ووٽ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عدالجار پيرزادو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2013۔

  1. عدالجار پيرزادو

    عدالجار پيرزادو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ساحل پيرزادو

    ووٽ!
    اختيار جنهن سان
    اسان ڪنهن ادنيٰ کي
    اعليٰ منصب تي پهچايون ٿا.
    اختيار جنهن جي
    پسِ پرده سگهه کان
    اسان اڃا اڻڄاڻ آهيون
    اختيار جنهن جي صحيح
    استعمال سان
    هوند اسين هن حال ۾
    نه هجون ها.
    تعليم کان وانجهيل
    ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ کان محروم
    بيروزگاري جي ڀاڪر ۾
    ميرٽ جو نالو ئي نه!
    يونيورسٽيز مان پڙهائي گم
    ماستر هوٽلن تي ويٺل
    سيلابس مان سنڌي مضمون غائب
    اهو ئي سڀ مليو آهي
    اسان کي قيمتي ووٽ بدلي
    ووٽ جيڪو اڄ به
    ڀوتارن جي ملڪيت بڻيل آ
    اچي گاڏي تي کڻي وڃي
    جنهن نشان تي ٺپا هڻرائين
    ۽ وري اسان جو چوڻ ته
    اسان سجاڳ ٿي چڪا آهيون،
    اها ئي آهي اسان جي سجاڳي!
    يا ته اسان مرڳو ووٽ ڏيون ئي ڪونه
    جي وري ڏيون ته ساڳين ئي ڀوتارن کي
    وري مٿان اميد ڪريون
    تبديلي ۽ انقلاب جي
    ڇا ايئن قومن انقلاب آندا آهن!؟
    هرگز نه!
    ايئن ممڪن ئي ناهي
    ان لاءِ عملي جاکوڙ گهرجي
    جيڪا نوجوانن ۽ پورهيتن جي
    بغاوت کانسواءِ ممڪن ئي ناهي
    ۽ اها بغاوت به تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي
    جڏهن سجاڳي اچي
    سجاڳي تعليم بابت
    سجاڳي بنيادي حقن بابت
    ۽ سجاڳي سماج بابت
    اچو ته سڀ ساڃاهه وند
    انساني سجاڳي لاءِ گڏجي
    پنهنجو ڪردار ادا ڪريون
    ۽ قوم کي ازلي غلامي کان نجات ڏياريون
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌيت..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو