• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دنيا سهڻي آهي ڇا...؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سائين نثارابڙو جن جو موضوع ”سنڌ سهڻي آهي ڇا۔۔؟“ جي مقبوليت ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿي ته هن موضوع کي 3900 کان وڌيڪ دفعا ڏٺو ويو آهي۔۔ ۽ ان موضوع ۾ 300 کان وڌيڪ سنڌ جون ثقافتي ۽ سماجي تصويرون ڏيکاريون ويون آهن۔۔۔
ان موضوع کي سامهون رکندي ۽ سوچ کي وڌيڪ وسيع بڻائيندي هڪ نئين موضوع جي شروعات ڪجي ٿي۔۔۔ هن موضوع ۾ دنيا جي خوبصورت منظرن ۽ مڪانن کي تصويري صورت ۾ ڏيکاريو ويندو۔۔۔ دوستن کي هن موضوع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔ بس هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکڻ جي تلقين ڪجي ٿي ته تصوير سڌو سئون فورم تي اپلوڊ ڪرڻ بجاءِ ٽني پڪ اپلوڊر ذريعي اپلوڊ ڪريو ۽ لڳائڻ وقت ان تصوير جي تفصيل ضرور لکو۔۔۔ پر جي ڪا اهڙي تصوير هجي جيڪا توهان کي انٽرنيٽ تي ڦرندي ڪافي وڻي هجي پر ان بابت ڪا خبر نه هجي ته هتي ونڊ ڪري ساٿ کان ان بابت تفصيلي ڄاڻ گهرو۔۔۔ ۽ هڪ اهم ڳالهه ته هر تصوير لاءِ الڳ تحرير ڏيو ته جئين موضوع گهڻي لوڊنگ نه وٺي سگهي۔۔۔

*******​
سڀ کان پهريان شروعات مان پنهنجي طرفان ڪريان ٿو۔۔۔

603683_359798617455627_1603174052_n.jpg
ٽن ملڪن جي بارڊر جو خوبصورت منظر ۔۔ هڪ پاسي پيراگوئي ٻئي پاسي ارجيٽينا ۽ ٽئين پاسي برازيل ۔۔۔​
ٽنهي ملڪن جي ته ڄاڻ پئي۔۔۔ ڇا ڪنهن دوست کي خبر آهي ته ٽنهي ملڪن کي الڳ ڪندڙ ان ندي جو نالو ڇا آهي۔۔۔؟
 
اها شايد سلطان صلاح الدين مسجد آهي جيڪا بليو مسجد جي نالي سان پڻ مشهور آهي۔

جڏهن ته برازيل، پيراگوئي ۽ ارجنٽينا کي الڳ ڪندڙ ندي جو نالو پيرانا ندي The Parana River آهي۔ رات جي وقت ورتل ساڳي ئي ندي جي هڪ تصوير جنهن ۾ کاٻي پاسي ٻرندڙ بتيون پياراگوئي جي شهر ڊي ايسٽ جون آهن، جڏهن ته ساڄي پاسي واريون بتيون برازيل جي شهر فوز جون آهن۔

jbjAxKZCYYwkBd.jpg
 
جيڪڏهن ڳالهه ڪبي دنيا سهڻي آهي ڇا؟ ته جواب ۾ قرآن شريف جو هي جملو ته : اي ٻانها تون ڪهڙي ڪهڙي نعمت جو انڪار ڪندين ۔۔؟؟؟ مطلب هن ڪائنات جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڳالهه ڪرڻ ۽ پيش ڪرڻ اسانجي وس کان چڙهيل آهي: هن موضوع جون ٻه ڪيٽيگريون ٿي سگهن ٿيون:​
1۔ قدرتي نظارا ۔۔۔ مثال آمريڪا جو نياگارا فال ۔۔۔ پاڻي جي آبشارن جو هڪ سهڻو منظر​
42255_x1.jpg
2۔ انساني ڪاوشن سان پئدا ڪيل سونهن: جيئن دبئي ۾ برج العرب جي عمارت جيڪا سمنڊ جي ڪناري تي هڪ انساني ڪاوش جو شاهڪار چئجي:
beautiful-places-in-the-world-2-1.jpg
مطلب ته قدرتي ۽ انساني ڪمال ايترا جو هي بيت ياد اچي وڃي ٿو:​
صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون۔​
 
انساني ڪرشمو ۽ ڪمال ۔۔۔ سنگاپور جي هڪ عمارت جيڪي ٻاهران هڪ باغ جو ڏيک ڏئي ٿي​
Park Royal Tower in Singapore is draped with curtains of greenery

944541_454303751322304_1390039249_n.jpg
 
خوبصورت سنڌ، ڪوٽڏيجي قلعو رسمي طور تي قلعو احمد آباد جي نالي سان ڄاتو ويندو هو هن قلعي جي بالادستي ضلعي خيرپور سنڌ سان آهي. هي قلعو راجستان جي ريگستان دريا سنڌ کان 25 ڪلوميٽر پري آهي هي قلعو 1785 کان 1795ع ۾ تعمير ڪيو ويو، ڪوٽڏيجي قلعو 1983ع ۾ بادشاه مير سهراب خان جوڙايو.

zybmes.jpg



فيس بڪ جي پيج ”ڇا توهان کي خبر آهي“ تان ورتل
 
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهون خواب ۾ جنت ڏٺي هجي ته انکي گهرجي ته هو فرانس جو شهر ڪولمار ڏسي ڇڏي ۔۔ جيئري جنت جو سير ٿي ويندو ۔۔۔۔ جهڙيون عمارتون سهڻيون، تهڙا باغ سهڻا ۽ تهڙا ماڻهون ۔۔۔ جوڙا جوڙا ٿي گهمندي نظر ايندا ۽ لڳندو ته الله تعالا انسانن لا جيڪو جنت جو تصور پيش ڪيو آهي سو فرانس وارن چوري ڪري ورتو آهي ۔۔۔​
4235_l.jpg
images
images
6GrandRueColmarAlsaceFrance.jpg
 
سائين نثار ابڙو صاحب جي ونڊ کان متاثر ٿيندي ته فرانس اڳيئي منهنجي پسند جي جڳهه آهي، مان اتي وڃڻ به گهران ٿو پر جئين ته فرانس جي وڻندڙ نظارا سائين نثار ابڙو صاحب پيش ڪيا ان ڪري اچو ته مان اوهان کي دبئي جي سير ڪرايان۔۔۔

Beacon-of-Light-By-Alisdair-Miller.jpg
برج خليفه ۾ لائيٽن جو منظر​
Vertigo-Fog-By-Daniel-Cheong.jpg
ورٽيگو فوگ بلڊنگ​
The-Wave-by-VerticalDubai.jpg
دي ويوو​
 
اچو ته اوهان کي دنيا جون سهڻيون مسجدون ڏيکاريون۔۔يقينن مسجدن کي ڏسڻ کان پو اوهان کي به الله جي عبادت ڪرڻ جو شوق جاڳي پوندو۔۔ آمين توهان به ڏسي سبحان الله ضرور چوندا۔۔سڀ چئو سبحان الله

Holy-Grand-Mosque-in-Makkah.jpg
مسجد الحرام، خانه ڪعبه​
Masjid-Pandan-Kuala-Belait.jpg
مسجد پانڊان۔۔ڪولا بيليٽ​
Putra-Mosque-Putrajaya-Malaysia.jpg
مسجد پترا، ملائيشيا​
Kazan-Qolsharif-Mosque-02.jpg
مسجد ڪول شريف، ڪاذان​
Istanbul-Sultan-Ahmed-Mosque.jpg
سلطان احمد مسجد، استنبول​
Al-Mohanna-Mosque-Shaqra-Saudi-Arabia.jpg
الموحنه مسجد، سعودي عربيه​
Kuala-Ibai-Malaysia.jpg
ڪولا ابائي، ملائيشيا​
 
دنيا جون خوبصورت مسجدون۔۔سبحان الله
Masjid-Perawang-Water.jpg
مسجد پيراوانگ واٽر، زمبيو​
Faisal-Mosque-Pakistan.jpg
فيصل مسجد، پاڪستان​
Crystal-Mosque-Malaysia.jpg
ڪرسٽل مسجد، ملائيشيا​
Kings-Mosque-Lahore-Pakistan.jpg
بادشاهي مسجد، لاهور پاڪستان​
Omar-Ali-Saifuddin-Mosque-Brunei.jpg
عمر علي سيف الدين مسجد، بيرونئي​
Sheikh-Zayed-Bin-Sultan-Al-Nahyan-Mosque.jpg
شيخ زائد بن سلطان النهيان مسجد، دبئي​
 
اها شايد سلطان صلاح الدين مسجد آهي جيڪا بليو مسجد جي نالي سان پڻ مشهور آهي۔

جڏهن ته برازيل، پيراگوئي ۽ ارجنٽينا کي الڳ ڪندڙ ندي جو نالو پيرانا ندي The Parana River آهي۔ رات جي وقت ورتل ساڳي ئي ندي جي هڪ تصوير جنهن ۾ کاٻي پاسي ٻرندڙ بتيون پياراگوئي جي شهر ڊي ايسٽ جون آهن، جڏهن ته ساڄي پاسي واريون بتيون برازيل جي شهر فوز جون آهن۔

ادا گوگلنگ ڪرڻ سان خبر پئي ته ملائيشيا جي ان مسجد جو نالو Masjid Bandaraya آهي جيڪا ملائيشيا جي صوبي صباء جي شهر Kinabalu ۾ واقع آهي (وضاحت لاءِ حاضر آهي هي لنڪ يا وري وڪيپيڊيا جو هي لنڪ)
جڏهن ته برازيل، پيراگوئي ۽ ارجنٽينا کي الڳ ڪندڙ ندي جو نالو Iguassu Falls River آهي (وضاحت لاءِ حاضر آهي هي لنڪ يا وري وڪيپيڊيا جو هي لنڪ)

map4-7-iguassu-falls-large.jpg
 
دنيا جي عجوبن مان هڪ ۔۔۔ هي تصوير ڪنهن لاء به اوپري نه هجڻ گهرجي​
مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جي سنڌ جو رني ڪوٽ قلعو يعني ديوارِ سنڌ ۽ ديوارچين ۾ گهڻو فرق نظر نه ايندو آهي۔۔۔ بس رڳو هُتان جي رکوالي ۽ هِتان جي بيرخي جو واضح فرق لڳندو اٿم۔۔۔

557928_356611577774331_105909814_n.jpg
 
391011_360179150750907_1485131618_n.jpg

مدائن صالح۔۔ سعودي عريبيه۔۔​
مديني پاڪ کان 400 ڪلوميٽر پري اتر اولهه طرف لڳ ڀڳ پهرين عيسوي سن جڙيل هي شهر ٻڌئون ٿا ته 131 ديوڪامت پٿرن ۾ اندر جڙيل گهرن تي مشتمل آهي​
جيڪي لڳ ڀڳ ساڍا 13 ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن۔۔۔​
گهرن جي بناوٽ جو خوبصورت انداز ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ وزني مشينري ۽ ڊيزائيننگ جي جديد ٽيڪنالاجي نه هئڻ باوجود شهر تيار ڪندڙ انساني نسل​
ڪيڏو نه طاقتور ۽ هنر مند رهيا هوندا۔۔​
قرآن پاڪ ۾ ان دور ۾ رهندڙ قوم تي آيل عزابِ الاهي جو ڪئي دفعا ذڪر ٿيل آهي۔۔۔ ان قوم خدا جي نبي حضرت صالح عليه السلام جي نافرماني ڪئي هئي۔۔​
 
شڪاگو ندي 156 ميل يعني 251 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ شڪاگو شهر جي وچان وهي ٿي۔ هن نديء جي سونهن ڄڻ ته شهر جي رونق ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي۔ وڏين ۽ اوچين عمارتن جي وچ مان وهندڙ ۽ رنگ برنگي بتين جي ڪرڻن ۾ رات جو نظارو سچ ته هن نديء جي سونهن ۾ واڌرو ڪري ٿو۔​
وڌيڪ تصويرون ڏسڻ لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو۔​
idxoAm.jpg


676076-Chicago-River-at-Night_view.jpg
 
هي آهي يمن ملڪ جي شهارا پل۔۔۔ سندس مشهوري ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي جو 10 يمني ريال تي پڻ هن پل جي تصوير ڇپيل آهي ۔۔۔​
سنه 1700ع ۾ ٻن جبلن کي ملائيندڙ 300 فٽ جي خطرناڪ مٿاهين تي تيار ڪيل هي پل نه صرف انجينيئرنگ جو شاهڪار نمونو آهي​
پر پنهنجي آس پاس جي خوبصورت نظاري کي شامل ڪندي دل کي انتهائي وڻندڙ منظر پيش ڪري ٿي۔۔۔​
tumblr_kx0wxczx0j1qa9tzfo1_1280.jpg
 
Back
Top