هن اليڪشن ۾ سڀ ڏچي ۾ اچي ويندا؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هن اليڪشن ۾ سڀ ڏچي ۾ اچي ويندا؟

    ڪراچي ۾ مختلف سياسي ۽ اليڪشني ڪچهريون ٿي رهيون آهن. انهن ۾ مختلف دانشور، اخباري ايڊيٽر، مالڪ، عامل صحافي، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسر ۽ اين جي اوز جا صاحب ۽ صاحبائون پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪن ٿا. پنهنجي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪن ٿا. پنهنجي دماغن ۾ سرجيل ڪهاڻيون پيش ڪن ٿا. انهن ڪهاڻين جي بنياد تي پنهنجي ٿيسز Thesis پيش ڪن ٿا. ڪن کي ”واهه.. واهه“ جو دان ملي ٿو. ڪي ڏندين آڱريون وجهي حاضرين کي رڳو گهوري ڏسن ٿا. انهن ڪچهرين ۾ جيئن ته ڪا هڪ ٻه ”صاحبِ راءِ“ عورت پڻ موجود هجي ٿي، تنهن ڪري انهن جي ڳالهه کي سڀ حاضرين خيال سان ٻڌي وري انتهائي ڌيان سان دماغ ۾ ڪڍي ڇڏڻ جي مشق پڻ جاري رکن ٿا. ٻه ٽي ڪلاڪ اها ڪنهن ”مانجهاندي“ يا ”رات جي ماني“ واري ڪچهري ڪنهن سراسري ”اتفاق“ يا ”تڪرار“ تي پوري ٿئي ٿي. پر ان ”متضاد“ نتيجن واري ڪچهري ۾ ڪجهه نصيب جا ڌڻي اهڙا ”حد کان وڌيڪ عامل“ صحافي حضرات خوش خوش روانا ٿين ٿا جن کي ”سنڌ سنوارڻ“ جي ان ڪچهري ۾ نوان نوان شڪار پڻ نصيب ٿين ٿا. انهن سان ...فلاڻي ڏينهن .... فلاڻي هنڌ ملڻ جي ڳالهه طئي ٿئي ٿي. هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر روانو ٿئي ٿو.
    نگران سرڪار جي انهن ڇهن هفتن ۾ اهي ڪچهريون سنڌ جي هر ايريا ۾ پيون ٿينديون. موضوع اليڪشن ۽ انهن جا نتيجا هوندو. ڪهڙي پارٽي سرڪار ٺاهيندي، ڪهڙي ڪهڙي هنڌ ٺاهيندي؟ فلاڻي پارٽي جون مشڪلاتون ڪهڙيون هونديون، فلاڻي کي ووٽ ڇو ملندا؟ ۽ ڇو نه ملندا؟ جهڙا قيمتي سوال پوري آب تاب سان سامهون ايندا. هڪ حساب سان اهي سموريون سرگرميون نج سياسي سرگرميون آهن. انهن جو مقصد انفرادي ۽ اجتماعي آهي. انفرادي ان حساب سان ته ڪجهه فرد چاهيندا ته هن ڀيري اهي پنهنجي پنهنجي شهرن مان چونڊن ۾ بيهن ۽ انهن جي باري ۾ اهو خيال پڪو ٿيندو وڃي ته ”فلاڻا ..فلاڻا اميدوار هيل بيهندا“ انهن پاران ان مشهوري جو سبب اهو پڻ هوندو ته جيئن سندن شهرن ۾ موجود اقتداري پارٽيون ان اميدوار جي باري ۾ نه رڳو سوچين پر انهن جي سيٽن واسطي پنهنجي پنهنجي پارٽين ۾ سندن جاءِ واسطي Re-adjustment جون ڪوششون پڻ ڪن.
    سنڌ ۾ اقتدار جي حوالي سان جيڪي پارٽيون مشهور، موجود ۽ مقابلي واريون رهيون آهن انهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سمورين پارٽين کان وڏي پارٽي آهي. جڏهن ته ٻين پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ ف، ن، ق، جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، پ پ پ (شهيد ڀٽو) ۽ قوم پرست موجود آهن. سنڌ ۾ پنهنجي پنهنجي سگهه جي حساب سان جي يو آءِ، جماعت اسلامي، شهيد ڀٽو ۽ قوم پرست پارٽيون ان ذڪر ۾ سڀ کان آخري نمبرن ۾ اچن ٿيون. ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته انهن تنظيمن ۽ پارٽين اليڪشني سياست جي باري ۾ زمانن کان اها عملي سنجيدگي ڏيکاري ناهي يا وري انهن جي پروگرام ۾ ڪا خاص ڪشش ناهي، جنهن سان عوام جي ووٽ کي قابو ڪري سگهجي. اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ذڪر ڪيل ٻيئي مذهبي جماعتون جيئن ته ”مذهب“ جي عنوان سان ڳڻيون وڃن ٿيون تنهن ڪري سنڌ جو عوام ”سياست“ ۽ ”مذهب“ کي الڳ الڳ نظرن سان ڏسڻ جي ڪري انهن جماعتن کي ”مذهبي“ وڌيڪ ۽ ”سياسي“ گهٽ سمجهندو رهي ٿو. اهڙي طرح، پيپلزپارٽي ۽ شهيد ڀٽو جي باني گهراڻي جي ليڊرشپ ۾ وري فرق نه هجڻ کان سواءِ نعري ۽ سياست جو ڪوبه چٽو فرق نه هجڻ ڪري به اهو ڏٺو ويو آهي. عام طور عوام ”اقتدار ۾ اچي سگهندڙ“ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي ٿو. ان کان اڳيان اهو پڻ لکي سگهجي ٿو ته جيستائين ٻنهي پارٽين جا ”سياسي فرق“ ويڪرا ۽ سياسي ”خيال“ گهرائي تائين تبديل نه ٿيندا تيستائين سنڌ ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي نسبت ۾ وڌيڪ اوليت ۾ هوندي.
    متحده قومي موومينٽ يا ايم ڪيو ايم سنڌ جي اها تنظيم آهي، جيڪا پنهنجي خيالن ۽ اليڪشني طريقن ۾ ٻين کي شامل نه ٿي ڪري. ڪراچي ۾ سندس اهم حيثيت هجڻ جي ڪري اها هر ”کٽندڙ ڌر“ يا ”ذري کان گسي ويندڙ ڌر“ جي اکين ۽ حڪمت عملي جو تارو بنجي انهن تي راڄ ڪري ٿي. ايم ڪيو ايم پنهنجي ان حيثيت جي ڪري جيڪي به انگل ڪري ٿي اهي سڀ مڃڻ يا اقتدار تان هٿ ڌوئڻ جهڙي صورتحال پڻ پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ماڻهن اڪثر ڪري ڏٺو آهي ته اڃا تائين سندس خيالن ، عمل، مطالبن جي حالت اها رهي ٿي ته ”....منهنجي ڳالهه مڃيو نه ته...“. تازي صورتحال پڻ عجيب آهي. اچو ته ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم بمقابله ٻيون سياسي پارٽيون ڏسئون:
    1: پاڪستان پيپلزپارٽي:
    جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌ ام اقتدار واسطي پيپلزپارٽي سڀ کان وڏي ۽ ڪامياب پارٽي رهندي آئي آهي. اڪثر ڪچهرين ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته گذريل پنجن ورهين جي اقتدار ۾ سنڌي ماڻهن جو خيال هيو ته پ پ پ اقتدار ۾ اچي انهن سمورن فيصلن کي ليڪ ڏيندي جيڪي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي دور ۾ سنڌين خلاف ڪيا ويا هيا. پر سنڌي ماڻهن کي پيپلزپارٽي جي باري ۾ ”تحفظات“ ۽ ”شڪايتون“ رهجي ويون ۽ جيڪي اميدون ڪيون ويون هيون اهي صاب پوڻ بدران خواب ئي رهجي ويون. پاڪستان پيپلزپارٽي انهن ڳالهين کي جاري رکڻ ، نون مطالبن مڃڻ يا انهن کي ”ها“ ڪرڻ جي ڪري هڪ پاسي سنڌي ماڻهن کي ناراض ڪري وڌو آهي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم پاڻ کي سنڌي ماڻهن جي ويجهو ٿيڻ بدران پري ڪري ڇڏيو آهي. ( حاصل مطلب اهو ٿيو ته پنجن سالن ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي حمايت وڌائي نه سگهيا آهن، گهٽجڻ جو فيصلو اليڪشن ڪندي. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم به ڪي چڱايون ڪونه ڪيون هيون)
    2: مسلم ليگ فنڪشنل:
    سنڌي قوم پرستن جي اخلاقي ۽ ميڊيائي حمايت ۽ فنڪشنل ليگ جي تازي ليڊرشپ ۾ سنڌي ماڻهن وسطي بنياد فرق هجڻ جي ڪري ان جي مشهوري ۾ الاهي واڌ آئي آهي، پر ، سنڌ ۾ اهو سوال فنڪشنل ليگ واسطي پڻ اهم ترين آهي ته ” اهي اليڪشن کان پوءِ اقتدار ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪنهن سان اتحاد يا ٺاهه ڪندا“ ؟ ظاهر آهي ته ٻه وڏيون پارٽيون پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هونديون. انهن مان پ پ سان ٺاهه ڪرڻ جي ڪري هنن جي سياست تي برف ڪري پوندي ۽ ايم ڪيو ايم سان وري ٺاهه ڪرڻ جي ڪري سندن ”موقعي پرستي“ ظاهر ٿي پوندي ۽ فنڪشنل وارا سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري نه سگهندا. هڪ ڌڪ سان هو قوم پرستن جي اها اخلاقي ۽ ميڊيائي حمايت پڻ وڃائي ويهندا. ( حاصل مطلب اهو ٿيو ته ، فنڪشنل ليگ واسطي ڪي گهڻا رستا کليل ناهن. اهي اليڪشن کان پوءِ ستت ئي وڏي امتحان ۾ اچي ويندا، انهن کي اقتدار ۾ رهڻ واسطي ذڪر ڪيل ٻن مان هڪ جي ويجهو ٿيڻو پوندو پر، سنڌ ۾ اقتداري سياست ۾ اها غيرلچڪداري فنڪشنل ليگ واسطي وڏي نقصان جو پڻ سبب بنجندي،
    قوم پرست پارٽيون:
    ڪهڙي قومپرست تنظيم جو ڪنهن سان اتحاد يا اليڪشني ٺاهه ٿئي ٿو، اهو ته جلد يا دير عوام جي اڳيان اچي ويندو. پر، مٿين ڳالهين جي روشني ۾ قومپرست ، ڪنهن جي مدد ڪن؟ وارو سوال يا ڪنهن سان ٺاهه ڪن؟ واري ترڪيب اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي انهن جي لاءِ پڻ خطرناڪ حالتون پيدا ڪري سگهن ٿيون. هڪ گهڙيءَ لاءِ فرض ڪجي ته جنهن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جا فيصلا سنڌين کي قبول ناهن ۽ انهن ۽ ٻين ڳالهين جي ڪري پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم به قبول ناهن، ته پوءِ، قومپرست ڪنهن پاسي وڃن؟
    ان تي غور به ڪجي ۽ محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ۽ بلوچ قوم پرستن اقتداري سياست جي رواج پذير قدرن ۾ جيڪي ”قوم پرست مصالحا“ ملائي ڇڏيا آهن يا ”قوم پرست“ جي معنا جا ٻه انتهائي ڇيڙا متعارف ڪرايا ويا آهن، هڪ ڇيڙو آهي ، ”جيڪو ڪنهن سان به نه ٺهي“ ۽ ٻيو ڇيڙو آهي ”جيڪو وقت اچڻ تي ڪنهن سان به ٺهي سگهي ٿو“ . پاڪستاني اقتدار غيرنظرياتي ۽ خالص ”سرڪاري اقتدار“ هوندو آهي، ان هجڻ ڪري ان ۾ ڪي به ٻيا مصالحا ملائي نه ٿا سگهجن ۽ نه ئي انهن سان ملي سگهن ٿا. ان ڪري اقتدار جي رواج پذير قدرن سان ”عارضي“ ميلاپ ڪجي يا نه؟ واري ڳالهه پڻ غور طلب آهي. (حاصل مطلب: پاڪستاني اقتداري سياست لاءِ ”جهڙو ديس تهڙو ويس“ واري فارمولا تي غور ڪجي)
    هر وقت اقتدار ۾ رهندڙ لچڪدار طبقو:
    سنڌ ۾ مٿيون طبقو، سنڌ جي وڏيرا شاهي، سنڌ جي آفيسرشاهي، سنڌ جي وڏن شهرن جي سياست ڪندڙ سموريون ڌريون ۽ پرت پاڻ کي لچڪدار رکن ٿا. اوهان سنڌ ۽ سرائڪي بيلٽ ۾ ڪيئي خاندان ڏسو ٿا جيڪي ساڳئي گهر ۾ گڏ هوندي، سياسي طور هڪٻئي کان ڌار ڌار آهن. ان لچڪ Flexibility جي ڪري ذڪر ڪيل سمورن پرتن کي هر گهڙي اقتدار ۾ جاءِ ملندي رهي ٿي ۽ ”غيرنظرياتي اقتدار“ واسطي ” نظرياتي“ ۽ ”قومپرستي“ جي دعوا ڪندڙ سڀ ٻاهر ويٺا هوندا آهن.
    سو، سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪچهريون ٿي رهيون آهن. انهن ڪچهرين سان گڏ بلاول هائوس ۾ پڻ ضلعي وار صلاحون شروع ٿي ويون آهن. ڪهڙا اميدوار ساڳيا هجن؟ ڪهڙا نوان هجن؟ جنهن مان هٿ ڪڍجن ان کي ڇا چئجي ۽ جنهن کي نئون ميدان ڏجي ان لاء ڇا ڇا ڪجي؟ رڪاوٽون ڪهڙيون هونديون ۽ سڻايون ڪهڙيون ٿينديون؟ وارا سوال مشورن هيٺ اچي رهيا آهن. (اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي قومپرست تنظيمن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تي ايندڙ ڀيري بحث ڪنداسين)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو