چونڊن جي موسم ۽ ”مڊل مين“ سياستدان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ چونڊن جو چرچو شروع ٿي ويو آهي، هر طرف گهماگهمي لڳي پئي آهي، پ پ وفاق توڙي صوبن ۾ ”مفاهمتي پاليسي“ هيٺ پنهنجو وارو وڄائي وئي، پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪندڙ شريف ڀائرن پڻ اقتدار جو مزو ماڻيو، مشرف جي هٿن مان ٿي ڪري سياست ۾ پنهنجي جدا حيثيت ٺاهيندڙ پنجاب جي چوڌري برادران پڻ اقتدار جي ڦرڻي ڪرسي جا ڦيرا ورتا، جڙڻ کان وٺي اقتدار ۾ رهندڙ ايم ڪيو ايم پڻ روايتي سياست ۾ شامل رهي، خان عبدالغفار جي پونئرن پڻ پنهنجي حڪومت هلائي ڏٺي، گهاٽي ۾ مولانا فضل الرحمٰن وارا ان خيال سان رهيا ته هو اقتدار کان پاسيرا ٿي ويا پر پوءِ به سندن ڪو مسئلو ڪٿي اٽڪيو ڪونه ۽ الله جي دعا سان سندن هر ڪم آسان ٿيندو رهيو. سياست جي ستي ڏاڍي ڪا خراب آهي، ڏسڻ ۾ ته ائين اچي پيو جو جيڪو هڪڙو ڀيرو ان واديءَ ۾ داخل ٿيو آهي اتان نڪرڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي، ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هوندا جن سياست جي ميدان ۾ پنهنجي وعدي جو مان رکيو هوندو يا جن پنهنجي انجام کي پاڙيو هوندو نه ته سياست ۾ اسان وٽ ڏاڍا عجيب و غريب ڪردار ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ماڻهو صبح کان شام تائين اهڙا ته ڪوڙ هڻن ٿا جو ٻڌڻ واري جي پيرن هيٺان زمين نڪريو وڃي پر مٿن ڪو اثر نٿو پوي. سياسي پارٽين ڄڻ پنهنجن ڪارڪنن کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي تربيت ڏئي، اهڙو پڪو پختو ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي ڪوڙ ڳالهائيندڙن جي چهري تي ڦڪائي جي ڪابه رکيا نظر نٿي اچي. هڪڙو خيال هي آهي ته اسان جي ملڪ جي اندروني توڙي پرڏيهي پاليسي جا اصل ٺاهيندڙ ملڪ جا اهي حقيقي والي وارث آهن، جن کي ”فرشتا“ چيو وڃي ٿو؛ هنن ابتدا کان وٺي هن وقت تائين لاءِ اهڙيون ته ”عوامي مفادن“ واريون پاليسيون جوڙيون آهن جو هرحال ۾ اهي ئي ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿين ٿا. يعني ڪا پارٽي ڪيتريون به سيٽون کڻي اچي، پر ان کي هڪ حد تائين اقتدار ۾ ڀائيواري ڏني ويندي آهي پر ڪيترائي اصولي فيصلا اقتدار جي واڳ سنڀاليندڙ پارٽي کي ڪري سگهڻ جي جرئت نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ جو اهي عرف عام ۾ وسيع تر ملڪي مفاد وارا فيصلا هوندا آهن. جن جو حق هنن ”اصل وارثن“ وٽ بهرحال محفوظ هوندو آهي. هڪڙو ٻيو خيال هي پڻ اسان وٽ گردش ڪندو رهي ٿو ته دنيا جي سامراجي ملڪن جي اڳواڻي ڪندڙ آمريڪا ئي اسان جو اصل مالڪ آهي ۽ هو جيڪو ڪجهه چاهيندو ائين ئي ٿيندو، انڪري اقتداري ۾ اچڻ نه اچڻ لاءِ چونڊن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ جو فيصلو آمريڪا جي ۽ اسان جي ملڪ جي اصل والي وارثن جي گڏيل صلاح مشوري سان ٿيندو آهي. تنهنڪري چيو ٿو وڃي ته جيئن ته آمريڪا دنيا ۾ انتهاپسندي خلاف ويڙهه ڪري رهيو آهي ان ڪري اهي پارٽيون جيڪي مذهبي انتهاپسندن جون حامي آهن يا هنن لاءِ نرم گوشو رکن ٿيون اهي اڳتي نه اچي سگهنديون. ساڳئي وقت آمريڪا هڪ اهڙو کيڏاري آهي جيڪو هڪ ئي وقت سمورن رانديگرن کي ساڳي ئي راند ۾ لاهڻ چاهي ٿو، پوءِ جيڪو به کٽي اچي. اهو هرحال ۾ ان جو ئي مهرو هوندو آهي. انڪري آمريڪا پاسو بدلائڻ ۾ به دير نه ڪندو، جنهن مان کيس وڌيڪ فائدو رسندو ان کي ئي اڳتي آڻيندو. اهڙا ٻيا به ڪي خيال آهن جيڪي اسان جي ملڪي سياست جي حوالي سان عوامي توڙي خواصي حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو ڪن ڏئي ٻڌي ۽ اکيون کولي ڏسي ته ان کي ٻڌڻ ۾ ۽ ڏسڻ ۾ پڻ ايندا ۽ محسوس پڻ ٿيندا. ورهاڱي کان اڳ هتي انگريزن جي سرڪار هئي ۽ انهن جي ئي مرضي ۽ منشا سان هن خطي جي عوام کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو، ان لاءِ ماحول ٺاهيو ويو، اڀياس ڪيو ويو، نتيجا حاصل ڪيا ويا پر هو اهو ڪم ڪري ويا، هاڻي ان جو کٽيو کائين پيا. عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، آمريڪا، برطانيا، چين، روس ۽ ٻين ملڪن ۽ ادارن جي به اسان جي خطي ۾ خاص دلچسپي نظر اچي رهي آهي ۽ جنهن جي جيتري سيڙپ ۽ لاڳت آهي اوترو ان جا مفاد آهن ۽ اهي عالمي ملڪ ۽ عالمي ادارا پنهنجي مفادن ۽ سيڙپ کي جاري رکڻ ۽ ان مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ اسان جي ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين پاليسين تي اثر انداز رهيا آهن. ذوالفقار آباد واري اسڪيم، ڪالا باغ ڊيم واري رٿا، ڪراچي جي سامونڊي پٽي، سمنڊ جي اندر موجود ٻيٽ، ٿر جو ڪوئلو، سنڌ جو تيل ۽ گئس وغيره اهڙيون شيون آهن. جنهن کي اوهان هيرا ۽ جواهر سمجهي سگهو ٿا ۽ ان جو اندازو ”جوهرين“ کي ئي هوندو آهي. جوهريءَ اهي عالمي ادارا ۽ عالمي ملڪ ئي آهن. جيڪي اسان جي سياستدانن کي مٿي تان هٿ ڦيرائي ۽ فرشتن جي مدد سان اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري رهيا آهن ۽ حاصل ڪندا رهندا. اسان جو سياستدان صفا ڪو بي خبر به نه آهي هو چريو کريو هوندي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو پر هاڻي سياست به ”مڊل مين“ وارو ڪردار ٿي وئي آهي؛ اسان کان ووٽ وٺي، اسان جي نمائندگي جو سرٽيفڪيٽ وٺي هو اسان کي وڪڻي رهيا آهن، عالمي ادارن آڏو گوڏا کوڙيندڙ اسان جا سياستدان اسان سان ئي کيڏي رهيا آهن. هئڻ ته ائين کپي جو اسان جو ووٽر سياسي ڌرين سان ڇڪي ڳالهائي ۽ هن ڀيري هنن کان قسم نامو ڀرائي وٺي ته، اسان کي، شهري سهولتون گئس، روڊ رستا، بجلي، صاف پاڻي، روزگار، امن ۽ ملڪ جي آئيني موجب هڪ عام شهري کي وقار ڏيندا ۽ اهڙو شرط به رکي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هو اهي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ته پوءِ هنن کان اها نمائندگي واپس وٺڻ جو به ڪو رستو جڙيل هئڻ گهرجي، جو انهن جو به ڪڏهن احتساب ٿي سگهي.