• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ست رنگي دنيا.

محمد طه

سينيئر رڪن
ست رنگي دنيا۔

هڪ آسمان هيٺان ست رنگي دنيا ڏٺم،
ڪڏهن اوڀر ته ڪڏهن اوله طرف کان سج جا پاڇها ڏٺم۔
ٽهڪڙن جا مختلف رنگ هڪ طرف کان ٿا ٻڌجن،
ٻئي طرف ڪرندا اکين مان خون جا ڳوڙها ڏٺم۔
هڪڙا صبح سوير کائي ٿا نڪرن،
کوڙ مسڪين منجهند کانپوء به نيرانا ڏٺم۔
نرم گاديلن تي ليٽي ڪتا ٿا آرام ڪن،
ڌوڙ ۾ ستل ڪيئي انسان جا ٻچڙا ڏٺم۔
زندگي تي ڪهڙو ٿيو ڀروسو،
چئن ڏينهن لاء ڪهڙا سور۽ صدما ڏٺم۔
 
Back
Top