاڻو ماڻهو فلاڻي استاد جو شاگرد آهي، پوءِ علم جو محور شاگرد ٿيو. چيو ويو ته شاگرد ۾ سکڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي ۽ کيس ڪيترو تجسس آهي ان حساب سان هو سکي سگهندو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جڏهن علم جا شعبا جڙيا، انساني تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل سندس علم کي ڪتابن ۾ ترتيب سان ۽ منظم طريقي سان سهڙيو ۽ سانڍي رکيو ويو، هر علم جا نت نوان شعبا ۽ ان ۾ ٿيندڙ ترقي جي نتيجي ۾ تجربن ۽ تحقيق کانپوءِ خاص علمن/مضمونن جا اصول ۽ ضابطا جوڙيا ويا ته پوءِ علم جو محور نصاب ٿي ويو آهي.
    هن وقت سموري دنيا کي سمجهڻ لاءِ ايترو مواد آهي جو اهو سمورو ڪوبه هڪ ماڻهو سڄي عمر ۾ به حاصل ڪري نٿو سگهي. هاڻي هي دور ”اسپيشلائيزيشن“ جو ٿي ويو آهي. ڪوبه ماڻهو ڪجهه مضمونن ۽ ان سان لاڳاپيل سيڪٽرز يا شعبن ۾ ئي ٿيندڙ جدت ۽ تحقيق کي پهچي سگهي ٿو.
    بدقسمتي سان اسان سنڌي ماڻهو پنهنجي عظيم تهذيبي ورثي جي سحر ۾ ڦاٿل آهيون، صوفي ازم، پير پرستي، انا پرستي آقا پرستي، الله لوڪ وارو مزاج، چرس، ڀنگ، ٺرو ۽ عقيدي پرستي، علم کان ائين پري ڀڄندا آهيون، ڄڻ اسان جو ان سان ڪو تعلق ئي نه آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي ته، هن ڪابه اهڙي بيماري نه خلقي آهي جنهن جو علاج نه هجي. ائين دنيا ۾ ڪوبه اهڙو مسئلو نه آهي، جنهن جو ڪو حل نه هجي. پر هتي سوال ئي ٻيو آهي. اهو هي ته ڇا اسان واقعي گهربل مسئلي جو حل چاهيون ٿا؟
    پنهل کانپوءِ ۽ جڳ مڙيوئي سپنو“ شيخ اياز جو ڪهاڻين ۽ نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن هڪ هنڌ پنهنجي ۽ محمد ابراهيم جوئي جي حوالي سان هڪڙو نثري ٽڪرو لکيو آهي. ”آئون ۽ ابراهيم جويو هڪ ٻيلي/جهنگ ۾ وڃي رهيا هئاسين. ابراهيم جويو منهنجي اڳيان هو ۽ مان هن جي پٺيان هوس. هلندي هلندي مان ٿڪجي پيس. مون ابراهيم جوئي کان معلوم ڪرڻ چاهيو ته ڪيڏانهن پيا هلون. هُن وراڻيو ته تون هلندو اچ. وري مان هلندو رهيس، جڏهن صفا ٿڪجي پيس ۽ پيرن مان رت ٽمڻ لڳو ته ڪاوڙ جي انداز مان، مون پڇيو ”توکي منزل جي خبر آهي ته ڪيڏانهن پيا هلون.؟ ان تي ابراهيم جوئي چيو ته ”منزل جي خبر هئڻ ايتري ضروري نه آهي جيترو هلندو رهڻ ضروري آهي“ خبر ناهي ڇو شيخ اياز جو لکيل اهو جملو اڪثر مون کي پريشان ڪندو رهي ٿو.
    سنڌ ته سياست ۾ ڳچ عرصي کان وٺي قيادت ڪري رهي آهي، هاڻي به سنڌ اڳواڻي ڪري سگهي ٿي، اڄ به سنڌ کي هڪ جديد طور طريقن تحت، منظم ۽ سچي پارٽي جي ضرورت آهي. اها ضرورت هر دور ۾ رهي آهي. ڪنهن جي به نيت تي شڪ نه ڪرڻ کپي. پر عمل مان نيت ۽ ارادا ظاهر ٿي ويندا آهن. هي ڪمپيوٽر جو دور آهي، سنڌ ۾ هڪ اهڙي پارٽي هئڻ گهرجي، جنهن جي تنظيم جي جوڙجڪ جديد طريقن سان سلهاڙيل ۽ منظم هجي. اوطاقي ڪلچر ۽ بيڪار ڪچهرين کي ختم ڪري، علم ۽ آگهي جي لاءِ منظم ۽ ڪارائتا ڪم ڪيا وڃن. پارٽين/تنظيمن/ڪارڪنن جي تربيت ۽ پروپيگنڊا ۽ اشوز بابت جيڪڏهن ڪو ڄاڻڻ چاهي ته هاڻي ته، اهڙو مواد ۽ اهڙا دستاويز ۽ ڪتاب انٽرنيٽ، توڙي ٻين وسيلن سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
    ڇا سنڌ ۾ يونين ڪائونسل يا تعلقي سطح تي هر پارٽي هڪ باقاعده منظم آفيس تيار ڪري، آس پاس موجود مسئلن جي لاءِ سروي نٿي ڪرائي سگهي. مسئلن بابت دستاويز تيار ڪري ان کي منظم گهاڙيٽي ۾ جوڙي ٻين سياسي پارٽين کي عوامي مطالبا/ عوامي گهرج طور موڪلي انهن تي دٻاءُ نٿي وجهي سگهي. ضلعي سطح تي هر پارٽي ماهوار اجلاس طلب ڪري، عوامي مسئلن کي سامهون نٿي آڻي سگهي. حاصل ڪيل مواد ۽ مسئلا، انهن جي حل جون تجويزون، ترتيب ڏئي سهڻي طريقي سان تيار ڪري ميڊيا کي ملوث ڪري نٿي کڻي سگهي.
    تعلقي سطح، ضلعي سطح ۽ مرڪزي آفيسن وچ ۾ منظم رابطو نٿو پيدا ڪري سگهجي. نوجوانن کي انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪري ”ٿنڪ ٽيڪ“ نٿو جوڙي سگهجي. دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين بابت بحث نٿا ڪرائي سگهجن. ماڻهن جي دلين ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سکڻا نعرا ۽ ٺلهيون ڳالهيون ڪري نٿو پهچي سگهجي. عام ماڻهو حالتن سبب پريشان آهي، ان کي هڪ منظم سگهه ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان معرفت رياست مٿان دٻاءُ وجهڻ وارو ڪم ڪري سگهجي ٿو.
    سنجيدگي جو تعلق شعور ۽ ذميواري سان آهي، رڳو هاءِ گهوڙا ڪرڻ بجاءِ عوام کي شعور ڏئي ان کي منظم ڪري هر محاذ، يعني ميڊيا، عدليه ۽ سياسي مرحليوار جدوجهد سان عوام کي منظم ڪري متحرڪ ڪري اڳتي وڌي سگهجي ٿو، پر اهو سڀ ڪجهه رسول بخش پليجي جي لفظن ۾ ”هڪ ورن وڪڙن واري ڊگهي جدوجهد آهي“ ۽ شايد اسان سڀ ”تري تي بهشت“ جا طلبگار آهيون. ڪنهن غير ملڪي دانشور جو چوڻ آهي ته ”اسان انڪري رٿابندي نه ڪندا آهيون جو اسان کي خطرو هوندو آهي ته ڪٿي اسان ناڪام نه ٿي وڃون“.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو